ڊاڪٽر طرفان گمس ۽ خيرپور ميڊيڪل مان پگهار کڻڻ جو انڪشاف

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) گمس مان 3 لک 38 هزار ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ لک 45 هزار پگهار، ڊاڪٽر علي اصغر ڪيريو هڪ ئي وقت ٻن هنڌن تان پگهار کڻڻ لڳو، سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبر موجب ڊاڪٽر علي اصغر ڪيريو پاران هڪ وقت گمس گمبٽ ۽ خيرپور ميڊيڪل مان پگهار کڻڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب ٻنهي جڳهين تان ڊاڪٽر پاران پگهار کڻڻ وارا دستاويز  سامهون اچي ويا، دستاويزن موجب ڊاڪٽر علي اصغر ڪيريو گمس ۽ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج مان ڌار ڌار پگهارون حاصل ڪندو رهيو آهي، ٻئي پاسي ڊاڪٽر علي اصغر ڪيريو جو چوڻ آهي ته گمس ۾ ڪم ڪندو آهيان، خيرپور ميڊيڪل ڪاليج واري هاڻي پگهار بند آهي، اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي هلڻ بعد صارفين پاران دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، هڪ صارف چيو ته ڊاڪٽر اصغر ڪيريو کي جيترو علم ۽  تجربو آھي ان لاءِ ھي پگھار اٽي ۾ لوڻ برابر به ناھي، باقي آٽونامس ادارن ۾ ڊبل ڊيوٽي ڪبيون آھن ھي ھڪ سازش آھي ڊاڪٽر صاحب لاءِ، ڊاڪٽر ھڪ بھترين دوست ڊاڪٽر آھي، هڪ ٻي صارف خبر تي ڪمينٽ ۾ لکيو ته پنجاب جا پابندي مڙهيل نااھل ڊاڪٽر گمس مان لکين رپيا پگهار، تمام گهڻيون مراعتون کڻن ٿا پنھنجا نااھل مائٽ ڇوڪرا اداري ۾ اسپتال ۾ڀرتي ڪرايون ويٺا آهن، سڀ کان اڳ ۾ انھن جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.