سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي نئين پاليسيءَ ٻڙڌڪ مچائي ڇڏيو

تحرير: غلام حسين جوڻو

قانون موجب، هر سرڪاري ملازم کي سٺ سال ڄمار تائين سرڪاري نوڪري ڪرڻي پوندي آهي. ان کان پوءِ کيس پيرسن سمجهي آرام ڪرڻ جو مشورو ڏيئي نوڪري تان فارغ ڪيو ويندو آهي. اهو قانون انگريزن جي دور کان وٺي هلندو پيو اچي. جيڪو اڃا تائين هلي پيو. سٺ سالن جي عمر تائين ماڻهو جو جسم سگھارو رهي ٿو. ان کان پوءِ آهستي، آهستي ڪمزور ۽ ضعيف ٿيندو ويندو آهي. جنهن ڪري ان عمر کان وڌيڪ ڄمار واري کي پيرسن تصور ڪيو وڃي ٿو.

هاڻ، ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته، سنڌ حڪومت مٿئين قانون ۾ تبديلي آندي آهي. هر سرڪاري ملازم سٺ سالن جي ڄمار کان اڳ ۾ رٽائرمينٽ وٺندو. ان سلسلي ۾ حڪومت رٽائرمينٽ جي عمر جي حد 55 سال مقرر ڪئي آهي. اهو فيصلو ڪري ملازمن کي پريشان ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ملازمن لاءِ جولاءِ 2025ع کان رٽائرمينٽ بابت نئين پاليسي لاڳو ڪرڻ سبب سرڪاري ملازمن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آهي. هر طرف واويلا آهن. سنڌ جي مختلف کاتن جي سرڪاري ملازمن پاران ماهوار پينشن گريجوئٽي ۾ ٿيندڙ نقصان کان بچڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ مذڪوره ملازمن وقت کان اڳ ۾ رٽائرمينٽ ڪرڻ لاءِ درخواستون تيار ڪري ورتيون آهن ۽ پينشن جا ڪاغذ به ٺهرايا پيا وڃن. ڪن ملازمن ته رٽائرمينٽ جي اجازت وٺڻ لاءِ کاتي جي اعليٰ آفيسرن کي درخواستون به ڏيئي ڇڏيون آهن. جنهن ڪري آفيسر به پريشاني ۾ پئجي ويا آهن ته ايترن ملازمن کي هڪ ئي وقت ڪيئن اجازت ڏجي ته هو رٽائرمينٽ وٺن. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته سڀ کان وڌيڪ بيان ڪيل درخواستون تعليم کاتي جي استادن توڙي نان ٽيچنگ اسٽاف ڏنيون آهن ۽ اهي ذهني طور تيار ٿي ويا آهن ته هو رٽائرمينٽ وٺي وڃي ڪو ٻيو ڌنڌو ڪن. پر، سمجهه ۾ اچي ٿو ته کين پينشن جا پئسا جلد ڪونه ملندا. سنڌ حڪومت وٽ شايد پئسا ڪونه آهن. هن کان اڳ ۾ ڪافي ملازم ڪافي عرصي کان وٺي پينشن جا پئسا وٺڻ لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن. ويتر هن نئين پاليسي تحت جيڪي ملازم رٽائر ٿيندا سي به مذڪوره پئسا وٺڻ لاءِ انتظار ئي ڪندا رهندا. کين نمبر وار رقم ملندي. ايستائين اهي ڪافي دشوارين، تڪليفن ۽ پريشانين کي منهن ڏيندا. هن مهانگائي جي دور ۾ گھرو خرچ ڪيئن پورا ٿي سگھندا. اهو انهن لاءِ هڪ وڏو مسئلو پيدا ٿي سگھي ٿو. سرڪاري دفترن جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويندو. اڳ ۾ ئي ادارن جي ناقص ڪارڪردگي آهي. ويتر وڏي تعداد ۾ ملازمن جي رٽائرمينٽ ٿيڻ سان ادارن جو ڪم بلڪل ٺپ ٿي سگھي ٿو. ان خطري ۽ انديشي کي هرگز رد ڪري نه ٿو سگھجي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سنڌ حڪومت ادارن کي هلائڻ لاءِ ڪيئن منهن ڏيندي. حڪومت لاءِ به ڏکيائيون پيدا ٿي سگھن ٿيون.

ياد رهي ته تجريبيڪار ملازم رٽائر ٿيڻ کان پوءِ نون ماڻهن کي سرڪاري ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ڪافي مشڪلاتون پيش اچي سگھن ٿيون. خبر ناهي ته حڪومت اهو فيصلو ڪهڙي آڌار تي ڪيو آهي. ڪهڙي بنيادن تي اهڙي منصوبا بندي ڪئي آهي. ان باري ۾ ڪابه خبر ڪونه آهي. ان متعلق واڳ ڌڻي ئي ٻڌائي سگھن ٿا. آئون هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته، هن فيصلي موجب ڪيترائي استاد رٽائرمينٽ وٺندا. سندن رٽائرمينٽ کان پوءِ کوڙ اسڪول بند ٿي ويندا. ڪيترن ئي اسڪولن جي درس و تدريس جو ڪم متاثر ٿيندو. اڳ ۾ ئي اسان جو تعليمي معيار بهتر ڪونه آهي. جنهن ڪري ڪرندڙ معيار تي سدائين تنقيد ٿيندي رهي ٿي. ان تي آڱريون کڄي رهيون آهن. ويتر گھڻي تعداد ۾ استادن جي رٽائرمينٽ جي ڪري تعليم جي عمل تي ناڪاري ۽ منفي اثر پوندا. اهو وڏو قومي نقصان هوندو. جنهن جو ازالو ڪنهن به صورت ۾ ٿي نه ٿو سگھي. تعليمي نقصان جي ڪري شاگردن جو مستقبل اونداهو ۽ تباهه ٿي سگھي ٿو. منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته هن وقت سڄي سنڌ ۾، حڪومت جي هن فيصلي تي ٽيڪاٽپڻي ۽ بحث ڪيو پيو وڃي. جتي به ملازم گڏ ٿين ٿا ته اها ئي ڳالهه زيربحث آهي. ڪي ته حڪومت جي ان فيصلي جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪن ٿا ۽ سندن چوڻ آهي ته، پراڻا ماڻهو رٽائر ٿيڻ سان ٻين کي نوڪري ڪرڻ جو وجهه ۽ موقعو ملندو ته ڪي وري سخت مخالفت ڪري رهيا  آهن ۽ سندن خيال آهي ته سنڌ حڪومت قانون، آئين ۽ انگريز جي ٺاهيل قاعدن کي چيلينج ڪيو آهي ۽ انهن کي رد ڪيو آهي. هن وقت ماڻهن جا به مختلف رايا آهن. ان فيصلي جي مخالفت ۾ ماڻهن جي گھڻائي آهي. جڏهن ته حمايت ۾ تمام ٿورا ماڻهو آهن.

ڪن ساڃاهه وند ماڻهن جو چوڻ آهي ته ملازمن جي رٽائرمينٽ ٿيڻ کان پوءِ جيڪي جايون خالي ٿينديون ان جاين تي نون ملازمن کي مقرر ڪرڻ لاءِ ميرٽ جي لتاڙ، رشوت ۽ ڪرپشن جا دروازا کلندا. پئسي وارن، سرندي وارن ۽ سفارشي ماڻهن کي نوڪريون ملنديون. پر، عام ماڻهو کي سرڪاري نوڪري ڪونه ملي سگھندي. جنهن ڪري ڪيترائي اهل ماڻهو روزگار کان رهجي ويندا. سندن حق تلفي ٿيندي. جنهن سان احساس ڪمتري پيدا ٿي سگھي ٿي ۽ اهي مايوسي، نااميدي ۽ نراسائي جو شڪار ٿي سگھن ٿا. ٻئي طرف سرڪاري ملازمن جي الائنس به گڏجاڻيون شروع ڪيون آهن پاڻ ۾ صلاح ۽ مشورا ڪيا پيا وڃن حالتون احتجاج جي طرف وڃي رهيون آهن ۽ مذڪوره منصوبندي جي خلاف آواز اٿارڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. ڄاڻايل ملازمن سنڌ حڪومت جي ان فيصلي کي مڪمل طرح رد ڪيو آهي ۽ سنڌ دشمني قرار ڏنو آهي. هن وقت ملازمن ۾ وڏو تاءُ آهي سندن رد عمل ايندڙ چند ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندو. ان باري ۾ هن وقت ڪا راءِ ڏيڻ قبل از وقت جي ڳالهه آهي ڪا حتمي راءِ ڏيئي نه ٿي سگهجي. اها به هڪ حقيقت آهي ته هڪ ئي وقت هيترا ملازم نوڪرين مان نڪرڻ سان ادارن ۽ کاتن تي ناڪاري اثر پوندو. هو تجربيڪار آهن. پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي ادارن کي هلائي رهيا آهن. جنهن ڪري سندن نوڪري مان خارج ٿيڻ سان ادارن کي تباهي جي سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل ٿي نه ٿو سگھي. جيڪڏهن حڪومت ان ڳالهه تي بضد آهي ته، مذڪوره فيصلي تي عمل لازمي ٿيڻ گھرجي. ته پوءِ واڳ ڌڻين کي اهو سوچڻ گھرجي ته، ٻن يا ٽن مرحلن ۾ ملازمن کي رٽائرمينٽ ڏني وڃي. جن ملازمن جي عمر 55 سالن کان مٿي ۽ 60 سالن تي وڃي پهتي آهي. پهريائين انهن کي فارغ ڪيو وڃي. اهو ڪم به ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. تنهن کان پوءِ 55 سالن واري ملازمن کي مرحليوار رٽائر ڪيو وڃي. سڀني کي هڪ وقت ۾ نوڪري مان بيدخل ڪرڻ سان ادارن جو نقصان ٿيندو. اهو قومي نقصان هوندو.

ان نقصان کان بچڻ لاءِ حڪومت کي مٿئين ڄاڻايل فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ گھرجي. ٻيهر غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت کي زميني ۽ عوامي حالتن کي ڏسي فيصلو ڪرڻ گھرجي. جيڪو به فيصلو ڪيو وڃي، منصوبابندي ۽ رٿابندي ڪئي وڃي ان ۾ عوام جي راءِ ۽ جذبات کي سامهون رکڻ وقت جي اهم تقاضا ۽ گھرج آهي. ياد رهي ته سنڌ جون ساڃاهه وند ڌريون هن فيصلي جي خلاف آهن. عوام جي اڪثريت به مخالفت ۾ آهي. جنهن ڪري اسان اها راءِ ڏينداسون ته هن پاليسي کي ختم ڪيو وڃي. بيان ڪيل فيصلو واپس ورتو وڃي يا نظرثاني ڪري عوام جي بيچيني دور ڪئي وڃي. هونئن به ادارن کي صحيح نموني هلائڻ لاءِ سينيئر ۽ اهل ماڻهن جي ضرورت پوي ٿي. جن جي صلاح و مشوري جي بغير اسان جا ادارا ۽ کاتا هلي نه ٿا سگھن. جيڪڏهن صوبي جو بهتر انتظام هلائڻو آهي ته پوءِ حڪومت کي سڀني پاسن کي چڱي طرح جاچڻ گھرجي ۽ ان کان پوءِ، ملڪ ۽ عوام جي فلاح و بهبودي لاءِ قدم کڻڻ گھرجن. اميد اٿئون ته حڪومت بيان ڪيل فيصلي تي نظرثاني ڪندي. هر، ملازم کي رٽائرمينٽ وٺڻ قانوني ۽ جمهوري حق آهي جنهن کان انڪار ڪري نه ٿو سگھجي. پر، جيڪا سٺ سالن جي عمر جي حد مقرر آهي تنهن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي ۽ غربت آهي جيڪا روزانه تيزي سان وڌي رهي آهي. هيڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي نوڪرين تان فارغ ڪرڻ سان غربت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو ۽ حڪومت کي به رٽائر ملازمن کي مراعاتون ڏيڻ لاءِ مالي بار پوندو. مطلب ته سنڌ سرڪار جي واڳ ڌڻين ۽ وس وارين اختيارين کي ڪجهه سوچڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.