اسلام آباد(اعجاز سليم+راجا عاطف ذوالفقار+زاهد گشڪوري)بحريا ٽائون جو ڊپٽي چيئرمين ڪرنل(ر)خليل پنهنجي باس ملڪ رياض خلاف واعده معاف گواهه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،هن جي ضمانت ٿي وئي آهي جڏهن ته هڪ ٻئي طاقتور برگيڊيئر(ر)ظفر جي به ضمانت ٿي وئي آهي،جڏهن ته نيب ۽ ايف آءِ اي دعويٰ ڪئي اهي ته بحريا ٽائون پاران گهٽ ۾ گهٽ 5300 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي،ايف آءِ اي حواله هنڊي خلاف ملڪ ۾ وڏو ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي،ايف آءِ اي مطابق پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض،هن جي پٽ علي رياض۽ هن جي ويجهن ساٿين شاهد قريشي،عامر رشيد اعواڻ سميت بحريا ٽائون جي انتظام هيٺ هڪ وڏي حواله هنڊي نيٽ ورڪ خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪئي وئي آهي،ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪنگ سيڪٽر ۽ اينٽي مني لانڊرنگ سرڪل جي آفيسرن تي تي ٻڌل هڪ جوائنٽ ٽيم جديد ترين مالياتي نيٽ ورڪ کي پڪڙيو آهي،مني لانڊرنگ ۽ حواله هنڊي جي سلسلي ۾ ڪل 17 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون اهن،جن ۾ هيل تائين 15 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي،ٻن وڏن حواله هنڊي نيٽ ورڪس کي ڪاميابي سان ختم ڪيو ويو آهي،بحريا ٽائون جي آفيسن تي ڇاپن دوران انتهائي اهم رڪارڊ قبضي ۾ ورتو ويو آهي،200 کان وڌيڪ فائل هٿ ڪيا ويا آهن جن ۾ بدعنوان مالياتي طريقن،غيرقانوني منتقلي ۽ اڻ اعلانيل دولت جا وسيع ثبوت موجود آهن،ايف آءِ اي مطابق ڪرپشن جي مد ۾ حاصل ڪيل اربين رپين جي اثاثن جي نشاندهي ڪري انهن کي ضبط ڪيو ويو، بحريا ٽائون جي سينئر عملي جي گرفتاري ۽ جاچ دوران حواله هنڊي ۽ مني لانڊرنگ جو مڪمل نيٽ ورڪ بي نقاب ٿيو،ذريعن موجب بحريا ٽائون پاران هڪ موقعي تي هڪ کرب 58 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي،مارچ 2025 تائين هڪ ارب ۽ 2015ع کان 2025ع تائين 24 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي وئي آهي،ٻئي پاسي گڏيل عرب امارتن جي حڪومت ملڪ رياض جي حوالگي سان ڪو به خاطر خواهه جواب ناهي مليو.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 27 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو