ميثاقِ جمهوريت کان اڳ ميثاقِ اعتراف

تحرير: سهيل وڙائچ

ڪيترن سالن جي اوڻاين کان پوءِ اپوزيشن ڪانفرنس جو انعقاد هڪ مثبت اڳڀرائي هئي، ڇو ته حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ ئي جمهوريت جي گاڏي جا ٻه ڦيٿا هئا ۽ اپوزيشن جي ڦيٿي ۾ حرڪت اصل ۾ جمهوريت جي هلڻ جي نشاني هوندي آهي. محمود خان اچڪزئي ۽ مصطفيٰ نواز کوکر جو رڪارڊ ڪنهن به اڻ جهموري داغ کان پاڪ آهي. اميد هئي ته هي ڪانفرنس پنهنجي شروعات ۾ ئي ماضي جون گڏيل غلطيون مڃيندي ۽ مستقبل ۾ اهڙين غلطيون نه ٿيڻ جي پڪ ڏياري ويندي. ماضي قريب ۾ پي ٽي آءِ حڪومت سياستدانن، صحافين ۽ اهلِ دانش سان جيڪو اڻ جهموري سلوڪ ڪيو، ان جا شاهد ۽ نشانو ته پاڻ اچڪزئي صاحب ۽ مصطفيٰ نواز کوکر به هئا، پر جڏهن نئين ميثاقِ جمهوريت جو وعدو ڪيو ويو ته پنهنجي اتحادي تحريڪ انصاف جي زيادتين جو ذڪر دانسته طور وساري ڇڏيو، ڇو ته اصل مسئلو اهو آهي ته تحريڪ انصاف انهن واقعن کي نه غلطي سمجهي ٿي، نه تسليم ڪري ٿي ۽ نه ئي اهو چوڻ لاءِ تيار آهي ته مستقبل ۾ ايئن نه ٿيندو. جيسين پي ٽي آءِ طرفان اهڙو واضح بيان نه ايندو، تيسين ڪنهن به نئين جهموري تحريڪ يا نئين چارٽر جي اميد ٻڙي ئي رهندي.

اچڪزئي صاحب بيحد قابلِ احترام آهن، پر ڇا کيس پنهنجي هن اتحاد کان اهو اعتراف نه ڪرائڻ گهرجي ها ته جڏهن اوهين مقتدره ۽ جنرل باجوه سان هڪ صفحي تي هئا ته اوهين سموري ملڪ کي بلڊوز ڪري آمراڻي نظام ڏانهن نه پئي وٺي ويا؟ اوهان پنهنجي مخالفن کي رڳو جيلن ۾ ئي نه بند رکيو هو پر جلسن ۾ انهن جا پنکا به بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا. ڇا رانا ثناءُالله کي منشيات جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ان کي سخت سزا ڏيارڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي هئي؟ اپوزيشن ڪانفرنس جي حمايت ڪندڙن کي ياد هوندو ته اهي پنهنجي دور ۾ اپوزيشن سان هٿ ملائڻ کي به پنهنجي شان جي خلاف سمجهندا هئا. ڇا اپوزيشن ڪانفرنس انهن روين جي مذمت لاءِ ڪو هڪ اڌ جملو به چوندي؟

ڪوڙا دستاويز ٺاهي هر صحافي کي "لفافي” ثابت ڪرڻ جي مهم ڪهڙي پارٽي، ڪنهن جي چوڻ تي هلائي هئي؟ نئين جهموري تحريڪ شروع ڪرڻ کان اڳ ڇا اهو حساب نه ٿيڻ گهرجي؟ صحافين ۽ اينڪرن جون پگهارون گهٽائڻ، اخبارن ۽ ٽي وي جي اشتهارن کي بند ڪرڻ جي سازش ۾، ان وقت جي فوجي آفيسرن سان گڏ پي ٽي آءِ جو وزيراعظم ۽ وزير به شامل نه هئا؟ ڇا ان سازش بابت کين معافي جو خواستگار نه ٿيڻ گهرجي؟

اڄ صحافت ۽ ميڊيا جو جيڪو ڳلو گهٽيو ويو آهي، ان عمل جي شروعات به ان دور ۾ ٿي هئي. اڄ اهي ئي سازش ۾ شريڪ ماڻهو نئين جمهوريت جا اڳواڻ بڻجڻ چاهين ٿا. جيڪڏهن واقعي سچي دل سان بدلجي ويا آهن ته گهٽ ۾ گهٽ ماضي جي گناهن جو اعتراف ته ڪن. صحافين ۽ ميڊيا کي بدنام ڪرڻ جي واري گناهه جي وڏي واڪي معافي وٺن. ڇا اِهي، اُئي ماڻهو نه آهن، جيڪي حامد مير جهڙي دلير صحافي کي گوليون لڳڻ تي مذاق اڏائيندا هئا؟ ايترا بي حس هئا جو انهن گولين کي "پلاسٽڪ جون گوليون” سڏيندا هئا.

ٺيڪ آهي، مڃون ٿا ته اوهان سڀ بدلجي ويا آهيو ۽ هاڻي جمهوريت جا داعويدار بڻجي ويا آهيو، پر جيڪڏهن واقعي ايئن آهي ته سڀ کان پهرين پنهنجي ڏوهن جو اعتراف ڪريو ۽ ٻڌايو ته ڪنهن جي چوڻ تي جمهوريت کي ڪهڙا وار ڪيا. ماڻهو آساني سان سمجهن ٿا ته مسلمان ٿيڻ رڳو زبان سان چوڻ آهي، پر مسلمان ٿيڻ کان اڳ ڪلمو پڙهڻ ضروري هوندو آهي. جمهوريت پسند ٿيڻ لاءِ ڪا شرط ته ناهي، پر گهٽ ۾ گهٽ لفظي اعتراف ته ڪريو، ماضي ۾ ڪيل غلطيون مڃو. رڳو تِلڪ مٽائي مسجد جي صف ۾ گهڙڻ کان اڳ به ڪلمو پڙهڻ لازمي آهي. محمود خان اچڪزئي جي ماضي ۽ مصطفيٰ نواز کوکر جي جهموري خيالن جي بنياد تي مون کي پڪ آهي ته اهي جهموري مقصد سان مخلص آهن ۽ جائز طور تي سمجهن ٿا ته هڪ مضبوط پاڪستان جو مستقبل رڳو ۽ رڳو جمهوريت ۾ آهي. هنن نئين ميثاقِ جمهوريت جي ڳالهه ڪئي آهي، يقيناً هنن پهرئين چارٽر آف ڊيموڪريسي کي غور سان ڏٺو هوندو، جنهن جي شروعات ئي پنهنجي غلطيُن جي عوامي معافي سان ٿئي ٿي ۽ پوءِ مستقبل جي عزم جو اعلان اچي ٿو. تحريڪ انصاف جو  اِهو چوڻ ته هو اڳ به درست هئا ۽ هاڻي به درست آهن؛ جڏهن هو قاتل هئا ته قتل جائز هو ۽ هاڻي جڏهن مقتول آهن ته قتل حرام ٿي ويو آهي. هي ٻه رخي سوچ ۽ تضاد بياني نه هلندي. اميد اها ئي آهي ته اچڪزئي صاحب ۽ کوکر صاحب تحريڪ انصاف کان جمهوريت بابت واضح واعدو وٺن، نه ته اپوزيشن تحريڪ انصاف جي اقتدار جي جنگ ۾ ان جي شريڪ ڪار بڻجي ويندي ۽ ان ۾ جهموري ۽ اعليٰ مقصدن جو نالو استعمال ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه هوندي.

پاڪستان جو عوام جهموري ۽ آمراڻي ٻنهي دورن ۾ گهڻو فريب کائي چڪو آهي. عوام ڪيترائي ڀيرا جهموري اڳواڻن تي پنهنجي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن اعتماد ۾ اها اميد به شامل هئي ته جهموري اڳواڻ، جهموري اصولن تي هلندي، عوامي مسئلا حل ڪندا ۽ پاڪستان کي خوشحالي ڏانهن وٺي ويندا. ٻئي طرف، آمراڻي دورن ۾ به عوامي خواهشن جو لالچ ڏئي سندن رت وهائڻ جو سلسلو جاري رهيو آهي. يعني نه جهموري حڪومتن ۽ نه ئي آمراڻي حڪومتن ملڪ جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي ڪناري تائين پهچائڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش ڪئي. جيڪڏهن اپوزيشن واقعي هڪ نئين جمهوريت جو خواب ڏيکارڻ چاهي ٿي ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙو قابلِ عمل حل پيش ڪري، جيڪو ڊگهي مدي وارو هجي ۽ ماضي وانگر ڪو پر فريب نعرو نه هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.