منهنجو ساڻس ناتو ڪيترو پراڻو آهي… خود مونکي به ياد ناهي. ڀٽائيءَ جي بيت جِي سٽ ”جڏهانڪر ٿيام ساڃاهه سپيريُن سين…“ هُن لاءِ ٿو پڙهان ته اهو بيت خود مونکان سوال ٿو ڪري ته ”ڪڏهانڪر ٿيام!؟“ اها ساڃاهه شايد ايتري ئي پراڻي آهي، جيترو پاڻ منهنجي ساڃاهه جو سفر… يعني مون جڏهن کان هوش سنڀاليو، تڏهن کان سندس سُڃاپري نالي توڙي حوالي جي ٿڌڙِي ڇانوَ ۾ پاڻ کي ويٺل پاتُم. شايد اهو کيس به ياد نه هجي ته هن مونکي منهنجي ننڍپڻ ۽ سندس جوانيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪڏهن ۽ ڪٿي پاٻوهه مان ملي پنهنجي شفقت آڇي هئي، پر ساڻس منهنجي شعور واريءَ عمر ۾ اچڻ کانپوءِ وارو مضبوط ناتو به گھٽ ۾ گھٽ ٽن ڏهاڪن تي مشتمل آهي. جيڪو هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ سگھارو ٿيندو رهي ٿو. مان جنهن شخصيت جو ذڪر پيو ڪريان، اها هونئن ته سڄي ملڪ لاءِ پنهنجي خاص معتبر ادبي، ثقافتي ۽ سياسي سڃاڻپ رکي ٿي، پر هوءَ منهنجي لاءِ منهنجِي وڏڙي ۽ منهنجي امڙ جيان احترام لائق ’مهتاب آپا‘ آهي، جنهنکي ڪنهن دؤرَ ۾ ريڊيي جا ٻڌندڙ ’مهتاب چنا‘ جي نالي سان سُڃاڻيندا هئا ۽ هاڻي دنيا کيس ’مهتاب اڪبر راشديءَ‘ جي نالي سان سُڃاڻي ٿي. هوءَ منهنجي لاءِ ماءُ وارو ساءُ ڇو نه رکي! ڇاڪاڻ ته هن جو اصل (شناختي ڪارڊ تي لکيل) نالو به اهو ئي آهي، جيڪو منهنجي امڙ جو نالو آهي.
ڪنهن سندس مُرڪَ کي موناليزا جي مُرڪَ چيو، ته ڪنهن سندس هردلعزيز ۽ شفيق شخصيت کي ڪنهن گھاٽي ڇانوَ دار وڻ سان تشبيهه ڏني. شمشيرالحيدريءَ کيس ”پدمڻي هيري ڪڻِي“ لکيو ته جامي چانڊيي کيس ”آوازَ جو مهتاب“ ڪوٺيو. اهي سڀ خوبيون بجا طور تي سندس ذات جو حصو آهن، پر مون هن کي هميشه ڪنهن ٻاجھاري وجود جيان ڏٺو آهي، جنهن سان هزارين ماڻهو پنهنجائپ جي دعويٰ ڪن ٿا ۽ انهن مان هر ڪو اهو چوڻ لاءِ به حق بجانب آهي ته هوءَ جيتري ساڻس ويجھي آهي، اوتري ٻئي ڪنهن سان نٿي ٿي سگھي. اهو اصل ۾ آپا جي شخصيت جو ڪمال آهي، جو هوءَ هر ڪنهن کي ايترو ڌيان ۽ مان ڏيندي رهي ٿي، جو سندس هر عزيزُ، قريبُ، دوستُ ۽ واقفڪار اهو ئي سمجھي ٿو ته هوءَ جيتري موٽَ کيس ڏئي ٿي، اوتري ٻئي ڪنهن کي به نه ڏيندي هوندي! منهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ گھڻا اهڙا موڙ آيا، جتي سندس رهنمائيءَ، دڳ ڏيکارڻ واري خوبيءَ ۽ صلاحن جي ڪري آءٌ ڪن مشڪلن مان ٽپي پار پَيُس. ڪن موقعن تي هن مونکي پنهنجي وڏڙن وانگر دڙڪا به ڏنا ته هدايت به ڪئي ۽ مون به فرمانبردار ٻارن جيان هميشه سندس دڙڪن کي اکين تي رکي سندس صلاح ورتي ۽ جڏهن به سندس مشورو مڃيم، سوڀارو رهيس. زندگيءَ جي ڏکين دل ڏاريندڙ گھڙين ۾ آٿت، آسرو ۽ ڀرجھلو بڻجڻ وارِي آپا مهتاب جو سڏُ، سدائين سڀني کان پهريان آيو ۽ حياتيءَ جي عظيم سانحن ۾ دلاسو ڏيڻ ۾ به هوءَ اڳ کان اڳري رهي. سندس ٻاجھه ڀرين لفظن هميشه منهنجي دل وڏِي ڪئي ۽ انهن غمن سهڻ جي شڪتي عطا ڪئي. اهو سندن وڏو وڙ آهي ته جڏهن اسان 2015ع ۾ مقصود گل صاحب جي لاڏاڻي کان چاليهه ڏينهن پوءِ ’مقصود گل اڪيڊميءَ‘ جو پايو وڌو ته پاڻ ان جي سرپرستِ اعليٰ ٿيڻ لاءِ راضي ٿيون ۽ اڄ تائين سندن سرپرستي توڙي صلاحون اڪيڊميءَ کي حاصل آهن.
پيشاورانه ميدان ۾ هڪ سنڌي ٽي وي چئنل جي ابتدائي ڏينهن کان اسان هڪ ئي ٽيم جو حصو هئاسين. جيتوڻيڪ آپا شروعاتي پروگرامن ۾ فقط هڪ ئي انٽرويو پروگرام ”آمهون سامهون“ ڪندي هئي، جنهن جي ريڪارڊنگ ٻاهر ئي ٿيندي هئي ۽ اهو پروگرام انٽرويو ڏيندڙ شخصيتن جي گھر وڃي ريڪارڊ ڪبو هو، پر پوءِ به چئنل جي گڏجاڻين ۾ آپا ۽ اسان هڪ ئي ٽيم ميمبر طور گڏبا هئاسون. مونکي ياد آهي ته چئنل شروع ٿئي اڃا ڪجھه ئي مهينا ٿيا هئا ته آپا پنهنجي وزيرِاعليٰ هائوس جي پويان واقع سرڪاري گھر ۾ مون سميت ان ٽي وي چئنل جي شروعاتي مختصر ٽيم جِي دعوت ڪئي هئي، جنهن سانجھاندي (ڊنر) ۾ فن توڙي علم ۽ ادب جي اهم ترين شخصيتن شرڪت ڪئي هئي. هي پروگرام بعد ۾ تان نشر به ٿيو هو.
جنهن شعبي سان منهنجو تعلق آهي، ان جُون فني پيچيدگيون ۽ ڳالهائڻ جو هنر سکڻ لاءِ آپا مهتاب جي ڳالهائڻ جو سمعي ۽ بصري مشاهدو پنهنجو پاڻ منهنجو استاد رهيو، پر ڪمپيئرنگ جُون تڪنيڪي گَهِرايُون سکڻ جي حوالي سان مون کائنس جڏهن به ڳالهائڻ جي ڪنهن ’ٽيڪنيڪ‘ جي باري ۾ پُڇيو ته هن سيکارڻ ۾ ڪڏهن به ڪونه ڪِيٻايو. ان حوالي سان آپا منهنجي ’مينٽور‘ ۽ استاد به آهي. مون پنهنجي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا (ريڊيي توڙي ٽي ويءَ) جي ڪيريئر ۾ مقصود گل صاحب کانپوءِ جن شخصيتن جا وڌ ۾ وڌ انٽرويو ڪيا آهن، تن ۾ آپا مهتاب ۽ شمشيرالحيدري صاحب شامل آهن. مون هن وقت تائين جن شخصيتن کان وڌ ۾ وڌ ۽ بار بار آٽوگراف ورتا آهن، انهن ۾ به آپا مهتاب سرِ فهرست آهي.
مونکي 2002ع ۾ ڪراچيءَ جي بحريه آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل ان ٽي وي چئنل جو اهو پهريون اسٽيج پروگرام ”مست مست گالا شو“ ياد آهي، جنهن ۾ جڏهن مون ڪمپيئرنگ ڪندي آپا مهتاب کي تقرير لاءِ اسٽيج تي پئي سڏايو ته سندس تعارف ۾ اهي لفظ چيا هئم ته ”سندس تعلق اهڙي مٺي ۽ ٿڌي جرَ واري شهر سان آهي، جنهنجي هڪ پاسي کان ’رائيس ڪئنال‘ ٿو وهي، ته ٻئي پاسي کان ’دادُو ڪئنال‘. ته پوءِ ڇو نه سندس لهجي ۾ به ان ٿڌي مٺي پاڻيءَ جهڙو ميٺاج ۽ سڳداسي چانورن جو هُڳاءُ هجي، جو اهو آواز ٻڌڻ سان دل جي موسمَ دلفريب ٿِي وڃي!“ اهي لفظَ ٻُڌندي آپا جي چپن تي جيڪا مُرڪَ هئي، اها سدا بهار مُرڪَ مُونکي اڄ به ياد آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن آپا مرڪندي آهي ته سندس چپن کان وڌيڪ سندس اکيون مرڪنديُون آهن. آپا جڏهن به ملندي آهي ته ان ئي سداملوڪ مُرڪَ سان نوازي دل جا گُھنجَ لاهي ڇڏيندي آهي.
14 آگسٽ 1947ع تي منهنجي ناناڻي شهرَ نئين ديري ۾ جنم وٺندڙَ آپا مهتاب جِي عمر اڄ پاڪستان وانگر پورا 78 سال ٿي رهي آهي. ان موقعي تي مونکي آپا جي وَرَ، اڪبر راشدي صاحب جو هڪ لطيفو ٿو ياد اچي. آگسٽ 2005ع ۾ مون ۽ پياري عرفان عباسيءَ آپا مهتاب جي مان ۽ خدمتن جي مڃتا ۾ ماهوار ”سنڌ رويُو“ رسالي جو خاص شمارو فقط 14 ڏينهن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري سهيڙي شايع ڪيو هو، جنهنجي شاندار مهورتي تقريب ۽ ان موقعي تي آپا سان هڪ يادگار مڃتا شامَ، 30 آگسٽ 2005ع تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي هئي سين. جنهن جي نظامت به مون ڪئي هئي. ان تقريب ۾ اسٽيج تي شمشيرالحيدريءَ، آپا مريم نوحاڻيءَ، مظهرالحق صديقي صاحب ۽ آپا سلطانه صديقيءَ جهڙيون انتهائي معتبر هستيون موجود هيون، ته مقررن ۾ به پنهنجي پنهنجي شعبي جا هڪ کان هڪ ناميارا ماڻهو، سندس ريڊيي توڙي ٽي ويءَ جا ساٿي، مداحَ توڙي دوست شامل هئا. انهن سڀني مٿس دل سان انتهائي سهڻو پئي ڳالهايو. اڪثر مقررن بار بار اهو جملو پئي ورجايو ته ”پاڪستان ۽ مهتاب ٻنهي جي عمر 58 سال ٿي چڪي آهي. (ان سال آپا جي 58هين سالگرهه هئي) پر پاڪستان جو حال ڏسو ڪهڙو ٿيو آهي ۽ مهتاب ڏسو ڪيئن سدا بهار لڳي پئي آهي.“
هيترن سارن مقررن، آپا جي گَھڻگُھرن ايڏو سهڻو ڳالهايو پئي ته آپا جِي دل پئي چيو ته آپا جو پٽ رافع ۽ رافع جو پيءُ (اڪبر راشدي صاحب) به ان موقعي تي ٻه ٽي لفظَ آپا لاءِ ڳالهائن. رافع کي ته مُون جيئن تيئين زوريءَ گھرائي ورتو ۽ هن لڄ شرمَ توڙي گھٻراهٽ باوجود ٻه ٽي بي ساخته جملا پنهنجي ماءُ لاءِ ڳالهائي جان ڇڏائي، پر مان اڪبر صاحب کي جڏهن اهو ٻڌائڻ سندس سِيٽ تي وَيُس ته ”آپا چاهي ٿي ته اوهان ٻه ٽي لفظَ ڳالهايو!“ ته هن انڪار ڪيو ته ”مان ڪونه ڳالهائيندُس!“ آپا جيئن ته اسٽيج تي ويٺي هئي، ته هن اهو ساڳيو نياپو ٻه ٽي ڀيرا ساندهه منهنجي هٿان اڪبر صاحب کي وري وري موڪلرايو ۽ نيٺ اڪبر صاحب مونکي سختيءَ سان منع ڪيو ته ”مونکي هرگز نه گُھرائجانءِ!“ آپا کي جڏهن سندس صاف انڪار بابت اچي ٻڌايم ته ان مونکي چيو: ”تون نالو سندس انائونس ڪر! پاڻهي اچي ٻه لفظ ڳالهائيندو. مان هيڏي اهم تقريبَ ۾ اهو نٿي چاهيان ته هيڏا سڀ ماڻهو مون تي ڳالهائن ۽ اڪبر نه ڳالهائي!“ مون به الله تو آهر ڪري هڪ مقرر کانپوءِ اڪبر صاحب جو نالو انائونس ڪيو ته اڪبر صاحب ڊائيس تي اچي اڌ منٽ ۾ بس هڪڙي ئي ڳالهه ڪئي. پر اها اهڙي ڳالهه هئي جو سڄي محفل لُٽي ورتائين ۽ هال ۾ ڪيتري دير ٽهڪڙن سان گڏ تاڙيُن جا ڦهڪا جاري رهيا. هن چيو؛ ”ابا، هتي جيڪو ٿو اچي، اهو ٿو چوي ته مهتاب جِي عمر به پاڪستان جيتري يعني 58 سال آهي. پاڪستان جو حال ڏسو! ۽ مهتاب جو حال ڏسو! ته مان ايترو چوندس ته پاڪستان جو اهو زبون حال اوهان سرڪاري ملازمن ۽ سياستدانن ڪيو آهي. اوهان پاڪستان جو خيال ناهي رکيو، پر مون مهتاب جو خيال رکيو آهي. تنهنڪري مهتاب اڄ به گلن جيان پئي ٽڙي ۽ پاڪستان جي حالت اوهان آڏو آهي!“
جيتوڻيڪ ان واقعي کي پورا 20 سال گذري ويا آهن، پر آپا مهتاب اڄ به پنهنجي مهربان مُرڪَ سان سنڌ لاءِ اتساهه جو باعث آهي. اڄ پاڪستان سميت آپا به پنهنجي زندگيءَ جُون 78 بهارون پوريون پئي ڪري. اڄ سندس سالگرهه تي اها دعا آهي، ته سندس زندگيءَ ۾ سدائين بهار جي رُت رهي ۽ هوءَ ڪڏهن به ڪنهن به خِزان جو منهن نه ڏسي! (آمين)