اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.حڪومت پيٽرول جي قيمت برقرار رکندي ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. ڊيزل جي قيمت في ليٽر 12 روپيا 84 پيئا گهٽائي وئي آهي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 12 روپيا 84 پئسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ان جي نئين قيمت 272 روپيا 99 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 7 روپيا 19 پئسن جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، ۽ نئين قيمت 178 روپيا 27 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي.