مان پنهنجي ڪالم تي قائم آهيان، ڪجهه غلط ناهي لکيو

تحرير: سهيل وڙائچ

تحريڪ انصاف اوورسيز جي اڳواڻ زلفي بخاري صاحب فرمايو ته “Suhail  Warraich is destroyed” (سهيل وڙائچ تباهه ٿي ويو). منهنجي خلاف پي ٽي آءِ ٽرولز ۽ ڊالر ڪمائيندڙ وِي لاگرز پاران ”ٽاوٽ“، ”فوج جو ايجنٽ“، ”باٿ روم ڌوئيندڙ“ چئي هڪ مهم هلائي وئي، جنهن جو آئون صحافتي روايت موجب پنج ڏينهن تائين ڪو جواب نه ڏنو ۽ نه ئي پنهنجي 40 سالن جي صحافتي تاريخ کي مسخ ڪندڙن کي جواب ڏيندس. ذاتي الزام بازيءَ تي نه تبصرو ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ئي جواب ڏيڻ جي. ايندڙ وقت ۽ لکجندڙ تاريخ سڀ ڪجهه صاف ڪري ڇڏيندي. زندگي ۾ هميشه جهيڙن ۽ ڇڪتاڻ کان پري رهيو آهيان ۽ هاڻي به گهڻو سوچي سمجهي اها ئي راءِ قائم ڪئي آهي.

جناب احمد شريف چوڌريءَ بابت منهنجي دل ۾ گهڻي عزت آهي. ذاتي ملاقاتن ۾ تمام خوشگوار انسان آهن، پر جن ڳالهين جي هنن ترديد ڪئي، تن جو ذڪر منهنجي ڪالم ۾ هو ئي ڪونه. شايد ڪنهن غلط فهميءَ سبب کين اهو خيال ٿيو ته منهنجي ڪالم مان ذاتي فائدو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن اڃا به ڪنهن سوال جو جواب گهرجي ته آئون وضاحت لاءِ هر وقت موجود آهيان. هنن درست چيو ته فيلڊ مارشل ڪنهن انٽرويو نه ڏنو. منهنجو سڄو ڪالم ٻيهر پڙهجي، جتي به ”انٽرويو“ جو لفظ لکيل هجي. منهنجي ڪالم جو عنوان ئي ”پهريئن ملاقات“ هو ـ نه ان کان وڌيڪ، نه ان کان گهٽ. ڪٿي به نه لکيو اٿم ته اها ون ٽو ون ملاقات هئي. جنهن تقريب ۾ اٺ سؤ ماڻهو موجود هئا، اتي ۽ پوءِ کائڻ مهل ٿيل ڳالهه ٻولهه آف دي رڪارڊ نه هئي. 9 مئي، عمران خان ۽ معافيءَ بابت ڪابه ڳالهه نه ٿي. اها ڳالهه بالڪل صحيح آهي. مهرباني ڪري ڪالم ٻيهر پڙهجي، ان ۾ 9 مئي، عمران خان يا معافي جو ذڪر ڪونهي. مون صرف هڪ جملي ۾ لکيو ته سياسي مصالحت بابت قرآن جون آيتون ۽ سندن ترجمو پيش ڪيائون. هاڻي ٽرولرز انهيءَ مان جيڪو تاثر وٺن ٿا، اها سندن مرضي آهي. يعني جن ڳالهين جي وڏي پيماني تي ترديد ڪئي وئي، سي ته ڪٿي ڪالم ۾ هيون ئي ڪونه. ڪنهن جي ذهن ۾ هجن ته اها سندس مرضيءَ تي مدار آهي.

ادنيٰ صحافتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ منهنجي راءِ آهي ته صحافت ۽ سياست ٻئي جمهوريت جا ٻار به آهن ۽ پاڙيسري به، پر ٻنهي گهرن جي وچ ۾ ڪو گهمندڙ در نه آهي، هڪ مضبوط ڀت آهي، جيڪا ٽپڻ کانسواءِ پار نٿي ڪري سگهجي. بدقسمتيءَ سان سياسي ڪارڪنن اها ڀت ٽپي صحافت جي صحن کي رستو بڻايو آهي. نصرت جاويد جي چوڻ مطابق آئون ”ذات جو رپورٽر“ آهيان، سو منهنجي حدون صحافتي ئي آهن ـ جيڪو ٻڌو ۽ ڏٺو، سو لکيو.

فيلڊ مارشل سان پهرين ملاقات جو احوال لکندڙ ڪالم تي پي ٽي آءِ جا نظرياتي اڳواڻ ۽ منهنجا ”پراڻا مهربان“ شهباز گل ۽ فيصل واوڊا وري ساڳئي صفحي تي گڏ ٿي ويا، جتي هڪ وقت ۾ محبت عمران سندن گڏيل نڪتو هوندو هو. ٻئي منهنجي ڪالم کي رد ڪندا رهيا. حماد اظهر، نون جا متوالا ۽ پيپلز پارٽي جا جيالا سڀئي مون کي خوشامدي ۽ جنگ-جيو کي غير ذميوار سڏين ٿا. آئون اقرار ٿو ڪريان ته سندن الزام سؤ سيڪڙو سچا آهن، آئون پراڻو مجرم آهيان. سڀني جو منهنجي خلاف گڏ ٿيڻ منهنجي ڪارن ڪارنامن ۽ سندن نيڪيءَ جو ثبوت آهي.

مان هڪ عاجز قلمڪار آهيان، جڏهن ته منهنجا ناقد عهدن، رُتبن ۽ عظمت ۾ مون کان ڪيترا مٿاهون آهن. اقرار ٿو ڪريان ته منهنجا گناهه نوان ناهن. هاڻي جڏهن مون کي خوشامدي، غدار، ٽاوٽ ۽ غير ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو آهي ته باقي ڏوهن جو اعتراف به ڪري ڇڏيان ته سزا گڏجي ملي وڃي. فيلڊ مارشل سان پهرين ملاقات وارو ڪالم منهنجو پهريون جرم نه آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ مون جنرل ضياءُالحق جي محمد خان جوڻيجو خلاف چارج شيٽ، جيڪا هن زباني ڪئي هئي، شايع ڪئي. شيخو پورا جي مدرسي واري انهيءَ تقرير ۾ ڪيترائي سينيئر صحافي به موجود هئا، پر هنن مصلحتاً اهي جملا نه لکيا، جيڪي 1985ع واري اسيمبليءَ خلاف هئا، مون لکيا. ان جي سزا به مليڻي آهي.

ضياءُالحق مون کي تونسو ۾ ليڪچرار طور بدلي ڪيو، اها الڳ ڪهاڻي آهي. نواز شريف جلاوطن ٿيا ته سندن نالي جي اشاعت تي پابندي هئي، پر مان ئي پهريون صحافي هئس، جنهن جدّي ۾ وڃي ملاقات ڪئي ۽ انٽرويو روزاني جنگ ۾ ڇپرايو، جنهن تي جنرل مشرف ڪاوڙيا. اها به ”خوشامد“ هئي، ان جي سزا به ڏيو. جنرل مشرف اقتدار ۾ هئا ته مون ”غدار ڪون“ ڪتاب شايع ڪئي، جنهن تي هو ناراض ٿيا، پر جڏهن اقتدار ڇڏڻ بعد لنڊن ويا ته سندن پهريون انٽرويو به مون ڪيو.

ياد رهي ته جڏهن مون نواز شريف ۽ جنرل مشرف جا اهي انٽرويو ڪيا، تڏهن ٻئي جنگ ۽ جيو کان ناراض هئا، تڏهن به اهي شايع ٿيا. جنرل باجوه ملاقاتن جا شوقين هئا، ڪيترن صحافين سان ملندا هئا، پر ”باجوه ڊاڪٽرائن“ لکڻ جو پهريون ”گناهه“ مون ڪيو. پهرين ڏينهن خوش ٿيا، پر هڪ هفتي اندر اهڙا ناراض ٿيا جو پوءِ ڪڏهن ملاقات ئي نه ٿي. نواز شريف جي اوج تي مون ”پارٽي اِز اوور“ لکيو ته نون وارا ناراض ٿيا ۽ مون کي ڪوڙو چيو. عمران خان جي حڪومت تي لکيو ”هي ڪمپني نه هلندي“ ته انصافي ناراض ٿيا. سچ آهي ته منهنجا ڏوهه بي شمار آهن. ڊاڪٽر قدير خان جو فٽ پاٿ تي ٿيل آخري انٽرويو به مون ڪيو، ان جي سزا به واجب آهي.

برسلز واري ملاقات بابت قرآن جي آيتن، معافي، فرشتن ۽ شيطان واري ڳالهه ته فيلڊ مارشل جي تقرير جو ٽڪرو هو. هاڻي جيڪو مطلب ڪو ڪڍي، اها سندس مرضي. منهنجي خواهش ته هميشه مصالحت ۽ ملڪي استحڪام رهي آهي، جيتوڻيڪ ٻه اڍائي سال کان خبر آهي ته مفاهمت يا معاهدي جي ڪا گنجائش ڪونهي. پر ڇا هڪ گنهگار پنهنجي خواهش جو اظهار به نه ڪري سگهي؟ منفي سوچ ۽ منفي حربن مان ڪڏهن به مثبت نتيجو نه نڪرندو.

جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي ڳالهه سان اختلاف آهي ته ڇا مون کي چوڻ جو اختيار به نه هجڻ گهرجي؟ ڇا ٻين کي الزام ۽ ڌمڪين سان دٻائڻ فاشسٽ رويو ناهي؟ حقيقت ۾ واوڊا، حماد اظهر ۽ ڪي يوريوٽيوب وارا نه ته ڪنهن سياسي يا صحافتي نرسريءَ ۾ پلجي آيا آهن ۽ نه ئي اصولن جا پابند آهن. اهي سڀ اڳوڻن عسڪري فيض اسڪول جا شاگرد رهيا آهن ۽ شايد ساڳيو دور واپس آڻڻ ٿا چاهين. منهنجي پنهنجو منهن سُڄائيندڙ پنهنجا پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ من ماني تاويلون ۽ مصنوعي تشريحون ڪندا رهندا. وقت گذرڻ سان هر هڪ جي حقيقت بي نقاب ٿيندي. تاريخ ئي اها شيءَ آهي، جيڪا ڪوڙن دعوائن، جعلي سچائين ۽ نالي ماتر الزامن کي عرياں ڪري ڇڏيندي. تاريخ جو فيصلو صحافت جي حق ۾ ٿيندو.

(هم سب جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.