اين ايف سي ايوارڊ جي خاتمي واري خيال سان ن ليگ متفق ناهي، بلاول تي بار وجهي ڇڏيو؟

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) بلاول ڀٽو زرداري حڪومت بابت چيو آهي ته اها نالائق، نااهل ۽ ناڪام وفاقي حڪومت آهي. روينيو پاڻ گڏ نٿي ڪري سگهي ۽ صوبن جو حصو گهٽائڻ جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن آئيني بينچ بدران آئيني عدالت ٺهي ها ته ان جو سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي بڻايو وڃي. 27هين آئيني ترميم اصل ۾ آئيني عدالت لاءِ اچڻي آهي جيڪا ڳالهه بلاول ڀٽو زردارياشارن ۾ چئي ڇڏي آهي ته اسان ته آئيني عدالت چاهيون پيا پر اسان ڪمپرومائزڊ 26هين ترميم آندي جنهن ۾ گهڻيون شيون حاصل ڪيون آهن. 27هين آئيني ترميم تي هن چيو ته اهي سڀ هوائي ڳالهيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري کي ڪجهه سوالن تي مونجهارو به ٿي رهيو هو ۽ انهن جو جواب سوچي سمجهي ڏئي رهيو هو. کانئس اهو سوال ڪيو ويو هو ته پهريان چيو ويندو هو ته پاڪستان ۾ هائبرڊ نظام آهي، هاڻي چيو پيو وڃي ته اٿاريٽيريئن رجيم آهي. ان تي بلاول سوچي سمجهي جواب ڏنو. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ جمهوريت ڪمزور آهي، پاڪستان اڌ وقت مارشل لا ۾ گذاريو آهي، ڀڳل ٽٽل جمهوريت حاصل ڪئي ته 9 مئي اچي ويو. سياسي پارٽي جي ادارن تي حملن کي اسان اڃا تائين ڀوڳي رهيا آهيون. اهڙي ريت بلاول هڪ طرح سان مڃيو ته هائبرڊ نظام آهي يا اهڙي شڪل آهي. فيلڊ مارشل جي آمريڪا ۾ ملاقاتن تي بلاول چيو ته جيڪو جنگ کٽيندو آهي ۽ وڙهندو آهي انهن جي دنيا ۾ اهميت وڌندي آهي. خوشي آهي ته آمريڪا ڊو مور نٿو چوي، اسان کي سندن اهڙي موڊ مان فائدو کڻڻ گهرجي. هڪ ڏينهن اڳ رضا رباني چيو هو ته صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ ڏنو وڃي. 18هين ترميم ۾ اهو لازم آهي. ادارا صوبن ڏانهن وڃي چڪا آهن، هاڻي وفاقي حڪومت چوي ٿي ته حصو گهٽ ڪريو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اوهان صوبن جو حصو وڌائي سگهو ٿا، گهٽ نٿا ڪري سگهو. هن چيو ته صوبن کي وڌيڪ وسيلا ڏيڻ گهرجن ۽ وفاقي حڪومت جون نالائقيون، نااهليون ۽ ناڪاميون آهن، انهن جو بار صوبا ڇو کڻن؟ ايف بي آر ٽيڪس گڏ نٿو ڪري ته صوبا ته ذميواري نڀائي رهيا آهن. صوبا صحت، تعليم ۽ امن امان جي خرچن جو بار ته کڻي رهيا آهن. ڪراچي ۾ رينجرز سنڌ حڪومت جي خرچ تي ويٺي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت چوندي هئي ته پوليس کي ڪم ڪرڻ ڏيو.  بلاول چيو ته بلوچستان کي ڏسو، اتي هائبرڊ جنگ وڙهي رهيا آهيون، اتي صوبائي حڪومت وفاقي ادارا جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن انهن تي خرچ ڪري رهي آهي، ائين ته صوبي جو حصو وڌندو، گهٽ ته نه ٿيندو. هن چيو ته هي غير آئيني اين ايف سي هلي رهيو آهي، هن اين ايف سي سان نٿا هلي سگهون، اسان کي نئون اين ايف سي گهرجي جيڪو آئيني هجي، يعنيٰ صوبي کي وڌيڪ حصو گهرجي. بلاول جي اها ڳالهه درست آهي، روينيو ڪليڪشن صوبا بهتر ڪري رهيا آهن. ن ليگ سڌي ريت اهڙا خيال رکڻ وارن سان وچڙي نٿي سگهي، تنهن جي ڪري اها بلاول ڀٽو زرداري تي بار رکندي، ۽ مولانا فضل الرحمان جي ڪلهن تي بار رکندي. 26هين ترميم ۾ به ائين ئي ٿيو. اهڙي ئي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي. وفاقي حڪومت توڻي مسلم ليگ ن اهو ڪنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪري رهي آهي ڇو ته اهو خيال ڪنهن ٻئي جو آهي. عمران خان کي گهرائڻ جو مقصد به هو ته هو اچي اين ايف سي ۽ ارڙهين ترميم جو خاتمو ڪري. يعنيٰ مضبوط مرڪز وارو پاڪستان بڻجي وڃي ۽ صوبا اسلام آباد کان گهرندا رهن.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 13 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.