حڪومت ۽ آءِ ايس پي آر جي مخالفت باوجود حامد مير لاءِ ايوارڊ

اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) ڪالهه ايوان صدر ۾ تقريب ٿي هئي جنهن ۾ اهڙي شخصيت کي ايوارڊ ڏنو ويو هو جنهن 2024 جي عام چونڊن ۾ سڀ کان پهريان فارم 47 جو بيانيو ٺاهيو هو. اهو بيانيو عمران خان کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو. جيڪو شخص روز عمران خان جي بيانيي کي هٿي ڏيندو رهيو ان کي ڪالهه ستارا امتياز ڏنو ويو. ذريعن موجب، نشانِ امتياز صدر آصف علي زرداري جي مداخلت تي کيس ڏنو ويو هو. ذريعن موجب، حڪومت، ن ليگ ۽ آءِ ايس پي آر ان نالي جي مخالفت ڪري رهيا هئا پر صدر آصف علي زرداري ان تي زور ڏنو. اهو شخص جيڪو چوندو هو ته فارم 47 جي حڪومت فيلڊ مارشل آندي آهي، ان ئي شخص کي ان ئي حڪومت وٽان ايوارڊ ڏياريو ويو، اهو نالو حامد مير جو آهي. حامد مير آصف علي زرداري جي شاطراڻي چال سمجهي سگهيو آهي يا نه، خدا ڄاڻي. هاڻي هو ڪيئن ويهي چوندو ته اها فارم 47 جي حڪومت آهي. ايوان صدر ۾ آرمي چيف، وزيراعظم به موجود هئا. ان جو مطلب اهو آهي ته اهڙي ريت حامد مير حڪومت کي ۽ حڪومت آڻيندڙن کي به تسليم ڪري ورتو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر 16آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.