لاهور(م ڊ) هندستان پاران بنا اطلاع جي پاڻي ڇڏڻ سبب پاڪستان جي دريائن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي. ستلج، راوي ۽ چناب دريائن ۾ اوچي درجي جو چاڙهه اچي ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ درياهه ڪناري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي وياآهن، جڏهن ته مختلف ضلعن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي ۽ پي ڊي ايم اي موجب ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگھه والا جي مقام تي اوچي درجي جو چاڙهه آهي، جڏهن ته هيڊ سليمانڪي تي وچولي درجي جي ٻوڏ رپورٽ ڪئي وئي آهي. راوي درياهه ۾ به پاڻي جي سطح تيزي سان وڌي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ گنڊا سنگھ ڀرسان پنجاهه کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن. متاثر ٿيل علائقن مان ماڻهن جي منتقلي جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. اوڪاڙو ۽ بوريوالا ڀرسان حفاظتي بند ٽٽي پيا. بهاولنگر، منچن آباد، بابا فريد پل، ڀوڪان پتن ۽ عارف والا ۾ به تباهي جا منظر ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، جتي درياهه جي وهڪرن بيٺل فصلن کي لوڙهي ڇڏيو. ڀارت پاران درياهه راوي تي قائم ٿين ڊيم جا سڀ دروازا کوليا ويا، جنهن سبب ڪوٽ نينان مان 2 لک 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي درياهه راوي ۾ داخل ٿي چڪو آهي.ر اوي درياهه ۾ جسڙ جي مقام تي پاڻي جو وهڪرو 90 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته شاهدره تي 40 هزار ڪيوسڪ تائين پهچي ويو آهي. چشتيان ۽ احمد پور شرقيه ۾ ڪيترائي بند ٽٽي پيا آهن،. چنيوٽ ڀرسان ان جو وهڪرو 1 لک 10 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هيڊ مراله وٽ وهڪرو داخل ٿيڻ سبب سرحدي ڳوٺن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. شڪرگڙھ، فيروزوالا ۽ ٻين هيٺاهن علائقن ۾ ضلعي انتظاميا سرگرم ٿي وئي آهي. نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) چيو آهي ته تيز برساتن ۽ امڪاني تباهي آڻيندڙ ٻوڏ صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن مان هينئر تائين تقريبن ڏيڍ لک ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.