سڄي دنيا ۽ سڄي ملڪ ۾ مينهن وسي پر ڪراچي شهر ۾ مينهن جو ڦڙو نه ڪري، ان ڪري ته شهري پريشر گروھ کوھ جي ڏيڏرن وانگي مينهن ۾ ٻاهر نڪري ٿا اچن ۽ سنبريا ويٺا هوندا آهن ته رڳو مينهن جو ڦڙو ڪري ته هي سنڌ سرڪار کي لوھ جا چڻا چٻاڙڻ تي مجبور ڪن. اها حقيقت آهي ته جنهن به صوبائي پروجيڪٽ ۾ ايم ڪيو ايم جي ماڻهن کي ٺيڪا ناهن ملندا، اتي اتي اهي سياسي لڦڙبازي ڪندا آهن، ۽ سمجهندا آهن ته ائين ڪرڻ سان وفاقي ۽ صوبائي سرڪار کي بليڪ ميل ڪري سگهجي ٿو ۽ پنهنجي حصي پتي جي رقم اوڳاڙي ويندا، ۽ ٿئي به ائين ٿو، مثال اجرڪي پليٽ واري مسئلي جي ڳالهه ڪيون ته ايم ڪيو ايم وارن کي ٺيڪو نه مليو ته واويلا ڪين ۽ پاڻيءَ جي ٽينڪرن جا ٺيڪا هنن کي ملندا رهن ٿا، ان ڪري شهر ۾ پاڻي جو قلت هجي يا ڪثرت هي سڳورا لفظ نه ڪڇندا ڇو ته هنن جا ڪم سولا لڳا پيا آهن.
وفاق به هنن جي ٻڌي ٿو ۽ نون صوبن جا شوشا هلائي نفرتون وڌائين ٿا ۽ سمجهن به ٿا ته شهر جي ڊيموگرافي هاڻي ساڳي ناهي رهي، شهري سيڙپڪاري ۾ هاڻي ملڪ جا سڀ ماڻهو اسٽيڪ هولڊر آهن، سڀني جو حصو پتي آهي. مثال جي ملڪ ۾ ڪنزومرزم آهي ته معني ملڪ جي ٽيھ ڪروڙ آبادي مري يا جيئي پر هر صورت ۾ فقير کان وٺي امير تائين هر ماڻهو ٽيڪس ڀري ٿو، ۽ ملڪ ۾ جيڪڏهن 12 ملين کان وڌيڪ سرڪاري ملازم ۽ اوترا ئي خانگي ملازم آهن، 33 لک کان وڌيڪ پينشنر آهن يا ملڪ ۾ جيتريون به فيڪٽريون آهن اهي سڀ جا سڀ ٽيڪس ڀرين ٿا ۽ ڪراچيءَ ۾ سڀني جي سيڙپڪاري آهي، جيڪي ڪمائي پنهنجن پنهنجن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سيڙپڪاريون به ڪن ٿا ۽ خرچ به ڪن ٿا.
هتي مسئلو ميڊيا جو تمام گهڻو آهي جيڪو هڪ انڌُ آهي، ٻيو ڪجهه به نه، ميڊيا وارا صبح جي ورتل مينهن واري تصوير سمورو ڏينهن هلائي ماڻهن کي پريشان ڪندا آهن ۽ عام ماڻهو به مينهن وارن ڏينهن ۾ ٽي وي ۾ اکيون وجهي ٿو ويهي ته جيڪي اهي چون ۽ جيئن اهي چون. آفيسن ۽ گهرن ۾ خابرو ادارا يا ذريعا رڳو ٽي وي چينل آهن، جيڪي سبقت جي چڪر ۾ ماڻهن کي گمراھ ٿا ڪن، اهي سمجهن ٿا ته صوبائي سرڪار مينهن جي مند يا ڏينهن ۾ هٿن ۾ ٿالهھ کڻي بيهن ته جيئن مينهن جو ڦڙو روڊ تي نه ڪري، روڊ تي جيڪڏهن پاڻي ڪريو ته شامت اچي ويندي ۽ ٽي وي چينلن جا نمائندا ڪيمرائون کڻي بيٺا هوندا آهن، ته رڳو مينهن وسڻ جي دير هوندي آهي، اهي ڇتا لڳا پيا هوندا آهن. حلانڪي ملڪ جي مٿين علائقن ۾ هزارين ماڻهو لڙي مري ويا، جابلو علائقن تان لهندڙ پاڻي انهن جي الهھ تلهھ چٽ ڪري ويو ۽ ايترو پريشر جو ماڻهو ڏسي ڊڄي وڃي. سوشل ميڊيا کي شابس آ جو انهن جون اهي وڊيوز جيڪي فيڪ ناهن هونديون (گهڻي ڀاڱي) وائرل ڪري ڦهلائي ڇڏيندا آهن. پر حيرت ان ڳالهه تي به آهي ته اهي ئي ٽي وي چينل ڪڏهن ڪي پي، گلگت بلتستان، سوات، صوابي، ڪشمير يا انهن جي آس پاس جي علائقن کي ايتري ڪوريج ناهن ڏيندا، جيتري ڪوريج هي ڪراچي انهن علائقن کي ڏيندا آهن. جٿي جٿي هيٺاهين هوندي آهي، ۽ جٿي جٿي پاڻي بيهي ٿو وڃي ۽ سرڪاري مشينريون پاڻي ڪڍڻ ۾ ٽي چار ڪلاڪ وٺن ٿيون، پر پاڻي ته پوءِ به نڪري ٿو وڃي، ۽ ڪو وڏو نقصان نه ٿو ڪري. هتي ته اهڙا روڊ به آهن جيڪي بارشن جو ڌڪ جهلي ٿا وڃن، مثال شاهراھ فيصل سميت ڊفينس جا روڊ يا ايم اي جناح اهي ڪجهه اهڙا روڊ آهن جيڪي بارشن ۾ پريشان نه ٿا ڪن يا لياري ايڪسپريس وي به مٿاهين تي هجڻ جي ڪري برساتي پاڻي جهلي نه ٿو پر وهائي ٿو ڇڏي.
روڊن جي هيٺان بارشي نالا ٺاهڻ گهرجن ۽ اهي هر ڇهين مهيني صاف به ٿيند رهن، انهن نالن ۾ گٽڙ جو پاڻي ۽ ڪنُ ڪچر نه هجي، ان ڪري ته دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ڊرينيج ۽ بارشي نالا الڳ الڳ هوندا آهن. خاص ڪري اهڙن ملڪن ۾ جٿي بارش گهڻي ٿي وسي ۽ انهن جي لاءِ آساني هوندي آهي ته بارشن جو پاڻي فورن صاف ڪري وري انهن کي علائقن کي ڏئي ڇڏيندا آهن، ان ڪري اتي پاڻي جي کوٽ ناهي ٿيندي. پر هتي حيرت اها به هوندي آهي ته ڪجهه علائقن ۾ ماڻهو گهر جا پاليل جانور به پاڻي سان وهنجاريندا آهن ته ڪجهه علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي هوندو ۽ ڪجهه علائقن ۾ پاڻي روڊن تي وهي هلندو آهي ته ڪجهه علائقا سُڪا ٺوٺ ٿي ويندا آهن. پر جيڪي به اردو آبادي جا ڳتيل علائقا آهن اتي اتي مسئلا ناهن، اتي نه ٿي بجلي وڃي، نه ٿو پاڻيءَ جو مسئلو ٿئي، اتي روڊ رستا به صاف سٿرا ۽ سهولتون سڀ گهر جي چائنٺ تي ملن يا مهيا ڪيون ٿيون وڃن. هاڻي ته ٻوليءَ جي فرق جي ڪري اردو آبادي وارن ڪنَ اڀا ڪيا آهن، جو آفيسن ۾ جيڪڏهن ڪو پنهنجو اردو وارو نوڪري ۾ هڻائي ته صحيح آهي پر جيڪڏهن ڪو سنڌي پنهنجي ڪنهن سنڌيءَ کي نوڪري ڏياري يا رڪمينڊ ڪري ته اهو قوم پرست سڏرائبو. ماڻهو هاڻي وڃي ته ڪاڏي وڃي، 1947 کانپوءِ لياقت علي خان اردو آبادي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪوٽا سسٽم جي ڳالهه ڪئي جو متان شهري آبادي ۾ ڳوٺاڻا گهڻيون نوڪريون وٺي وڃن، ۽ شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي جا فرق رکي ويو، جيڪي هيل تائين اهي ئي پيا هلن. حلانڪي ڪير پنجاب ۽ ڪي پي وارن کان سوال ڪري ته توهان جا اربن ۽ رورل ايرياز ڪهڙا آهن جو هتي ڪراچي حيدرآباد رڳو شهري آبادي آهي ۽ اربن ايرياز آهن باقي سڀ جنگل بيابان آهي، جتي هي اردو آبادي وارا رهن اتي ڪو به مسئلو نه هجي.
حيرت اها به آهي ته ڪي پي، گلگت بلتستان، صوات يا صوابي يا ڪشمير ۾ مينهن راڱا لاهي ڇڏي ته اهو سڀ قدرتي آفتن ۾ اچي ٿو پر جي ڪراچي شهر ۾ رڳو بارش وسي ته اها حڪومت جي ناڪامي سڏبي، ان ڪري ته ڪڪر پيپلزپارٽيءَ جي ڪنهن ڪارخاني مان ٺهي ايندا آهن ۽ سرڪار جي مرضي هوندي آهي ته هيل اهي شاهراھ فيصل تي 400 ملي ميٽر بارش ڪرائي ۽ روڊ ٻوڙائي. ايمانداري سان ڏسجي ته ايم ڪيو ايم جي دورن ۾ جنهن ۾ هنن وٽ اٽڪل 32 سال ميئرشپ رهي ۽ ناظم به هنن جا هيا جن 800 ارب رپيا مشرف جي دور ۾ شهر جي روڊ رستن تي خرچ ڪيا پر بنيادي انفرا اسٽرڪچر بهتر نه ڪري سگهيا، جو چئجي ته شهري نظام هاڻي بهتر آهن. پر هنن پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ڀلا ڪم ڪيا ۽ جيڪي غيرمهاجر علائقا هيا انهن ۾ هنن هڪ پٿر نه وڇايو. هاڻي به شهري نظام درهم برهم لڳو پيو آهي، شهر جا روڊ رستا اکڙيل پيا آهن، ڪا به روڊ لائين سڌي ناهي. صنعتي علائقن جا روڊ ته اڃان به وڌيڪ خراب لڳا پيا آهن، جتي پاڻي بيهي ٿو وڃي. شهر جي وچ ۾ جيڪي به پراڻا علائقا آهن يا جيڪي هيٺاهين وارا علائقا آهن، اهي پاڻي سان ڀرجي ٿا وڃن، جو جماعت اسلامي جا ڪارڪن رونشي ۾ ٻيڙيون کڻي روڊن تي بيهي ٿا رهن ۽ ماڻهن کي سمجهائين ٿا ته سنڌ سرڪار ڪنهن ڪم جي ناهي ۽ اهي ئي ڪم جا آهن، جو بارش وسي ٿي اهي هڏڏوکي ماڻهن جي مدد جي لاءِ تَتِيءَ تيار ويٺا هوندا آهن. حلانڪي دنيا جي ترقي يافتا ملڪن کي به موسمياتي خطرا آهن جو شنهگائي به سوناميءَ ٿريٽ ۾ اچي ٿو وڃي، آسٽريليا جي جهنگن ۾ باھ لڳي ٿي وڃي، آمريڪي رياستون به لڙي ٿيون وڃن، ڪڏهن باھ آمريڪي شهرن جا شهر ساڙي خاڪ ڪري ٿي ڇڏي. اسان ته وري به ٿرڊ ورلڊ ڪنٽريز جا ماڻهو جن جا شهري ۽ ڳوٺاڻا نظام ڪنهن ڪم جا ناهن، جڏهن به طوفان ٿا اچن ته اهي سسٽم اڊڙي ڊهي ٿا پون، بارشون پون ٿيون ته روڊن ڌوپي ٿا وڃن، جو انهن جا پاڙ وارا پٿر به ٻاهر نڪري ٿا اچن، ان ڪري سسٽم بهتر هجن ته ڪجهه ڀلائي ٿي سگهي ٿي.
ماڻهن ۾ ميڊِيا هڪ خوف ”پينڪ“ پکيڙي ٿي ڇڏي جو روڊ گاڏين سان ڀرجي ٿا وڃن، سڀ هڪ ڌڪ ڪنهن خوف ۾ آفيسون ۽ دوڪان بند ڪري وٺي ٿا گهرن ڏي ڀڄن جو روڊ جي وٿي خالي نه بچي، هڪ ته ليز تي آساني سان ملندڙ گاڏين ماڻهن جي لاءِ آساني ڪري ڇڏي آهي ته اهي لائيف اسٽينڊرڊ بهتر ڪن پر ايترا ويڪرا روڊ رستا ڪٿان اچن جو گاڏيون وهائي سگهجن. ائين هجي جو سرڪار ٽرانسپورٽ جو ڪو جوڳو ۽ ترت انتظام ڪري، جو روڊن تان گاڏيون گهٽائي سگهجن يا ڪنهن صورت ڪمپنيءَ جون گاڏيون وهي هلن، پر هتي انهن سڀني شين جي اوڻاٺ آهي. هتي سڀ پنهنجي پنهنجي سياست چمڪائڻ جي چڪر ۾ لڳا آهن، پر حيرت ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن تي آهي ته اهي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ اتان جي سياسي اڳواڻن سان ڪڏهن به قدرتي آفتن مثال بارشن ۽ زلزلن جي اچڻ جي ڪري مٿو ٻڌي نه ٿا ويهن، پر ڪراچيءَ ۾ رڳو بارش وسي ته وفاق فورن ايم ڪيو ايم جي وڪائو سياستدانن سان ڳالهيون ٿو ڪري، جو قصور رڳو صوبائي سرڪار جو آهي جن بارشون ڪرايون ۽ انهن جا سسٽم پاڻي ڪڍڻ ۾ ناڪام ويا. پر وفاق به وچٿرو هلي ۽ سڄي ملڪ کي هڪ اک سان ڏسي ته بهتر آهي