مالياتي ايوارڊ ۾ صوبن جي ڪٽوتي بدران ڪرپشن جو خاتمو ضروري؟

اسلام آباد( قربان بلوچ+امتياز گل)وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ دولت جي نئين ورهاست جو معاملو سامهون اچي ويو آهي۔ جمعي جي ڏينهن اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، پندرهن سالن کان پوءِ هي ڪميشن جو اجلاس ٿي رهيو آهي۔ صوبن کي جيڪي مالي وسيلا ڏنا ويا هئا، انهن تي هاڻي سنجيدگي سان ڪٽ لڳائڻ لاءِ سڄي تياري ڪئي وئي آهي۔ هي اين ايف سي جو اجلاس صرف مالي معاملا نه، پر هڪ وڏي نفسياتي جنگ هوندي۔وفاق هن جنگ ۾ تيار لڳي رهيو آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ وفاق سان طاقتور ادارا جڙيل آهن، ۽ انهن جي ڪوشش آهي ته وفاق جا مالي وسيلا وڌايا وڃن يا گهٽ ۾ گهٽ خرچن جو بار صوبن تي منتقل ڪيو وڃي۔ وفاقي حڪومت هڪ پنج رڪني وزارتي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي، جيڪا تقريباً سفارشون تيار ڪري چڪي آهي۔هاڻي سوال اهو آهي ته صوبن، خاص ڪري ننڍن صوبن، هن نفسياتي جنگ ۾ پنهنجا حق بچائڻ لاءِ ڪيتري تياري ڪئي آهي؟ ۽ انهن جون ٽيمون ڪيترو زور رکن ٿيون؟سنڌ جي ٽيم تي به سوال اڀرن ٿا۔ سنڌ جا وزيراعليٰ مراد علي شاهه پاڻ ئي ناڻي وارو وزير، پر ڇا هو وفاق سان مالي ڳالهين ۾، يا ارڙهين ترميم بابت وفاقي مطالبن جي حوالي سان ڪافي تيار آهي؟ جڏهن سنڌ اندر به ڪيترائي مسئلا آهن، ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت اندروني چئلينجن ۾ ڦاٿل آهي، ته سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا مراد علي شاهه پنهنجي ٽيم کي صحيح رهنمائي ڏئي سگهندو؟ جيڪڏهن نه، ته پوءِ سنڌ جي عوام کي وڏو نقصان ٿيندو، جيڪو ناقابل برداشت هوندو۔سنڌ جو خانگي ميمبر سيد اسد آهي، جيڪو پي ايڇ ڊي ۽ معاشيات ۾ وڏو تجربو رکي ٿو۔ پر جيئن مون چيو، هن اجلاس ۾ ڳالهه رڳو انگن اکرن جي نه، پر هڪ سخت نفسياتي جنگ جي آهي۔ سوال اهو آهي ته ڇا هڪ خانگي شخص وفاقي ادارن جو دٻاءُ برداشت ڪري سگهندو؟سنڌ جي فنانس سيڪريٽري بابت به سوال آهن ته  وفاقي بيووروڪريسي سان معاملا سنڀالڻ جو تجربو نه هجڻ ڪري اهو خدشو آهي ته ڇا هو سنڌ لاءِ مضبوط ڪيس تيار ڪري سگهندو؟وفاق جا جيڪي مطالبا سامهون اچي رهيا آهن، انهن ۾ دفاعي خرچن ۾ صوبن کان حصو وٺڻ۔بي آءِ ايس پي ۾ حصو ڏيڻ۔قرضن ۽ وياج جي واپسي ۾ صوبن کان حصو وٺڻ۔قومي منصوبن ۾ صوبن کان مالي شرڪت ڪرائڻ۔صوبن کي ڏنيون  ويندڙ گرانٽون ختم ڪرڻ۔بين الصوبا معاملن جا خرچ صوبن تي منتقل ڪرڻ شامل آهن، ان جو مطلب آهي ته هاڻي وڏا منصوبا، جهڙوڪ ڊيم، ريلوي يا موٽروي وغيره، وفاق اڪيلي نه ڪندو، پر صوبن کان پيسا گهرجن،ماهر چون ٿا ته هي مسئلي جو حل ناهي،جيستائين ٽيڪس جو دائرو وڌايو نٿو وڃي، ايف بي آر۾ سڌارو نٿو اچي، ڪرپشن جو خاتمو نٿو ٿئي ۽ مالي وسيلن جو صحيح استعمال نٿو ٿئي، صوبن جي حقن تي ڪٽ لڳائڻ سان مسئلا حل نه ٿيندا، جيڪڏهن صوبن کي مالي طور ڪمزور ڪيو ويو ته وفاق به ڪمزور ٿيندو ٻئي پاسي اسٽيبلشمينٽ ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جو به ارادو رکي ٿي پر سوال اهو آهي ته نون انتظامي يونٽ سان ملڪ جا مسئلا حل ٿي ويندا؟توهان وٽ خودمختيار صوبا اڳ ئي آهن،گورننس جو مسئلو آهي،حڪومت ڪاري جو مائنڊسيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي،ارڙهين ترميم جون ڪجهه شقون ڀلي ختم ڪيون وڃن پر بهتر حڪمراني لاءِ قدم کڻڻا پوندا.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 27 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.