ٽرمپ پيوٽن سان ملاقات کي وڏو امتحان قرار ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن(ع آ نيوز) ٽرمپ ۽ پوٽن جي ملاقات جي ڪوريج لاءِ عالمي ميڊيا جا نمائندا وڏي انگ ۾ الاسڪا جي شهر اينڪريج پهتا آهن .آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته يوڪرين ۽ روس جي وچ ۾ امڪاني زميني مٽاسٽا جو فيصلو مڪمل طور تي ڪيف تي دارومدار رکي ٿو۔ روسي صدر سان جمعي جي ڏينهن ملاقات لاءِ ايئر فورس ون ذريعي الاسڪا روانگي دوران صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو  ته،  هن معاملي ۾ فيصلو يوڪرين ئي ڪندو۔ هن روسي صدر ولاديمير پوٽن سان پنهنجن لاڳاپن جي واکاڻ ڪندي چيو ته  هو هڪ ذهين شخص آهي، هو گهڻي عرصي کان هي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ مان به۔ اسان ٻئي صدر آهيون، اسان جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا ۽ باهمي عزت موجود آهي. ٽرمپ بعد ۾ الاسڪا ۾ پوٽن سان ملاقات ڪندو۔ روانگي کان اڳ هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ‘ٽروٿ سوشل’ تي لکي ڇڏيو: "ڏاڍو وڏو امتحان  آهي. آمريڪي صدر سان گڏ وزير خارجه مارڪو روبيو، خزاني جو وزير اسڪاٽ بيزنٽ، واپار جو وزير هاورڊ لِٽ نِڪ، ۽ خاص نمائندو اسٽيئو وِٽڪوف به موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.