ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ طوفاني برساتن جو امڪان

اسلام آباد(م ڊ) پنجاب سميت ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڄ کان طوفاني برساتن جو امڪان آهي، جنهن سبب اربن فلڊنگ ۽ جبلن جي سلائيڊ ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي، جڏهن ته اربن فلڊنگ ۽ لينڊ سلائيڊنگ بابت انتظاميه سڀني کاتن کي الرٽ پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي، موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته خيبر پختونخوا جي ضلعن چترال، دير، سوات، شانگلا، بونير، ڪوهستان، مانسهره ۽ ايبٽ آباد سميت چارسده، نوشهره، صوابي ۽ مردان ۾ ندين ۾ ٻوڏ اچي سگهي ٿي، جڏهن ته مري، گليات، اسلام آباد، راولپنڊي، اتر اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ ڊيره غازي خان جا هيٺاهن علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي، موسميات کاتي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر  وارن علائقن ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

  1. سنڌ ۾ 27 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ برساتن جو امڪان ختم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سوڌو سنڌ ۾ 27 آگسٽ سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ وڏي برساتن جو امڪان هاڻي ختم ٿي ويو آهي، موسميات کاتي موجب، في الحال ڪراچي ۾ وڏي برسات جو ڪو به امڪان ناهي ۽ آگسٽ جي آخر تائين تيز برساتن جو امڪان ناهي، موسميات کاتي موجب  راچي سميت سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات ۽ ڦُڙ ڦُڙ جو امڪان برقرار رهندو، ٻئي طرف موسميات کاتي موجب اڄ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ ڪشمير جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ کنوڻ سان گڏ برسات ٿيڻ جو امڪان آهي.

  1. غيرقانوني اڏاوت بابت ڏنڊ معاف ڪرڻ جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ غيرقانوني اڏاوت بابت ڏنڊ معاف ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. عدالت درخواست گذار تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻن لک رپين جو ڏنڊ فوري طور جمع ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ رقم ٻيڻي ڪئي ويندي. جسٽس اقبال ڪلهوڙي رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان عدالت جو وقت ضايع ڪرڻ آيا آهيو، اوهان جو ڪم ماڻهن کي بليڪ ميل ڪرڻ آهي. عدالت واضع ڪيو ته ڏنڊ ڪنهن صورت معاف نه ٿيندو.

  1. لاهور ۽ ڪراچي ۾ فاصلو گهٽجڻ وارو، تيز ترين ريل گاڏي هلندي

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ريلوي لاهور ۽ ڪراچي جي وچ ۾ 20 ڪلاڪن جو سفر  صرف 5 ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻ لاءِ ملڪ جي پهرين بُلٽ ٽرين جو منصوبو پيش ڪيو آهي، هي منصوبو 2030 تائينمڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي جو چوڻ آهي ته تيز رفتار ٽرين نه رڳو پاڪستان جي پراڻي ريلوي نظام کي جديد بڻائيندي، پر هوائي سفر جي مقابلي ۾ هڪ سستي ۽ تيز سهولت به فراهم ڪندي، هن منصوبي جي قيمت 6.8 ارب ڊالر آهي، جيڪو سي پيڪ تحت شروع ڪيو پيو وڃي، بُلٽ ٽرين 1215 ڪلوميٽر ڊگهي پٽڙيءَ تي ڪراچي ۽ لاهور جي وچ ۾ هلندي، جنهن جا وڏا اسٽاپ حيدرآباد، ملتان ۽ ساهيوال هوندا، هي ٽرين 250 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڊوڙندي، ٽڪيٽن جي قيمت اڪانومي ۽ بزنس ڪلاس لاءِ 5 هزار کان 10 هزار رُپين تائين رکڻ جو امڪان آهي، جيڪا هوائي سفر جي 20 کان 30 هزار رُپين واري ڀاڙي کان گھٽ آهي.

  1. ڪراچي ۾ فائرنگ جي ٻن واقعن ۾ 4 ڄڻا قتل

ڪراچي/ملير (نمائندن وٽان) سائٽ سپر هاءِ وي ۽ ملير جي فقيرا ڳوٺ ۽ جنجال ڳوٺ وارن علائقن ۾ فائرنگ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جنهن بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. ضلعي اوڀر جي پوليس ترجمان موجب سائٽ سپر هاءِ وي تي هوٽل وٽ فائرنگ دوران 3 ڄڻا قتل ٿيا جن ۾ عثمان پٽ بلاد خان، سلطان پٽ عبدالحميد ۽ سجاد پٽ گل جان شامل آهن، جڏهن ته 2 واٽهڙو به زخمي ٿيا. هوٽل تي ويٺلن تي حملو ڪيو ويو، جن ۾ مارجي ويل عثمان عرف دارو پوليس موجب اڳ ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث رهيو هو. گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ايسٽ کان رپورٽ طلب ڪري ڇڏي ۽ حڪم ڏنو ته جوابدارن جي گرفتاري يقيني بڻائي وڃي. ٻئي طرف ملير جي جنجال ڳوٺ ويجهو ڌرين ۾ جهيڙي بعد فائرنگ ٿي جنهن ۾ ظهير شاهه پٽ امان الله مارجي ويو. ريسڪيو ذريعن مطابق نور عثمان پٽ بابو زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعن جا ڪارڻ شروعاتي طور تي ذاتي دشمني جو نتيجو لڳن ٿا، وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.