ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس: اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي سميت 4 اهلڪار اشتهاري ڏوهاري قرار

ميرپورخاص (ويب ڊيسڪ) ميرپورخاص جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي پوليس تحويل ۾ قتل واري ڪيس ۾اڳوڻي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي، انسپيڪٽر عبدالستار سمون سميت چئن پوليس اهلڪارن کي اشتھاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو.
ايف آءِ اي موجب، سندن ٽيمون جوابدارن جي گرفتاري لاءِ لاڳاپيل رهائشي هنڌن تي ڇاپا هڻي چڪيون آهن، پر اڃا تائين کين ڪاميابي نه ملي آهي.
عدالت طرفان لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايس ايس پي چوڌري اسد، آزاد ڪشمير ۽ اسلام آباد جو رهواسي آهي، لاڳاپيل علائقن جي ايس ايس پيز عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيا ته انهن طرفان گرفتاري لاءِ ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي.
ايڊووڪيٽ ابراهيم ڪنڀر جو چوڻ آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل ايس ايس پي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندو، جنهن کانپوءِ سندس حوالي سان فيصلو ڪيو ويندو.
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته عمرڪوٽ سول اسپتال جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر تي سيپٽمبر 2024 ۾ توهينِ مذهب جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن بعد کيس ڪراچي مان گرفتار ڪيو ۽ بعد ۾ پوليس هڪ مقابلي دوران کيس مارڻ جو دعويٰ ڪئي، جڏهن ته تدفين وقت مڇريل هجوم وارثن کان لاش کسي ساڙي ڇڏيو هو.
سول سوسائٽي جي احتجاج کانپوءِ سنڌ حڪومت هڪ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن 27 سيپٽمبر تي انڪشاف ڪيو ته ڊاڪٽر شاهنواز کي حراست ۾ وٺي جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو.
ان رپورٽ کانپوءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ کي معطل ڪيو ويو، پر گرفتاري نه ٿيڻ تي وارثن ۽ انساني حقن جي تنظيمن خدشا ظاهر ڪيا.
ان رپورٽ جي روشني ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي جڙتو جعلي مقابلي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن سميت 45 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.