اسلام آباد (م ڊ) ڀارت 24 ڪلاڪن ۾ پاڪستان سان ٻيهر رابطو ڪري ستلج درياهه ۾ امڪاني ٻوڏ بابت اڳواٽ اطلاع ڏئي ڇڏيو، سفارتي ذريعن موج، ڀارتي هاءِ ڪميشن، پاڪستان جي پرڏيهي وزارت سان رابطو ڪري ستلج درياهه ۾ ٻوڏ بابت معلومات فراهم ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت ماضي ۾ به ٻوڏ وارو پاڻي بابت پاڪستان کي آگاهه ڪندو رهيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان جو چوڻ آهي ته ڀارت سنڌ طاس ڪميشن بدران سفارتي چينلن ذريعي ٻوڏ جون وارننگز ڏنيون، جڏهن ته پاڪستان واضح ڪيو ته ڀارت معاهدي جي سمورن شرطَن تي مڪمل عمل ڪرڻ جو پابند آهي، ترجمان وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل قرار ڏيڻ بين الاقوامي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي آهي ۽ اهڙا هڪ طرفا قدم علائقي جي امن ۽ استحڪام تي ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا. واضح رهي ته گذريل رات به ڀارت پاڪستان کي توئي درياهه ۾ ڄمون واري علائقي ۾ امڪاني وڏي ٻوڏ اچڻ بابت آگاهه ڪيو هو، ذريعن موجب، اهو رابطو مئي ۾ ٿيندڙ پاڪ-ڀارت جنگ کان پوءِ پهريون وڏو رابطو هو، ٻئي پاسي ڀارت طرفان ستلج کان پوءِ راوي درياهه ۾ به وڏي مقدار ۾ پاڻي ڇڏڻ سبب ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو، ڊپٽي ڪمشنر موجب، درياهه راوي ۾ ڪوٽ نينان وٽ پاڻي جو وهڪرو 79 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. نالو اوج ۾ جلاله وٽ وهڪرو 48 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ جسڙ وٽ 73 هزار 926 ڪيوسڪ رهيو، جڏهن ته نالو بسنتر ۾ وهڪرو 1,800 ڪيوسڪ ۽ نالو بئين ۾ 1,656 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ٻئي پاسي، ستلج ۾ ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ بعد گنڊا سنگھھ والا وٽ اونھيءَ درجي جو ٻوڏ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.