ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام جي جاري رٿائن لاءِ 80 سيڪڙو فنڊ مختص

ڪراچي(رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيل اجلاس جي صدارت ڪندي ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام (26-2025) جو جائزو ورتو جنهن ۾ هن ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن جي شفاف ۽ مؤثر عملداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاليسي فيصلا ڪيا. اجلاس ۾ وزير رٿابندي ۽ ترقي ناصر شاهه، وزير بلديات سعيد غني، چيـف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين منصوبابندي ۽ ترقي نجم شاهه، سيڪريٽري وزيراعليٰ رحيم شيخ، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي سميت ٻيا آفيسر موجود هئا. سنڌ حڪومت مالي سال 2025-26 جي صوبائي بجيٽ ۾ ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام جي منصوبن لاءِ 55 ارب رُپيا رکيا آهن. طئي ڪيو ويو ته ضلعي سالياني ترقياتي پروگرام 2025-26 لاءِ موجوده طريقيڪار برقرار رکيو ويندو ۽ ان عمل کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي به قائم ڪئي ويندي. فنڊن جي ورڇ کي برابر بڻائڻ لاءِ وڏي وزير فيصلو ڪيو ته 80 سيڪڙو فنڊ جاري منصوبن لاءِ ۽ 20 سيڪڙو نون منصوبن لاءِ رکيا ويندا. ڪنهن به منصوبي جي گهٽ ۾ گهٽ منظوريءَ جي حد 50 لک رُپيا مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌ ۾ وڌ حد ضلعي ترقياتي ڪميٽين لاءِ 4 ڪروڙ رُپيا ۽ ضلعي ترقياتي بورڊن لاءِ 6 ڪروڙ رُپيا هوندي. وڏي وزير چيو ته پنهنجي ضلعن ۾ ڊي سي ترقياتي منصوبن جا پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.