ناڻي واري وزير وياج جي شرح ۾ وڌيڪ لاٿ ۽ بجلي سستي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي ۽ بجلي سستي ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس جي تقريب ۾ خطاب ڪندي سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته اقتصادي ميدان ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو اعتراف عالمي مالي ادارا به ڪري رهيا آهن ۽ تمام جلد هڪ ٽِين عالمي ريٽنگ ايجنسي به پاڪستان جي معاشي ڪاميابين جو اعلان ڪندي.
سينيٽر محمد اورنگزيب موجب، گذريل ڏيڍ سال دوران معيشت ”مضبوط“ ٿي آهي، پاليسي ريٽ ۾ نمايان گهٽتائي آندي وئي آهي ۽ ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي گنجائش به موجود آهي، جلد وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويندو.
هن چيو ته مڃان ٿو ته ايس ايم اي سيڪٽر کي جاري قرضن ۾ 41 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا وڏي واڌ آهي، پر جيئن جيئن قرضن جي ادائيگي ٿيندي، صورتحال بهتر ٿيندي.
هن چيو ته سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو عمل تيزي سان جاري رهندو، جڏهن ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن.
ناڻي واري وزير چيو ته پهريون ڀيرو زرعي آمدني کي به ٽيڪس نظام جو حصو بڻايو ويو آهي، ٽيڪس جو نظام درست ڪرڻو آهي، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي، جيتري مالي گنجائش موجود هئي، ان موجب پگهاردار طبقي کي رليف ڏنو ويو آهي ۽ ان طبقي جي وڌيڪ ٽيڪس نه ٿو مڙهي سگهجي.
هن چيو ته اقتصادي ترقي جا انڊيڪيٽرز واضح ترقيءَ جا اشارا ڏيئي رهيا آهن، آءِ ايم ايف سان معاهدن جو مقصد معيشت جي ترقي آهي، هلندڙ سال جي آخر ۾ پانڊا بانڊ جاري ڪنداسين، چين سان به معاهدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته تازو گيلپ سروي موجب ڪاروباري برادري جو اعتماد وڌي رهيو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سڌاري جي اميد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.