گليشيئر ڦاٽڻ جو وقت سر اطلاع ڏيندڙن لاءِ 25 لک رپيا انعام

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف گلگت بلتستان ۾ گليشيئر ڦاٽڻ جي خطري بابت بروقت اطلاع ڏئي 300 جانيون بچائيندڙ قومي هيروز سان ملاقات ڪئي ۽ کين في ماڻهو 25 لک رپيا انعام سان نوازيو. ملاقات ڪندڙن ۾ وصيت خان، انصار ۽ محمد خان شامل هئا، جن جي بروقت اطلاع سبب وڏي جاني نقصان کان بچاءُ ممڪن ٿيو. وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته 24 ڪروڙ عوام جي طرفان توهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، اوهان ذميواريءَ سان انساني جانين کي بچائڻ لاءِ بروقت اطلاع ڏنو، جيڪو عمل هميشا سونهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته موسمياتي تبديلي واري وزارت گلگت بلتستان ۾ اڳواٽ اطلاع ڏيڻ واري نظام تي تيزيءَ سان ڪم ڪري رهي آهي. قومي هيروز انعام ۽ پذيرائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.