اسلام آباد( بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ مهانگائي جي رفتار ٻيهر واڌ جي طرف وڌي رهي آهي ۽ هفتيوار مهانگائي ۾ هفتي به اضافو ڏٺو ويو آهي. تازي هفتي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 0.31 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته سالياني بنياد تي به اها شرح 2.21 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. وفاقي اداري شماريات طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب، تازي هفتي دوران ٽماٽا، ڪڪڙ، انڊا، ڪڻڪ جو اٽو، ڳڙ، دال ماش. بصر، ٿوم ۽ ڪاٺيون مهانگيون ٿي ويون، جڏهن ته ڪيلا، پٽاٽا، دال چڻا، مڱ، مسور، گيهه، لوڻ، چانور ۽ ايل پي جي سستي ٿي. رپورٽ موجب، هڪ هفتي اندر ٽماٽن جي قيمت ۾ في ڪلو 10 رپيا 42 پيسا، ڪڪڙ 19 رپيا 67 پيسا ۽ انڊا في درجن 6 رپيا 19 پيسا مهانگا ٿيا.ساڳئي هفتي دوران کنڊ في ڪلو 52 پيسا مهانگي ٿي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ جو اٽو في ٿيلهو 21 رپيا 18 پيسا مهانگو ٿيو. ساڳي هفتي دوران ڪيلا في درجن لڳ ڀڳ 4 رپيا سستا ٿيا، پٽاٽا هڪ رپيو 37 پيسا ۽ ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 10 رپيا 39 پيسا سستو ٿيو. اهڙي طرح دال مسور، دال چنا، چانور ۽ لوڻ به سستي ٿيندڙ شين ۾ شامل آهن، جڏهن ته تازو کير، ڏهي، سگريٽ، بريڊ سميت 25 شين جون قيمتون ساڳيون رهيون. ادادن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تازي هفتي دوران حساس قيمتن جي اشاري موجب، ماهوار آمدني 17,732 رپيا تائين رکندڙ ماڻهن لاءِ مهانگائي جي شرح 0.31 سيڪڙو واڌ سان 2.22 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. 17,733 رپين کان 22,888 رپين تائين آمدني رکندڙن لاءِ اها شرح 0.33 سيڪڙو واڌ سان 2.99 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.ادارو شماريات مطابق، 22,889 رپين کان 29,517 رپين ماهوار آمدني رکندڙ طبقي لاءِ مهانگائي جي شرح 0.31 سيڪڙو واڌ سان 2.47 سيڪڙو،