اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان، 2002ع جي اليڪشن کان پوءِ کليل لفظن ۾ اهو اعتراف ڪيو هو ۽ عوام کان معافي به گهري هئي ته هن 12 آڪٽوبر 1999ع تي اڳوڻي آرمي چيف جنرل پرويز مشرف جي قدمن جي حمايت ڪئي هئي ۽ پوءِ 2001ع جي ريفرنڊم ۾ به کيس ووٽ ڏنو هو. هن اعتراف کي سياسي ۽ علمي حلقن سٺي نظر سان ڏٺو هو. هاڻي هڪ ٻيو اعتراف ۽ معافي سامهون آئي آهي، پر هي ڀيرو باني جي بدران پي ٽي آءِ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر پاران، جن اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي مدت ۾ واڌ ڏيڻ بابت غلطي مڃي ۽ معافي گهري آهي. البت، اعتراف لاءِ اڃا به گهڻي گنجائش موجود آهي، پر اميد رکي سگهجي ٿي ته غلطيون ورجائڻ بدران انهن مان سبق سکندي اڳتي وڌبو، ڇاڪاڻته سياست ۾ بار بار ٿيندڙ غلطيون پوري قوم لاءِ نقصانڪار ٿين ٿيون. تحريڪ انصاف سياست ۾ ڪجهه نيون روايتون متعارف ڪرايون، جن ۾ ڪجهه قابلِ تعريف هيون ۽ ڪجهه تي تنقيد ٿي سگهي ٿي.
اسان جي سياسي تاريخ ۾ اهڙيون سنگين غلطيون به ٿيون آهن، جن جو هاڻي شايد ازالو ممڪن ئي نه آهي. مثال طور، جماعت اسلامي جي نائب امير پروفيسر غفور احمد مرحوم هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا اهو مڃيو ته جنرل ضياءُالحق جي ريفرنڊم ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ جي خاموش حمايت جماعت اسلامي جي غلطي هئي، ۽ اها ڳالهه به هن پيپلزپارٽي جي منعقده سيمينار ۾ چئي. اهڙيءَ طرح شهيد بينظير ڀٽو به سدائين مڃيندي هئي ته 1985ع جي غيرجماعتي چونڊن ۾ ايم آر ڊي جو حصو نه وٺڻ هڪ سياسي غلطي هئي. پر سڀ کان اهم اعتراف تڏهن ٿيو، جڏهن محترمه ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ميان نواز شريف ’ميثاقِ جمهوريت‘ تي دستخط ڪرڻ کان اڳ اعتراف ڪيو ته هو ٻئي هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿيا هئا. هڪ اعتراف جنرل پرويز مشرف به ڪيو هو، جڏهن 3 نومبر 2007ع ۾ ايمرجنسي دوران ميڊيا تي پابندي لڳائي. ذوالفقار علي ڀٽو به چوندو هو ته کيس پارٽي اندر ماڻهن کي سڃاڻڻ ۾ غلطي ٿي، جنهن جي قيمت به کيس ادا ڪرڻي پئي.
سانحي مشرقي پاڪستان بابت گڏيل قومي سطح تي ته اعتراف ٿيو، پر انفرادي طور ڪو اڳتي نه آيو. ’بنگالي ڀائرن‘ کان معافي به گهري وئي، جيڪا غالباً جنرل مشرف جي دور ۾ ٿي. تنهن هوندي به، اسان جي سياست ۾ غلطيون، اعتراف ۽ معافيون موجود رهيون آهن. جيڪڏهن اسان ڏکڻ آفريڪا جي طرز جو ڪو ’اعترافي ڪميشن‘ ٺاهيون ها ته شايد تاريخ مان ڪجهه سکون ها، پر هتي مسئلو معافي يا اعتراف کان وڌيڪ اهو آهي ته غلطيون ورجايون وڃن ٿيون. اهو ئي عمل عمران خان جي ڪيس ۾ به ڏسجي ٿو، بينظير ۽ نواز شريف جي سياسي سفر ۾ به، ۽ الطاف حسين جي ڪيس ۾ به، جڏهن هن 22 آگسٽ 2016ع جي تقرير ۽ پاڪستان مخالف نعري تي معافي گهري، پر پوءِ وري به اهڙيون تقريرون ڪيون، جن جا نتيجا کيس ڀوڳڻا پيا. افسوس ته ڪو به آمر مارشل لا لڳائڻ ۽ ججن پاران انهن غيرآئيني قدمن جي حمايت جو اعتراف نه ڪيو، ۽ نه ئي معافي گهري، بلڪه انهن قدمن جو دفاع ڪيو ويو. وڌيڪ حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اسان جي تعليمي نصاب مان اهي غلطيون، اعتراف ۽ معافيون غائب آهن، جڏهنته آمريت جي ڪجهه قدمن جي واکاڻ به ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب نئين نسل کي پنهنجي تاريخ جي تلخ حقيقتن جو علم ئي نٿو رهي. اسان جي تاريخ ۾ ته ڪيترا ئي چيف جسٽس ’شاه کان وڌيڪ شاه جا وفادار‘ ثابت ٿيا، جيئن بيگم نصرت ڀٽو ڪيس ۽ ظفر علي شاه ڪيس ۾، جتي غيرآئيني قدمن کي نه صرف آئيني تحفظ ڏنو ويو، پر پاڻمرادو آئيني ترميمن جو اختيار به ڏنو ويو.
اڄ جي سياست ۾ جتي هڪ طرف ٻه وڏيون سياسي پارٽيون، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي، ’ميثاقِ جمهوريت‘ جي روحن جي ابتڙ غيرسياسي قوتن کي سياسي جاءِ ڏئي رهيون آهن، اتي ئي اعليٰ عدليه کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻ بدران انتظاميا جي تابع آڻڻ جي ڪوششون ٿي رهيون آهن. اهڙي ماحول ۾ عمران خان به اها ئي سياسي غلطي ورجائي رهيو آهي، جڏهن هو سياسي مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ غيرسياسي قوتن ڏانهن ڏسي رهيو آهي ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو. هاڻي جيڪڏهن ڳالهه ٺهي به وڃي ته پوءِ سوال اهو آهي ته هو اڳتي ڇا ڪندو؟
پي ٽي آءِ سياست ۾ هڪ الڳ ’مزاج‘ سان آئي، جنهن جو اڳواڻ سياست ۾ اچڻ کان اڳ به خبرن جو مرڪز رهيو هو. عمران خان اعلان ڪيو ته هو پارٽي ۾ ڪنهن به ’لوٽي‘ کي جاءِ نه ڏيندو، ۽ انهي لاءِ هڪ اسڪروٽني ڪميٽي به ٺاهي وئي، جيڪا ٻين پارٽين مان ايندڙ ماڻهن بابت جاچ ڪندي هئي ته هنن پارٽي ڇو ڇڏي، ڇا انهن تي ڪرپشن جا الزام آهن، ۽ ڇا هو نظرياتي طور شامل ٿي رهيا آهن يا مجبوريءَ ۾. پر پوءِ اها روايت ختم ٿي وئي. هڪ ڀيري جڏهن مون اڳوڻي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کان پڇيو ته ڇو ’اليڪٽيبلز‘ کي پارٽي ۾ آندو پيو وڃي، ته هن انهن جو دفاع ڪيو، چاهي اهي نظرياتي طور پارٽي سان هجن يا نه، پر پنهنجو حلڪو کٽي سگهن. پنجاب جي اڳوڻي وزيراعليٰ عثمان بزدار جو چونڊجڻ به عمران خان جي وڏي سياسي غلطي سمجهي ويندي آهي، جيڪا اڳتي هلي عمران-باجوه تڪرار جو سبب بڻجي. ساڳي طرح پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلين جو ٽوڙڻ به هڪ وڏي غلطي هئي.سياست ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو پنهنجي غلطيون مڃڻ ۽ انهن مان سبق سکڻ سان نڪري ٿو. آخرڪار سخت سياسي مخالف به جڏهن هڪ ٻئي سان ويهندا آهن ته کليل لفظن ۾ نه سهي، پر اڻ سڌيءَ طرح اعتراف ٿي ويندو آهي. نه به ٿئي ته به اڳتي وڌڻ لاءِ رستو نڪري ٿو، جيئن 1977ع ۾ پي اين اي ۽ ڀٽو وچ ۾ چونڊن جو معاهدو ٿيو. 2007ع ۾ جنرل مشرف سان ٿيل معاهدو شايد هڪ غلطي هئي، پر جيڪڏهن بي بي شهيد نه ٿئي ها ته شايد سياسي حل نڪري اچي ها. بعد ۾ جنرل مشرف جي رخصتي کي به ٻن رخن سان ڏٺو وڃي ٿو ڪجهه چون ٿا محفوظ رستو ڏيڻ گهرجي ها، ڪجهه چون ٿا ته مقدمو هلڻ گهرجي ها.
عمران کان هڪ اعتراف جنهن جو ڪيترن کي اڃا به انتظار آهي، اهو 9 مئي بابت آهي. هن جي پارٽي ۽ ڪيترائي اڳواڻ پنهنجي سياسي تاريخ جي بدترين دور مان گذري رهيا آهن، پر خان جو موقف آهي ته جيڪا غلطي هن ڪئي ئي ناهي، تنهن جو اعتراف ڇو ڪري. جڏهنته سندس مخالف سمجهن ٿا ته اهو عمران ۽ جنرل فيض جو گڏيل منصوبو هو. هاڻي فيصلو ته عدالت ئي ڪري سگهي ٿي ته ڪا سازش ٿي، ۽ جيڪڏهن ٿي ته ڪير ڪير ان ۾ شامل هو. بهتر اهو ٿيندو ته اهو ڪيس کليل عدالت ۾ هلي ته جيئن اهو طئي ٿي سگهي ته غلطي ڪنهن جي هئي ۽ سازش ڇا هئي، نه ته هتي هر ڪنهن جو پنهنجو سچ ۽ پنهنجو بيانيه آهي.