راڻا ثناءُ الله گهر حملو ڪيس: عمر ايوب ۽ زرتاج گل سوڌو 59 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا

فيصل آباد (م ڊ) فيصل آباد جي دهشتگردي ٽوڙ جي خصوصي عدالت 9 مئي تي راڻا ثناءُ الله جي گهر تي حملي ڪيس جو فيصلو ٻڌايندي 59 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي مرڪزي اڳواڻن سميت مجموعي طور تي 75 جوابدارن کي 9 مئي تي رانا ثناءُ االله جي گهر تي حملي واري ڪيس ۾ قيد جون سزائون ٻڌائي ڇڏيون. عدالت طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل، ڪنول شوزب، احمد چٺه، راءِ حسن نواز، انصر اقبال ۽ بلال اعجاز سميت 59 جوابدارن کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي. ان کانسواءِ ساڳئي ڪيس ۾ ٻين 16 جوابدارن کي 3، 3 سال قيد جون سزائون ٻڌايون ويون آهن، جڏهن 109 مان 34 جوابدارن کي بري ڪيو ويو، بري ٿيندڙ جوابدارن ۾ فواد چوڌري ۽ زين قريشي به شامل آهن. پي ٽي آءِ طرفان ان ڪيس ۾ ٻڌايل سزائن کي ”ناانصافي“ قرار ڏنو ويو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري جو چوڻ آهي ته  9 مئي جي آڙ ۾ عام شهرين، سندن گهرڀاتين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان نه رڳو ناانصافيون ٿي رهيون آهن پر کين هيسايو پيو وڃي، زندگيون برباد ڪيون پيون وڃن ۽ مٿن تي ناقابلِ تصور ظلم ڪيا پيا وڃن، ياد رهي ته فيصل آباد ۾ 9 مئي تي ڀڃ ڊاهه ۽ گهيراءُ جي ڪيسن ۾ 4 ڪيس داخل ٿيا هئا جنهن مان 3 ڪيسن جا فيصلا اڳ ۾ ٻڌايا ويا هئا، چوٿون ڪيس راڻا ثناءُ الله جي گهر تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو سمن آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل هو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت سوڌو 109 ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.