اسلام آباد/اوٽاوا(حنيف دوامي)ڇا هڪ پارٽي وفاقي جاچ ڪندڙ هڪ آفيسر جي “مار” آهي؟ جڏهن ان آفيسر تبديلي جو معاملو سامهون آيو ته سڀ پريشان ٿي ويا ته هي ويٺي ويٺي ڪهڙي مصيبت مٿن مسلط ٿي رهي آهي،ذريعن موجب گريڊ 21 جي ايڊيشنل آءِ جي شڪيل دراني کي ڊي جي نيب سنڌ بڻائڻ جي سمري موڪلي وئي، ان کي روڪڻ جون ڪوششون شروع ٿي ويون. ٻئي طرف، پاڻ ميگا ڪرپشن ۾ ملوث اهم شخصيتون ۽ ڪامورا پنهنجن وفادار پوليس آفيسرن کي متحرڪ ڪرڻ لڳا ته جيئن پاڻ کي بچائي سگهن،پارٽي جي خواهش آهي ته موجوده ڊي جي نيب سنڌ پنهنجي رٽائرمنٽ تائين عهدي تي قائم رهي،هڪ اهم شخصيت ذريعي به حڪومت کان اها درخواست ٿي چڪي آهي ته شڪيل دوراني کي في الحال مقرر نه ڪيو وڃي. ساڳئي وقت شڪيل دراني بابت منفي مهم هلائي پئي وڃي ته هو مسلم ليگ ن سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته هو اصل ۾ نيوٽرل ۽ پروفيشنل پوليس آفيسر آهي.جن قوتن جو ارادو آهي ته شڪيل دراني کي ڊي جي نيب سنڌ بڻايو وڃي، انهن کي خبر آهي ته هو بي داغ آهي ۽ ڪرپشن خلاف سرگرم آهي،ذريعن موجب اسٽيبلشمينٽ جي ويجهي هڪ سينيٽر کي استعمال ڪري سنڌ ۾ مقرر وفاقي ڪاموري سنڌ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر ذريعن موجب، ڊي جي نيب سنڌ جي تبديلي جو فيصلو “پٿر تي لکيل” آهي. دير ٿي سگهي ٿي پر عمل ضرور ٿيندو، ڇوته بغير تبديلي جي مقتدر حلقن جا ايجنڊا پورو نه ٿي سگهندي.