سري نگر(م ڊ) والاريل ڪشمير جي ڏکڻ واري علائقي ڄمون ۾ درياءَ توي ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ ۽ لاڳاتار برساتن سبب پوري علائقي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، حڪومت ڄمون سان گڏ ڪشمير ۾ به الرٽ جاري ڪندي حساس علائقن ۾ اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، موسميات کاتي موجب ڄمون ۾ گذريل ڏينهن 199 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن جي ڪري توي درياءَ سان گڏ ندي نالن ۽ وهڪرن جو پاڻي روڊن ۽ وسندين ۾ داخل ٿي ويو، ٻوڏ جي وهڪرن سبب ڪٺوعه-پٺاڻ ڪوٽ هاءِ وي تي سحرخور واري علائقي ۾ هڪ ڊگهي پل ٽٽي پئي، جنهن سان آمد و رفت متاثر ٿي وئي، توي واري علائقي ۾ هڪ ميڊيڪل ڪاليج جي عمارت جي پهرين ماڙ تائين پاڻي پهچي ويو، جنهن کان پوءِ درجنين شاگرد ۽ شاگردائون محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا.