اسلام آباد (رزاق کٽي) نواز شريف به شهباز شريف تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. چيو پيو وڃي ته 27هين ترميم سياسي پارٽين لاءِ زهريلي هوندي ۽ اهي بي وس ٿي وينديون. 27هين ترميم جي معاملي تي ن ليگ ۽ پ پ ۾ پريشاني وڌندي پئي وڃي. صدر زرداري ايوان صدر ۾ ئي رهندو ته 27هين ترميم ۾ صدر جا اختيار وڌائڻ جون ڳالهيون ڇو ٿي رهيون آهن؟ اهو دٻاءُ ڇو وڌايو پيو وڃي ته اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽ ڪريو؟ ڇا هائبرڊ رجيم خواهشن کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ جو خطرو کڻي سياسي قبرون کوٽيندي؟ ٻئي پاسي عمران خان وڌيڪ مقبول ٿيندو پيو وڃي. اطلاعن موجب اسلام آباد ۾ اهڙو مرڪز ٺهڻ وارو آهي جتي موجوده حڪومت جون ننڍيون ننڍيون اتحادي پارٽيون قومي حڪومت جي قيام جي مطالبي لاءِ پريس ڪانفرنسون ڪنديون. ائين سمجهو ته نئين سياست اتان ئي ڪنٽرول ٿيندي.ٻئي پاسي نواز شريف مري ۾ ديرا ڄمائي ورتا آهن ۽ ملاقاتون ڪري رهيو آهي، اطلاعن موجب هو ڪاوڙيل آهي، هن اهو چوڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ته يا ته مڪمل اختيارن سان حڪومت ڪريو يا وري حڪومت ڇڏي ڏيو. اسٽيبلشمينٽ کي اندازو ٿي چڪو آهي ته نواز شريف جو اندر جو وزيراعظم ٻيهر جاڳي چڪو آهي. اهم ڌرين ۾ ڳالهيون گردش ۾ آهن ته نواز شريف ڪجهه ڪيو ته نيب نواز شريف جي ڪيس ۾ ڌر بڻجي سپريم ڪورٽ وڃي سگهي ٿي. وفاقي ڪابينا ۾ به معاملا اهڙا آهن جن جي وزيراعظم کي ڄاڻ ئي ناهي هوندي، کيس رڳو ٻڌايو ويندو آهي. ان ڳالهه تي سوال اٿاريا پيا وڃن ته ٽرمپ جي زبان تي پاڪستان جي وزيراعظم جو نالو هڪ ڀيرو به ڇو ناهي آيو؟ اشارن ڪنارن ۾ ڪجهه ڳالهيون به ٿي رهيون آهن. حڪومت کي طعنا ڏنا وڃن ٿا ته 3 سال ٿي ويا آهن ڪٿان ڪا پرڏيهي سيڙپ ناهي آئي. حڪومتي نااهلي جو بار به اسان تي پئجي رهيو آهي. حڪومت چوي ٿي ته ايس آءِ ايف سي جي صورت ۾ نئين وفاقي حڪومت بڻجي وئي آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري ته ان کي آڻڻي هئي. اوهان جي سفارشن تي بيوروڪريسي ۾ ماڻهو لڳايا وڃن ٿا ۽ انهن کي ڪجهه چئي به نٿا سگهون. حڪومت کي خبر هئي ته 26هين ترميم سندن خلاف به استعمال ٿي سگهي ٿي، پر هنن پارليامينٽ جي بالادستي جي نالي تي اهو ڪم ڪيو ۽ هاڻي 27هين ترميم مڪمل پيڪيج هوندو. جواز اهو ڏنو پيو وڃي ته ملڪ ترقي ناهي ڪري رهيو. صدر ٽرمپ سان ويجهڙائي کانپوءِ نظام جي تبديلي جي ضرورت اڃا وڌي وئي آهي. سياسي پارٽيون ڇا ڪن؟ وٽن هڪ ئي موقعو آهي ته هڪ گڏجي وڃن ۽ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم به ورهائي ڇڏين ته ڪير ڪيتري تعبيداري ڪندو.
نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 16آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو