اسلام آباد(ع آنيوز) پاڪستان ۾ تقريباً هر سال عوام کي ٻڌايو وڃي ٿو ته کنڊ جي کوٽ ٿي وئي آهي. انهيءَ نتيجي ۾ کنڊ جي ذخيره اندوزي يا ان جي اسمگلنگ جون خبرون به سامهون اچن ٿيون. 2024-2025 دوران پاڪستان لڳ ڀڳ 84 ملين ٽن کنڊ ۽ 7 ملين ٽن کنڊ جي پيداوار ڪئي. پاڪستان ۾ کنڊ جي انهي کوٽ جي پويان ڪجهه سبب آهن جيڪي هر سال ساڳيا ئي ٿيندا آهن.. هتي گذريل ٻن سالن کان کنڊ جي پنجاب کان بلوچستان آمد ۽ پوءِ بلوچستان رستي افغانستان اسمگل ٿيڻ جون خبرون لڳاتار اچي رهيون آهن. سرڪاري اهلڪار ۽ بس ۾ سفر ڪندڙ ٻڌائن ٿا ته اها کنڊ بس ذريعي افغانستان موڪلي ويندي رهي آهي. ڪسٽمز اهلڪارن پڻ ان جي تصديق ڪئي ۽ دعويٰ ڪيو ته 2023 ۾ هر ٻئي ڏينهن ڪوئٽا کان 100 ٽن کنڊ ۽ هفتي ۾ 700 ٽن کنڊ غير قانوني رستن ذريعي افغانستان موڪلي وئي. ان جو سبب سرڪاري اهلڪار اهو ٻڌائن ٿا ته هن وقت پاڪستاني کنڊ مهانگي آهي، جنهن ڪري غير قانوني خريد و فروخت گهٽ ٿي وئي آهي، جڏهن ته افغانستان ۾ ڀارت جي کنڊ سستي قيمت تي وڪڻي رهي آهي، انهيءَ ڪري اسمگلنگ گهٽجي وئي آهي.ٻيو سبب اهو آهي ته هاڻي پاڪستان مان کنڊ افغانستان ۽ ٻين ملڪن کي قانوني طور برآمد ڪئي پئي وڃي، جنهن جي ڪري اها کنڊ قانوني رستن سان افغانستان پهچي رهي آهي. بلوچستان جي هڪ صوبائي آفيسر چيو، "انهن واقعن کي ڏسي سرڪاري سطح تي کنڊ آڻڻ ۽ وٺي وڃڻ وارن لاءِ پرمٽ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ۽ چيڪ پوسٽن تي ڏيکارڻ به ضروري آهي. توهان جي گاڏي يا ٽرڪ ڪيترائي ڀيرا ساڳي چيڪ پوسٽ مان گذري ته به پرمٽ ڏيکارڻو پوندو. واضح رهي ته پرمٽ اڳ به ڏيکاريا ويندا هئا، پر هڪ صوبائي آفيسر ٻڌايو ته "ڪجهه گاڏين جا پرمٽ چيڪ نٿا ڪيا وڃن،” جنهن ڪري کنڊ گاڏين ۽ بس ذريعي اسمگلنگ جاري رهي. تاجرن جو چوڻ آهي ته قانوني رستن ذريعي کنڊ يا کاڌي پيتي جون شيون موڪلڻ ۾ منافعو گهٽ ٿئي ٿو. اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته هي هڪ هٿرادو بحران آهي جيڪو هر سال مل مالڪن کي فائدو ڏيڻ لاءِ ٺاهيو ويندو آهي. پوءِ گني جي فصل دوران (جڏهن مل مالڪ نقصان ۾ هوندا آهن) ختم ڪيو ويندو آهي، ته جيئن سڀ برابر ڪمائي سگهن. هن چيو ته "حڪومت 2024-2025 ۾ 757,597 ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪئي، جنهن سبب قيمتون وڌي ويون. ان کان اڳ عمران خان جي حڪومت ۾ بنا ڪنهن رٿابندي جي 900,000 ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪئي وئي. جيڪڏهن توهان کي کنڊ برآمد ڪرڻي آهي ته پهريان 100,000 ميٽرڪ ٽن برآمد ڪريو، ته جيئن مارڪيٽ ۽ حقيقتن جو اندازو لڳائي سگهو. مارڪيٽ ۽ برآمد جا نتيجا ڄاڻڻ کان بغير ايترو وڏو قدم ڪيئن کڻي سگهو ٿا؟ مفتاح چيو ته نهن جو مقصد کنڊ جي قيمت وڌائڻ آهي، معاملا سنڀالڻ ناهي. هي مل مالڪن ۽ انهن جي دوستن تي مشتمل طبقي جو ڪم آهي، جيڪو هن بحران مان فائدو وٺي ٿو. معاشي تجزيه نگار شمس الاسلام ڊي ڊبليو کي ٻڌايو، "2024-2025 ۾ پاڪستان لڳ ڀڳ 84 ملين ٽن ڪمند ۽ 7 ملين ٽن کنڊ پيدا ڪئي، پر ان وڏي پيداوار جا فائدا عام ڪاشتڪار تائين نٿا پهچن. شوگر ڪارٽيل قيمتن ۽ پيداوار کي ڪنٽرول ڪري ٿو، ۽ حڪومت جي ٺاهيل بحران جي پويان لڪيل آهي.شمس الاسلام چيو ته هي هڪ ‘منصوبابند بحران’ آهي.هن چيو ته "هر سال شوگر ڪارٽيل ذخيره اندوزي ڪري ٿو، جنهن سبب مصنوعي کوٽ پيدا ٿئي ٿي. اهو حڪومت کي برآمدات جي منظوري تي مجبور ڪري ٿو، جنهن سان مل مقامي قيمتن ۾ مهانگائي برقرار رکندي عالمي مارڪيٽ جي قيمتن کان گهٽ وڪرو ڪن ٿا.