ڪراچي (پ ر) پاڪستان جي آزادي ڏھاڙي جي حوالي سان سماجي تحفظ واري کاتي پاران جھنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت سماجي تحفظ واري کاتي جي خاص مددگار سرفراز راڄڙ ڪئي، جڏهن ته اقليتي معاملن بابت وڏي وزير جو خاص مددگار ڊاڪٽر لال چند ۽ سيڪريٽري سماجي تحفظ کاتو مزمل حسين هاليپوٽو خاص مهمان هئا.
اعزازي مهمانن ۾ سنڌ سوشل پروٽيڪشن اٿارٽي جو سي اِي او سميع الله شيخ ۽ ناليوارو اديب، شاعر ۽ دانشور مدد علي سنڌي هو.
جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالھائيندي سرفراز راڄڙ چيو ته 14 آگسٽ رڳو پاڪستان جي آزادي جي تاريخ ناهي پر اها قربانين، بهادري ۽ يقين جي علامت آهي، 14 آگسٽ اسان کي ياد ڏياري ٿو ته هي آزاد فضا اسان کي بي حساب قربانين جي نتيجي ۾ ملي آهي، اهي قربانيون جيڪي ھندستان کي تاريخي شڪست بعد معرڪه حق جي صورت ۾ سچ، عدل ۽ آزادي لاءِ ڏنيون ويون.
هن چيو ته اسان جي بهادر فوج معرڪه حق ۾ دشمن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاري اهو ثابت ڪيو ته اها پنهنجي ملڪ ، سرحدن ۽ قوم جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿي ۽ ڪنهن کي به ملڪ ڏانهن ميري اک کڻي ڏسڻ جي اجازت نٿي ڏئي.
ڊاڪٽر لال چند چيو ته ھن ملڪ جون اقليتون پاڪستان جي فوج سان وک وک تي گڏ آھن، اڄ جڏهن اسان پنهنجي قومي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيا آهيون ته اهو وچن ڪرڻ گهرجي ته آزادي جي هن امانت کي ايمانداري، اتحاد ۽ قربانيءَ سان سنڀالي رکنداسين. پاڪستان سدائين قائم ۽ دائم رهي.
تقريب ۾ ٻين مقررن آزادي واري ڏهاڙي ۽ معرڪه حق ۾ پنهنجي فوج جي ڪيل قربانين تي تفصيل سان ڳالهايو.
You might also like