موجودا حالتن تي نوازشريف ۽ آصف زرداري کي ڳڻتي؟

اسلام آباد(عمران شفقت+ اسد طور)بلاول ڀٽو حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪري پوري سياست ۽ عالمي تناظر ۾ پاڪستان جي ڪردار جو احاطو ڪيو آهي،27هين ترميم تي پاڪستان جي سياست ۾ وڏي ڳڻتي ۽ انومان آهن،ڳالهه هاڻي هائبرڊ نظام کان وڌي سخت گير رياست ڏانهن وڃي رهي آهي،بلاول سڄي ملڪ تي ڇانيل اسٽيبلشمينٽ کي به بلوچستان جي حوالي سان ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون آهن،هن ”موجوده سسٽم“ تي به ٽوڪ ڪندي موجوده اين ايف سي کي به غيرآئيني قرار ڏئي ڇڏيو،نوازشريف ۽ آصف علي زرداري کي به انهن حالتن تي ڳڻتي آهي،ٻئي پاسي مري ۾ نوازشريف جي صدارت ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ مريم نواز،راڻا ثناءٌ الله،پرويز رشيد،خواجا آصف،خواجا سعد رفيق،اعظم نذير تارڙ شرڪت ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ٽن تڪن تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ تي ڳالهيون ٿيون حالانڪه اها ڳالهه هضم نٿي ٿئي ته رڳو ننڍي چونڊ لاءِ هڪ پارٽي جا چوٽي جا اڳواڻ گڏ ٿيا هوندا؟ ذريعن موجب ملڪ جي اندروني صورتحال ۽ رياست جي ٻاهرين صورتحال تي غورويچار ڪيو ويو،وزيراعظم ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلافن جي حوالي سان خبرن جون ترديدون اچي رهيون آهن پر لڳي ٿو ته اندر ئي اندر ڪو گهوٽالو ضرور آهي،مستقبل قريب ۾ پاڪستان جي سياست ڪو نه ڪو رخ وٺندي،اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته پ پ وفاقي حڪومت سان گڏ نه هجي،ٻئي پاسي ن ليگ ۽ پ پ عوام کان مورڳو لاتعلق ٿي چڪيون آهن، اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ کي صفا ختم ڪري ڇڏيو آهي،آمريڪا ۾ فيلڊ مارشل کي غيرمعمولي پروٽوڪول ملي رهيو آهي،طاقتور حلقا سمجهن ٿا ته اتحادي سرڪار ۾ کنڊ اسڪينڊل ۽ ٻيا ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيا آهن،انهن جي ڪري اسٽيبلشمينٽ بدنام ٿي رهي آهي،موجوده حڪمران هاڻي اسٽيبلشمينٽ تي بار سمجهيا پيا وڃن،وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي طاقتور گڏ کڻي هلي رهيا آهن،تازي آمريڪي دوري ۾ فيلڊ مارشل سان گڏ محسن نقوي موجود هو،ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ وزيراعظم محسن نقوي هجي،جڏهن ته 26هين ترميم کانپوءِ عدليه کي به بي اثر ڪيو ويو آهي،هاڻي جيڪڏهن شهبازشريف کي فارغ ڪيو وڃي ٿو ته عدليه مان به کين ڪنهن رليف جو امڪان ناهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 13 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.