اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستان مني لانڊرنگ اسڪيمز جي موثر روڪٿام ۾ ناڪام رهيو آهي، آءِ ايم ايف پنهنجي گورننس ۽ ڪرپشن ڊائگناسٽڪ اسيسمينٽ رپورٽ مڪمل ڪري ڇڏي آهي، جيڪا هن مهيني جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب، آءِ ايم ايف رپورٽ جاري ڪرڻ کان اڳ مسودو پاڪستان حڪومت ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ مشاهدن ۽ سفارشات جو جائزو ورتو ويندو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي بيفيشل اونرشپ سسٽم جي موثر عملداري ۾ وڏيون خاميون آهن، ادارن ۾ ڊيٽا جي ڏي وٺ جو ثبوت نه مليو ۽ ملڪ مني لانڊرنگ اسڪيمز کي روڪڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي. رپورٽ موجب ڊيٽا کانسواءِ جعلي ڪمپنين کي سرڪاري ٺيڪا روڪڻ مشڪل آهي، ايس اي سي پي، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ايف بي آر جي رابطن ۾ ڪمزوري آهي، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن ۽ جاچ ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ به رابطو گهٽ آهي.آءِ ايم ايف چيو ته قانون سازي ۽ رسائي جي ڪمزورين سبب موثر نظام نه رهيو، ڪمپنين جي حقيقي مالڪن جو ڊيٽا صحيح نموني استعمال نه ٿو ٿئي، مالي جاچ ۾ ادارن جي وچ ۾ باقاعده ڊيٽا جي ڏي وٺ لازمي آهي، ان کانسواءِ، آءِ ايم ايف ڊيٽا جي جائزي لاءِ اداراتي ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ جي به تجويز ڏني آهي.