ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) گلشن حديد فيز ٽو ۾ غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي اڳواڻي ۾ پهتل سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم مٿان حملو، انسيڪٽر مٿان سخت تشدد، ٽيم بنا آپريشن واپس، گلشن حديد فيز ٽو ۾ قائم غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽر عبدالطيف جروار ۽ سليم حبيب جي اڳواڻي ۾ ٽيم پهتي، ٽيم پاران آپريشن شروع ڪيو ويو ته ٽيم مٿان اڻ ڄاتل ماڻھن حملو ڪري ڪم بند ڪرايو، ان موقعي تي انسپيڪٽر طارق خاصخيلي جا ڪپڙا ڦاٽي پيا، واقعي بعد ٽيم واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي جتان پوليس ايم ايل او ڏئي جناح اسپتال منتقل ڪيو، متاثر انسپيڪٽر طارق خاصخيلي موجب ٽيم غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ پهت ته فيميس بيڪري جي مالڪ ۽ پ پ ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو جي موجودگي ۾ اسٽيل ٽائون جي ڪائونسلر دانش کوکر ، فيصل شيخ ۽ ٻين ٽيم مٿان تشدد ڪيو، ٻئي طرف يوسي 4 گلشن حديد جي وائيس چيئرمين مير عباس ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فيميس بيڪري پاران اڏاوت غيرقانوني آھي، غيرقانوني اڏاوتن خلاف بنا ڪنهن دٻاءُ جي آپريشن جاري رکيو ويندو.