پ پ چيئرمين جون ڳوٺ ۾ ٻارن سان ڳالهيون

نئون ديرو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڳوٺ راهوجا ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺهيل ۽ تعمير هيٺ گهرن جي دوري دوران هڪ گهر جي معصوم ٻارڙن سان سان دلچسپ ڳالهه ٻولهه پڻ ٿي جنهن معصوم شفا سان مخاطب ٿيندي کيس چيو ته اوهان وڏا ٿي ڇا ٿيندا ته جواب ۾ شفا وراڻيو ته آءُ وڏي ٿي ڊاڪٽر ٿيندس ان جي جواب ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وراڻيو ته اسان جي ملڪ کي بهتر ڊاڪٽرن جي ضرورت آهي جنهن بعد پ پ چيئرمين ڇهين ڪلاس جي شاگرد سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان وڏا ٿي ڇا ٿيڻ چاهيو ٿا، جنهن جي جواب ۾ حمزا چيو ته مان وڏو ٿي پائلٽ ٿيندس. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته توهان کي خبر آهي ته اسان جي پائلٽن هندستاني جنگي جهازن کي ڪيئن ڪيرايو، توهان کي پائلٽ بڻجي دشمن جي جهازن کي ڪيرائڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.