ڇاتيءَ جي ڪينسر جي روڪٿام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو:آصفه ڀٽو

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي خاتونِ اول آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام ۽ بروقت علاج لاءِحڪومت، صحت جي ماهرن، ميڊيا ۽ ڪميونٽي کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هي بيماري پاڪستان ۾ عورتن ۾ سڀ کان عام آهي ۽ ايشيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ ڪينسر آهي. هوءَ ايوان صدر ۾ پنڪ ربن پاڪستان جي باني ۽ اعزازي سي اي او عمر آفتاب سان ملاقات دوران ڳالهائي رهي هئي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته هر نون مان هڪ پاڪستاني عورت کي هن بيماري جو خطرو آهي ۽ دير سان سڃاڻپ سبب هر سال هزارين قيمتي جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون. جيڪڏهن بيماري جو بروقت پتو پئجي وڃي ته حياتي بچڻ جي شرح 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي وڃي ٿي، تنهنڪري ضروري آهي ته هر عورت، ڀلي ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ رهي، اسڪريننگ، سڃاڻپ ۽ علاج تائين وقت سر پهچي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.