لنڊن (م ڊ) برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز چيو آهي ته ڀارت، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي آمريڪي دوري دوران وائيٽ هائوس ۾ پاڪستان کي ڏنل موٽ تي ڪاوڙيل آهي .رپورٽ موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير آمريڪا ۾ جنرل مائيڪل ڪوريلا جي رٽائرمينٽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان کان اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات به ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ايران-اسرائيل تڪرار جي پرامن حل تي زور ڏنو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي دوري کانپوءِ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ غيرامڪاني اڳڀرائي ٿي ۽ آمريڪا، پاڪستان کي خطي ۾ اسٽريٽجڪ ثالث طور ڏسي رهيو آهي. رپورٽ موجب، آمريڪي صدر پاڪستان جي تيل جي ذخيرن جي ترقي لاءِ معاهدي جو واعدو ڪيو، جڏهن ته پاڪستان، آمريڪا کي خاص طور توانائي، معدنيات ۽ ڪرپٽو ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيش ڪيا. رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ڀارت پاڪستان جي وائيٽ هائوس ۾ پذيرائي مان خوش ناهي، مودي ۽ ٽرمپ ۾ ڇڪتاڻ جون خبرون به سامهون آيون آهن، جڏهن ته آمريڪا ڀارت تي 50 سيڪڙو سخت واپاري ٽيرف لاڳو ڪيا آهن، جڏهن ته پاڪستان لاءِ اهو شرح 19 سيڪڙو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته پاڪستان ”ورلڊ لبرٽي فنانشل“ سان ڪرپٽو ٽوڪنز لاءِ مفاهمتي ياداشت تي صحيح ڪئي ۽ ڪرپٽو ۽ بلاڪ چين واري وزير بلال بن ثاقب واشنگٽن ۾ تجارتي ڳالهين ۾ حصو ورتو. ايشيا پيسيفڪ فائونڊيشن جي سينيئر فيلو مائيڪل ڪوگل مين موجب، پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۾ جيڪي تبديليون اچي رهيون آهن، اهي حيران ڪندڙ آهن، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان هڪ ئي وقت آمريڪا، چين، ايران، نار وارن ملڪن ۽ روس سان لاڳاپا قائم رکيا، ۽ داعش جي هڪ اعليٰ دهشتگرد جي گرفتاري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
-
ضمني چونڊن ۾ وڏي مارجن تان ڪاميابي ن ليگ لاءِ وڏو چئلينج
لاهور/اسلام آباد (سيد طلعت حسين) ن ليگ کي ايندڙ ضمني چونڊن ۾ وڏو سياسي امتحان درپيش آهي، جتي پي ٽي آءِ جي نااهل ايم اين ايز وارن تڪن تي مقابلو ٿيندو. اهي چونڊون ٽيسٽ ڪيس هونديون ته عوام ن ليگ سان گڏ آهي يا نه، ڇو ته حڪومت وٽ وسيلا، سهولتون ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت موجود آهي. جيڪڏهن ن ليگ وڏي مارجن سان ڪاميابي نه ماڻي ۽ پي ٽي آءِ اڳڀري رهي ته عوامي تاثر ٿيندو ته حڪومتي پارٽي پنهنجي پوزيشن مضبوط نه ڪري سگهي. ان ڏس ۾ ن ليگ جي اعليٰ قيادت جون گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن ڇو ته هي رڳو ضمني چونڊون نه پر اهم معاملو آهي. پي ٽي آءِ قيادت جون نااهليون ۽ سزائون ن ليگ لاءِ ايڊوانٽيج سمجهيون پيون وڃن، پر پنجاب ۾ ن ليگ جي تنظيمي ڪمزوري، ڌڙابندي ۽ ماڻهن سان رابطو گهٽ هجڻ وڏو چئلينج آهي. مريم نواز پهريون ڀيرو ڪارڪردگي جو بيانيو اڳيان آڻيندي، جڏهن ته پي ٽي آءِ عمران خان جي نالي تي ووٽن تي ڀروسو ڪري رهي آهي. هي چونڊون نه رڳو نظام ۽ ميڊيا لاءِ به وڏو امتحان هونديون.
-
سنڌ هاءِ ڪورٽ: بئنچ سربراهه طرفان لوڊشيڊنگ بابت درخواست تي ٻڌڻي کان انڪار
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران بئنچ جي سربراهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو وڌيڪ ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن بعد ڪيس وڌيڪ ڪارروائي لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن موڪليو ويو. اِها درخواست اپوزيشن ليڊر سٽي ڪائونسل ۽ 9 ٽائون چيئرمينز طرفان داخل ڪئي وئي هئي. ٻڌڻي دوران نيپرا پنهنجي جمع ڪرايل جواب ۾ موقف اختيار ڪيو ته درخواست گذارن متبادل فورم موجود هوندي به عدالت سان رابطو ڪيو، تنهنڪري درخواست ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏئي رد ڪئي وڃي. نيپرا موجب، ٽائون چيئرمين لياقت آباد طرفان لوڊشيڊنگ بابت شڪايت تي ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ٿيون، جن مان هو رڳو هڪ ۾ پيش ٿيو. نيپرا اڳ ئي ڪي اليڪٽرڪ کي علائقي ۾ پهچ جو نظام اپگريڊ ڪرڻ جي هدايت ڏئي چڪو آهي. نيپرا وڌيڪ ٻڌايو ته ڪمرشل بنيادن تي لوڊشيڊنگ قانون جي ڀڃڪڙي آهي، 2023 ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو، جڏهن ته 2024 ۾ لائين لاسز جي بنياد تي لوڊشيڊنگ تي 5 ڪروڙ رپيا هنيو ويو، جنهن خلاف ڪي اليڪٽرڪ اسٽي آرڊر حاصل ڪيو، نيپرا جو چوڻ هو ته عدالتي حڪمن موجب ڪي اليڪٽرڪ کي سروي جا حڪم ڏنا ويا آهن ۽ صورتحال جي مانيٽرنگ جاري آهي، ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 12 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.