ملڪ ۾ پوليو جو مرض اڃا تائين مڪمل طور تي ختم نه ٿيڻ وارو سوال، هاڻي رڳو صحت جي ماهرن يا سرڪاري انگن اکرن تائين محدود ناهي رهيو، پر هر ماڻهوءَ جي ذهن ۾ هڪ وڏو سوال بڻجي بيٺو آهي. جڏهن ته دنيا جا اڪثر ملڪ هن موذي مرض کي ماضي جو قصو بڻائي چڪا آهن ۽ اسان جو ملڪ اڃا تائين پوليو جي لپيٽ ۾ هجڻ نه رڳو اسان جي صحت جي نظام جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي، پر اها به نشاني آهي ته اسان جي حڪومتي ترجيحن ۾ انساني زندگيون ڪٿي بيٺل آهن. تعلقو کارو ڇاڻ جي ڳوٺ يوسف ڪاتيار مان تازو چار کان وڌيڪ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي. اهڙا ڳوٺ جتي اڳ ئي سهولتن جي اڻهوند آهي، اتي هڪ اهڙي بيماريءَ جو ٻيهر ظاهر ٿيڻ، جنهن تي دنيا جا ڪيترائي ملڪ مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪري ان جو خاتمو آڻي چڪا آهن، سڌي طرح حڪومت جي غفلت ۽ نااهليءَ جو نتيجو آهي. هن ڳوٺ جي رهواسين جو چوڻ آهي ته صحت کاتي جي عملي طرفان ويڪسين جي فراهمي ۽ نگرانيءَ ۾ لاپرواهي سبب سڀني ٻارن تائين حفاظتي ٽڪا نه پهتا. اهو رڳو هڪ ڳوٺ جو الميو ناهي، پر سڄي ملڪ جي صحت واري پاليسيءَ جي ناڪامي جو هڪ مثال آهي. ويڪسيننگ جهڙي حساس ڪم ۾ معمولي لاپرواهي به نه رڳو ان علائقي جي ٻارن لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، پر سڄي ملڪ لاءِ بيماري پکڙجڻ جو وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي. ڇو ته پوليو وائرس هڪ کان ٻئي تائين تيزيءَ سان پکڙجي ٿو ۽ جيڪڏهن هڪ به ٻار ويڪسين کان محروم رهجي وڃي، ته اهو وائرس جي واپسيءَ جو دروازو کولي ٿو ڇڏي.
پوليو جي مڪمل خاتمي لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي حڪمت عمليون اختيار ڪيون ويون، انهن ۾ سڀ کان اهم ڳالهه ويڪسيننگ جي مڪمل رسائي ۽ مانيٽرنگ هئي. اتي نه رڳو ڊاڪٽرن ۽ رضاڪارن جي ٽيمون گهر گهر پهتيون، پر هر ٽيم جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو به سختيءَ سان ورتو ويندو هو. اسان وٽ وري صورتحال اها آهي جو ڪيترن ئي علائقن ۾ نه ٽيمون وقت تي پهچن ٿيون، نه ئي مانيٽرنگ جو ڪو موثر نظام آهي. سرڪاري دعوائن ۾ ڀلي مهمون ڪامياب نظر اچن، پر ڳوٺ يوسف ڪاتيار جهڙا واقعا ٻڌائين ٿا ته حقيقي ميدان ۾ صورتحال ڪيتري خراب آهي.هن ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي ۾ هڪ وڏي رنڊڪ عوام جي ڪجهه حصي ۾ موجود بي اعتمادي به آهي. ڪيترائي والدين اڄ به سازشي نظرين ۽ غلط معلومات سبب پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه ٿا پيارين.جيستائين ماڻهن کي پڪ نه ڏياربي ته ويڪسين انهن جي ٻارن جي زندگين لاءِ حفاظتي ڍال آهي، تيستائين هر مهم اڌوري رهندي. پوليو جي موجودگيءَ جو مطلب آهي ته اسان وٽ صحت جي بنيادي ڍانچي ۾ ڪمزوريون موجود آهن. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڪيترا ئي ڀيرا ويڪسيننگ ٽيمون آيون ئي ناهن ۽ جڏهن آيون ته ڳوٺ جي ڪن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريائون ۽ ڪن ٻارن کي بنا پوليو جا ڦڙا پيارڻ بنا ئي واپس هلي ويون.سنڌ ۾ پوليو جا ڪيس ظهار ٿيڻ، صحت کاتي ۾ ڪرپشن، وسيلا گهٽتائي ۽ عملي جي غير سنجيدگي کي ظاهر ڪري ٿي، جنهن جو نتيجو پوليو جهڙي مرض جي واپسي آهي. ڳوٺ يوسف ڪاتيار جي ڪيسن کان پوءِ به جيڪڏهن حڪومت فوري قدم نه کنيا، ته خطرو آهي ته اهو وائرس ٻين علائقن ۾ به پکڙجي سگهي ٿو. اهو به ڏسڻو پوندو ته اسان وٽ پوليو مهمون گهڻو ڪري موسمي مهمون بڻجي ويون آهن، يعني ڪڏهن عالمي ادارن جي دٻاءَ تي هلن ٿيون ته ڪڏهن ڪنهن وڏي شهري علائقي ۾ ڪيس ظاهر ٿيڻ تي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته پوليو خلاف جنگ هڪ مستقل ۽ بي رڪاوٽ عمل هجڻ گهرجي. هن ۾ نه ته وقت جي پابنديءَ ۾ غفلت برداشت ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ئي وسيلن جي کوٽ جو بهانو قبول ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن دنيا جا غريب ۽ وسيلن کان محروم ملڪ به پوليو کي ختم ڪري سگهن ٿا، ته اسان ڇو نٿا ڪري سگهون؟ اصل ۾ مسئلو وسيلن جو ناهي، پر ترجيحن جو آهي. اسان وٽ اربين رپيا انهن منصوبن تي خرچ ٿين ٿا جن جو عوام جي صحت سان ڪو به واسطو ناهي، پر بنيادي صحت تي خرچ ڪرڻ وقت پئسن جي کوٽ جو بهانو بڻايو ويندو آهي. پوليو جي خاتمي لاءِ صرف ڊاڪٽرن يا ويڪسيننگ عملي تي ڀاڙڻ سان ڪم نه هلندو، بلڪه اها هڪ گڏيل قومي ذميواري آهي. ان ۾ حڪومت، ميڊيا، مذهبي اڳواڻ، تعليمي ادارا ۽ سماجي تنظيمون سڀ شامل آهن. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ مذهبي اڳواڻن ۽ استادن جي ذريعي ماڻهن کي سمجهايو وڃي ته ويڪسين جو ڪو نقصان ناهي ۽ ان کان بغير ٻارن کي سڄي عمر لاءِ معذور ٿيڻ جو خطرو رهي ٿو. ساڳئي وقت، حڪومت کي گهرجي ته ويڪسيننگ جي نگراني لاءِ هڪ اهڙو نظام ٺاهيو وڃي، جنهن ۾ هر ٽيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي ۽ لاپرواهي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.
پوليو جو خاتمو رڳو هڪ بيماريءَ کي ختم ڪرڻ نه آهي، پر اهو ملڪ جي عزت، ترقي ۽ مستقبل سان جڙيل آهي. هڪ اهڙو ملڪ جيڪو پنهنجي ٻارن کي معذوري کان بچائي نٿو سگهي، دنيا جي اڳيان ڪهڙي ترقيءَ جا دعويٰ ڪري سگهي ٿو؟ ڳوٺ يوسف ڪاتيار ۾ ظاهر ٿيندڙ ڪيس دراصل خطري جي گهنٽي آهي، جيڪا اسان کي ٻڌائي رهي آهي ته جيڪڏهن هاڻي به سنجيده قدم نه کنيا ويا، ته اسان جو ايندڙ نسل به ان بيماري جي خطري ۾ رهندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليو مهم کي قومي ايمرجنسي قرار ڏئي، هر علائقي ۾ بنا رنڊڪ جي ويڪسيننگ کي يقيني بڻايو وڃي.