جڏهن ڪو ملڪ پنهنجي پاڻ کي ”وشو گرو“ (دنيا جو استاد) سڏائڻ لڳي ۽ پوءِ پاڻ ئي پنهنجو سبق وساري ويهي، ته نتيجو ساڳيو ئي نڪري ٿو، جيڪو اڄ ڀارت سان ٿي رهيو آهي. مودي سرڪار جا بلند بانگ دعوٰي، ميڊيا جون وڌايل ڳالهيون ۽ سياسي ڊهول جي تاپ تي ناچيندڙ وزير، سڀ ڪجهه هاڻي حقيقت جي سخت زمين تي اچي ڪريا ڪري پيا آهن.آمريڪا، ڀارتي شين تي ڳرا ٽيڪس لڳائي، دهلي کي واضح پيغام ڏئي ڇڏيو ته هتي ڪنهن کي به مودي جي چونڊ نعري ”ميڪ اِن انڊيا“ جي پرواهه ناهي. نريندر مودي جون مصنوعي مسڪراهٽون ۽ عالمي مارڪيٽ تي راڄ ڪرڻ جا خواب، هڪ آمريڪي دستخط جي نظر ٿي ويا. صدر ڊونلڊ ٽرمپ، ڀارتي پيداوار تي ڳرا محصول لڳائي ڄڻ ته دهلي جي ڪن ۾ چيو: ”واپار، واپار هوندو آهي ـ جذبات نه.“ ان کان پوءِ ڀارتي ڪپهه کان وٺي فولاد تائين، آمريڪي مارڪيٽ ۾ سڀ ڪجهه مهانگو ٿي ويو. نتيجي ۾، ڀارتي شين جا آمريڪي خريدار گهٽجي ويا ۽ ڀارتي برآمد ڪندڙن جو حال ڄڻ ڀُريل ڪباب جهڙو ٿي پيو. ڪارخانا گراهڪ ڳوليندي پيا ڦرن ۽ سيڙپڪار، دهلي جي واعدن بدران ويٽنام ۽ بنگلاديش جي سستي مزدوريءَ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.برازيلي شهر ۾ ٿيل بَرڪس اجلاس دوران، جتي روس ۽ چين ڊالر کان هٽي نئين ڪرنسي جا خواب بڻي رهيا هئا، اتي ڀارت هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل هو، ڄڻ شاديءَ ۾ اهو مائٽ، جيڪو نه ڪنوار جي ڪٽنب جو حصو هجي ۽ نه ئي ڪنوارن جو. مغرب کي خوش ڪرڻ جي چڪر ۾ ڀارت، بَرڪس جو اعتماد به وڃائي ڇڏيو. اها اڻڄاڻ سفارتي حڪمت عملي، دهلي کي وڏي راند مان ٻاهر ڪري ڇڏيو ـ جيئن ڪرڪيٽ ٽيم ۾ اهو رانديگر، جيڪو صرف پاڻي کڻي ايندو آهي. سفارتي ميز تي جيڪا ڪرسي ڀارت لاءِ هڪ سونهري موقعو ٿي سگهي ٿي، اها بس هڪ آرامده ڪرسي بڻجي وئي.
پاڪستان سان تازي ڇڪتاڻ ۾، ڀارتي ميڊيا وڏا دُهل وڄايا ته ”اسين سبق سيکاري ڇڏيو.“ خبرون اڄ هيون ته ”ڪراچي کي باهه لڳي وئي، عاصم منير گرفتار ٿي ويو، شهباز شريف بنڪر ۾ لڪي ويو.“ پر ٻئي ڏينهن خبر پئي ته ڀارتي فضائيه پنهنجا ڪيترائي جنگي جهاز وڃائي ويٺي آهي. اهو لمحو، جڏهن دنيا ڏٺو ته ڀارت جي بالي ووڊ ۾ ٺهيل جنگي فلمن ۽ حقيقي جنگ ۾ ڪيترو فرق هوندو آهي. ڀارتي جنگي خواب، مٽيءَ ۾ ملي ويا ۽ عالمي سطح تي ڀارت کي شرمندگيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. مودي حڪومت جي بيانيي کي اها سڌي سٽ هئي، جنهن واضح ڪيو ته ميڊيا ۾ وڌايل ڳالهه ٻولهه ۽ ميدان جنگ ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ ٻه الڳ شيون آهن. بالاڪوت کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي جنگي جنون، رڳو فوجي نه پر نفسياتي شڪست ۾ به تبديل ٿي ويو.
هاڻي مودي ٿڪجي، چين جي ياترا تي وڃي رهيو آهي. ڀارتي ميڊيا ان کي سفارتي ڪاميابي قرار ڏئي رهيو آهي، پر حقيقت اها آهي ته گلوان واديءَ جو زخم اڃا به تازو آهي. چين کي خبر آهي ته ان جو اصل اسٽريٽجڪ ساٿي پاڪستان آهي، تنهنڪري مودي جو دورو گهڻو ته هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۽ رسمي مرڪين تائين محدود رهندو. ٻي طرف، پاڪستان پنهنجو موقف عالمي طاقتن آڏو مڃرائي رهيو آهي ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
جڏهن واشنگٽن ”بلوچ لبريشن آرمي“ ۽ ٻين هٿياربند بلوچ گروپن کي باقاعده دهشتگرد قرار ڏنو، ته دهلي کي هڪ ٻيو ڌڪ لڳو. اهي اهي ئي گروهه آهن، جن بابت پاڪستان سالن کان ثبوت ڏئي رهيو هو ته ڀارت انهن جي پشت پناهي ڪري ٿو. آمريڪي فيصلي نه رڳو ڀارتي بيانيي کي زمين بوس ڪيو، پر عالمي سطح تي پاڪستان جي موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. دهلي لاءِ اهو لمحون ان ڪري به ڏکيا آهن جو جنهن واشنگٽن کي هو چين جي خلاف پنهنجو ”قدرتي اتحادي“ سڏيندو رهيو، ان ئي واشنگٽن پاڪستان جي سلامتيءَ واري موقف جي تصديق ڪري ڇڏي.
هن وقت مودي، بظاهر آمريڪي دٻاءَ کي نظرانداز ڪري، گهريلو مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، تنهنڪري ان طرفان پاڪستان خلاف ڪا وڏي اشتعال انگيزي جو امڪان گهٽ آهي. ساڳئي وقت، هو چين وڃي رهيو آهي، ۽ چين سان پاڪستان جا لاڳاپا هاڻي صرف رسمي نه، پر گهرا ۽ اسٽريٽجڪ نوعيت جا آهن. اهو ئي وقت آهي، جڏهن اسلام آباد اڳتي وڌي هڪ نئون سفارتي راند شروع ڪري سگهي ٿو ـ پر شرط اها آهي ته هميشه وانگر اهو موقعو هٿان نه وڃائي.ڀارت لاءِ هي وقت شڪست جو موسم آهي ۽ پاڪستان لاءِ امڪانن جي بهار. سوال فقط اهو آهي ته ڇا اسلام آباد هن بهار مان فائدو وٺندو يا وري سدائين وانگر، صرف تصويرون ڪڍي فائلن ۾ بند ڪري ڇڏيندو.