حماد اظهر پاران پيءُ جي خالي سيٽ تي چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ جي اڳواڻ حماد اظهر ضمني چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته مان امڙ جو اڪيلو پٽ آهيان، نٿو چاهيان منهنجي امڙ ٻيهر ڪنهن صدمي مان گذري، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ حماد اظهر پنهنجي والد ۽ اڳوڻي گورنر پنجاب ميان محمد اظهر جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل سيٽ اين اي-129 تان ضمني چونڊ نه وڙهڻ جو اعلان ڪيو، منهنجو فارم 47 واري پارليامينٽ جو حصو بڻجڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪا جعلي ميمبرن سان ڀريل آهي، گذريل ڀيري جڏهن منهنجي 82 ساله والد چونڊ وڙهي هئي ته کين پوليس پاران هراسان ڪيو ويو، گرفتار ڪيو ويو ۽ گهر تي بار بار حملا ڪري تباھي مچائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.