آزادي جو ڏينهن ۽ ورهاڱي کانپوءِ واريون حالتون

تحرير: غلام حسين لغاري

1947 کان اڳ به ڀارت موجود هو ۽ دنيا جي نقشي تي هندن جي ملڪ طور قائم آهي جن پاڪستان ٺاهيو ۽ ان پوءِ خواب ڏٺا يا سنڌ اسيمبلي ۾ ويهي ٺهراء پاس ڪيا فرنگين کان مطالبا ڪيا يا واري ڪفن ۽ آزادي وارا نعرا هڻي لکين سنڌي مسلمانن جون قربانيون ڏنيون تن مان ڪي ٿورا ماڻهو هن وقت به موجود هوندا جيڪي ڪنڊائتا هوندا نه ته اڪثر اڳواڻ ۽ اهي ماڻهو جن جو پاڪستان جي قيام ۾ مک ڪردار رهيو اهي هي ملڪ هي دنيا ڇڏي چڪا هوندا جيڪي حيات هوندا تن کي ئي ڀلي ڀت خبر هوندي ته ڀارت جو ورهاڱو ڪهڙن اصولن ۽ نظرين هيٺ ٿيو هو ۽ ورهاڱي وقت لڏ پلاڻ ڪيئن ٿي ۽ ڪيتري قدر  قتلام عام ٿيو هو ۽ ورهاڱي جا هن وقت ڪهڙا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن

ورهاڱي کان اڳ اهڙو ڪو به فيصلو نه ٿيو هو ته ڪير ڀارت ۾ رهندو ڪير ڇڏيندو ۽ ڪير پاڪستان ايندو ۽ ڪير پاڪستان ڇڏيندو البته اهو فيصلو ضرور ٿيو هو ته جيڪو پاڪستان اچڻ چاهيندو ان جي هتي آجيان ۽ ميزباني ڪئي ويندي جيڪا اتان ايندڙ مهاجرن پاڪستان پهچڻ تي خود به ڏٺي هئي ته ڪهڙي صوبي جي ماڻهن سندن آڌر ڀاءُ ڪيو هو ۽ جي ۾ جايون ڏنيون هيون ۽ پنهنجا گهر خالي ڪري به کين ترسايو هو.اهو سنڌ صوبو هو نه ته پنجاب کين اهو چئي ڪڍيو هو ته پاڪستان اڳتي اٿو.هن وقت به ڀارت مان لڏي آيل پڙهيل لکيل مهاجر اهو تسليم ڪن ٿا ۽ پاڻ کي سنڌي تسليم ڪن ٿا باقي مهاجرن جو ڪند ذهن طبقو اها ڳالهه نٿو مڃي.پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ملڪيتن تي مالڪي جو ڪو به ذڪر نه ٿيو هو ته ڪو مهاجرن کي ڪليم ڏنا ويندا اهو ته وقت جي وزيراعظم لياقت علي خان جو ٽوپي ڊرامو هو.البته فيصلو  ٿيو هو ته ڀارت يا پاڪستان ڇڏيندڙ هندو ۽ مسلمان واپس پهچي يا ڪجهه عرصو پنهنجي وطن ۾ ترسي ڪري پنهنجيون ملڪيتون وڪرو ڪري سگهندا.ڀارت مان نه سمورا مسلمان پاڪستان آيا نه وري سمورا هندو پاڪستان ڇڏي ڀارت هليا ويا هئا سواء انهن جي جن کي هڪٻئي کان جان جو خطرو هو.پاڪستان جا پئسي وارا هندو ته پنهجيون ملڪيتون هتي ئي وڪرو ڪري پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يا بعد ۾ دنيا جي مختلف ملڪن خاص ڪري سينگاپور برطانيه ۽ آمريڪا هليا ويا جتي هن وقت به اهي رهن ٿا ۽ ڪاروبار ڪن ٿا.ڀارت مان لڏي آيل جيڪي پاڻ کي 78 سال گذري وڃڻ بعد به مهاجر سڏرائين ٿا کين پاڪستان پهچڻ بعد اعلي درجي جون نوڪريون ۽ ڪليمن ۾ جائدادون ۽ زمينون به مليون جن جا ڪراچي حيدرآباد سکر ميرپورخاص لاڙڪاڻي ۾ ڪاروبار به آهن پوءِ به انصاف ۽ حق نه ملڻ جون دانهون پيا ڪن.جن کي به زرعي زمينون مليون سي فوري کپائي ڪراچي هليا ويا جنهن سان سنىڌ جا ماڻهو ڪليمن وارين خريد ڪيل زمينن تي جهيڙا ڪندا ڪورٽن ۾ ڪيس ڳائيندا رهجي ويا.پاڪستان بلخصوص سنڌ ۾ رهندڙ هندو هن وقت به خوش آزاد نموني رهن ٿا جڏهن ته ڀارت لڏي ويل هندو ۽ اتان جا مسلمان هن وقت به ڀارت ۾ محفوظ ناهن.

ڀارت جو ورهاڱو صحيح ٿيو يا غلط اها ڳالهه هاڻ ورجائڻ مان ڪو به فائدو ناهي ڇاڪاڻ ته اهو انوقت جي وڏڙن ۽ سياسي قيادت جو فيصلو هو جن ڀارت ۽ فرنگين کان آزادي حاصل ڪرڻ پئي چاهي جيڪا ملي به پر ان آزادي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ملڪ جي ترقي و خوشحالي پوءِ اسان تي به ڪجهه ذميواريون لاڳو هيون جيڪي اسان پوريون ڪري نه سگهياسين جنهنڪري ٻين آزاد ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪافي پوئتي پيل آهيون جنهن جو وڏو ڪارڻ اسان پنهنجو پاڻ هڪٻئي جا پير ڪڍڻ پويان آهن.

پاڪستان ٺهڻ بعد اسان کي مسلم ليگ ته ورثي ۾ ملي پر اها وقت به وقت ڌڙن جو شڪار ٿيندي رهي آهي هن وقت رڳو مسلم ليگ جا ڪيئي ڌڙا آهن جن تي سياستدان گهٽ ڪاروباري ماڻهن جو قبضو آهي جيڪي شروع کانوٺي جمهوريت ۽ آئين جي پاسداري ڪري نه سگهيا جنهنڪري اسٽيبلشمنٽ جو شروع کان وٺي سياست ۽ حڪمراني تي قبضو ۽ اثر رهيو.ملڪ جي حڪمراني تي اڳتي هلي پ پ پ ,ن ليگ,ق ليگ ۽ پي ٽي آء کي به اڳيان آندو ويو تن به ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاريو ملڪ کي معاشي ۽ سياسي تباهي طرف ڌڪيو وڏو عرصو ملڪ انتقامي سياست جو شڪار رهيو آهي.1973 ۾ قوم کي متفقه آئين مليو جنهن جو هليو به بگاڙيو ويو جنهن ۾ به هڪٻئي پويان 26 ترميمون آنديون ويون وڌيڪ ترميمن جا امڪان آهن جنهن جو وڏو ڪارڻ ملڪ جي سياسي قيادت ۾ هم آهنگي نه هجڻ برابر آهي.اهوئي سبب آهي جو جمهوريت پروان نٿي چڙهي آئيني ادارن جي پائمالي ٿئي ٿي ڪڏهن ڪنهن وزيراعظم جو عدالتي قتل ٿئي ٿو ٿو ته ڪڏهن وري انجي حڪومت وقت کان اڳ ختم ڪئي وڃي ٿي ته ڪڏهن کين ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيا وڃن ٿا.مني لاڊرنگ وسيلي پرڏيهه پئسو موڪلڻ ته معمول جو حصو بڻيل آهي.

ورهاڱي کانپوءِ ڀارت پاڪستان کي آزاد ملڪ ناهي مڃيو سدائين پاڪستان کي ٽوڙڻ وارين سازشن جو حصو رهيو آهي هن وقت تائين پاڪستان تي ظاهري طور چار جنگون جوٽي چڪو آهي غير ظاهري جنگيون ان کان الڳ آهن پر پاڪستاني ماڻهن ۽ پاڪ فوج جي گڏيل حڪمت عملي سبب کيس منهن جي کائڻي پئي اٿس پوءِ به نٿو مڙي وري به هن ڪا جنگ مڙهي ته ويتر شڪست کائڻي پوندس.هن ڏس ۾ ملڪ جي سياسي قيادت کي به ڪجهه اڳيان اچڻو پوندو جنهن پوءِ آئين کي اصل حالت ۾ واپس آڻڻو پوندو ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻو پوندو جيڪا ئي پاڪستان جي سگهه آهي.ڀارت ٻيو کڻي ڪجهه به نه ڪري سگهي پاڪستان اندر اندروني خلفشار پئدا ڪرڻ ۽ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ چاهيندو جنهن کان بچڻ جي ضرورت آهي.آمريڪا به هاڻ ڀارت جي سازشن کي سمجهي چڪو آهي ۽ سندس سموري توجهه پاڪستان تي اٿس اهو انهي ڪري جو پاڪستان عرب ملڪن توڙي چين روس ايران ۽ ترڪي جي به ويجهو آهي جن سان دوستانه رابطا به مضبوط اٿس جنهنڪري به آمريڪا پاڪستان جي ويجهو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ آهي.

 بهرحال ڀارت کي به وقت ۽ عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ تبديلين کي نظر ۾ رکندي جنگي جنونيت مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪري پاڪستان جي آزادي ۽ 47 واري ورهاڱي کي قبول ڪري جنهن پوءِ هٽ ڌرمي مان ٻاهر نڪري والاريل ڪشمير جي عوام کي آزاد رهڻ وارو حق تسليم ڪري اوڙي پاڙي جي سرحدن جو احترام ڪري. پاڪستان جي سياسي قيادت کي به اڄوڪي ڏهاڙي يوم آزادي پاڪستان جو ڀرپور احترم ڪرڻ سان گڏ جمهوريت ۽ آئين جي تقدس کي اهميت ڏئي اهڙين اجاين ترميمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان ورهاڱي ۽ قيام پاڪستان وارا مقصد اڌورا نه رهجي وڃن.جن پاڪستان ٺاهيو ۽ پاڪستان جي آزادي پوءِ جاکوڙيو انهن جي مڃتا به ضروري آهي جيڪي حيات ناهن تن جي پونئيرن کي سياسي سفير جو درجو ۽ معاوضا ملڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.