مون کي عمرو ڪرڻ تي به مهڻا ملن ٿا: صنم ماروي

ڪراچي (م ڊ) لوڪ ڳائڻي صنم ماروي چيو آهي ته عمرو يا ڪربلا زيارت ڪرڻ تي کيس گلوڪاري سبب طعنا ڏنا وڃن ٿا. هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ميوزڪ سان لاڳاپي جي ڪري سوشل ميڊيا تي سخت ٽرول ڪيو ويندو آهي. صنم ماروي موجب، هوءَ به ٻين جيان عبادت ڪرڻ چاهي ٿي پر عمرو يا زيارت کانپوءِ ڪم تي واپسي تي ماڻهو چون ٿا هاڻي اوهان به عمرو ڪنديون؟ يا عمري کان پوءِ هي ڪم؟ هن چيو ته هو عام انسان آهي، ڳائڻ سندس ڪم آهي ۽ روزي آهي، عبادت ڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.