شاهه عنايت شهيد: سنڌ جو عظيم انقلابي صوفي

تحرير: گل محمد منگي

تاريخ جي مطابق زرعي دور ۽ جاگيرداري نظام اچڻ کانپوءِ دنيا جي اندر صرف ٽي اھڙا عظيم انسان پيدا ٿيا آھن جن پنھنجون جاگيرون غريب ۽ مسڪين ھارين ۾ ورھائي ڇڏيون ۽ اھڙن عظيم انسانن ۾ پھريون نالو سنڌ جي سپوت شاھ عنايت شھيد جو آھي جنھن 1710ع  ۾ پھريان ٺٽي نگر ۽ پوءِ جھوڪ شريف ۾ ٻه وڏا ڪميون قائم ڪيا ۽ پنھنجون جاگيرون غريب ماڻھن ۾ ورھايون ۽ پھريون ڀيرو باقائده  ھڪ اھڙو انسان دوست ۽ فطري انارڪسٽ معاشرو قائم ڪيو جنھن مغل سلطنت جا بنياد لوڏي ڇڏياـ شاھ شھيد کان پوءِ ٻئي نمبر تي نوبل انعام يافته روسي اديب ۽ مصنف جناب ٽالسٽائي جو نالو تاريخ ۾ اچي ٿو جنھن پنھنجون جاگيرون غريبن ۾ ورھايون ۽ ان جي پوئلڳن ماسڪو لڳ "لايئيف اينڊ ليبر ڪميون” ٺاھيوـ عدالت مان ڪيس کٽي وڃڻ جي باوجود لينن ان ڪميون کي پٽرايئي سائيبيريا جھڙي خراب موسم واري ڏورانھين علائقي ڏانھن منتقل ڪيو ۽ اسٽالن اقتدار ۾ اچڻ شرط اھو چئي لائيف اينڊ ليبر ڪميون” کي برباد ڪري اڌ کان وڌيڪ ڪميون واسين کي قتل ڪرائي ۽ ٻين کي "عقوبت خانن” جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو ته جڏھن سڄي دنيا ۾ ڪميونزم ايندو تڏھن گڏجي نافذ ڪنداسين ـ ان سلسلي جو ٽيون ماڻھون ڪوريا جو جنرل ڪم شاھن (ڪم شاشن) آھي جيڪو صوبي جو گورنر به ھو ۽ ھن غلامن جا ڪتاب ساڙائي پنھنجي جاگير غريب ھارين ۾ ورھائي ڇڏي ھئي ـ

بحرحال پاڻ ڳالهھ ٿي ڪئي سنڌ جي عظيم سپوت شاھ عنايت الله شھيد جي جيڪو 1655ع  ۾ ٺٽي ننگر ۾ مخدوم فضل الله لانگاھ جي گھر ۾ پيدا ٿيو ۽ پوءِ علم جي اڃ اجھائڻ لاءِ پھريان ملتان ويو جتان شاھ شمس کان شروعاتي سبق حاصل ڪرڻ بعد ھندوستان روانو ٿيو جتي ھن حيدرآباد دکن ويجھو برھانپور ۾ وقت جي ھڪ وڏي عالم سيد عبدالملڪ جي مڪتب ۾ داخل ٿيو جيڪو مغلن جي حڪومت ۾ مشير به ھوـ  اھڙي طرح شاھ عنايت الله کي حڪومتي معاملن کي سمجھڻ ۽ پرکڻ جو موقعو مليوـ اھو اورنگزيب عالمگير جو دور ھو جيڪو مذھبي ڪٽرپڻي ۾ مشھور ھو ۽ ھن حيدرآباد دکن تي قبضو ڪرڻ لاءِ ايڪويھه ورھيه جنگ جوٽي ۽ مسڪينن جا لاھ ڪڍي ڇڏيا ۽ وڏي رتوڇاڻ ڪئي ـ شاھ عنايت الله اھڙن ظلمن جي ستايل ماڻھن جي واتان حڪومتي ڏاڍاين جا قصا پاڻ به ٻڌا ـ ظاھر آھي ته انھن ظلمن ۽ قھري ڪاررواين جو تمام گھڻو اثر به ورتو ۽ سندس دل ۾ حڪومت کان نفرت پيدا ٿي چڪي ھئي جيڪو ھڪ فطري عمل ھوـ شاھ عنايت الله ڪيترائي سال سيد عبدالملڪ جي مڪتب ۾ پڙھيو ۽ ڪشالا ڪاٽيا جنھن جي نتيجي ۾ سندس استاد ھن تي مھربان ٿي پيو ۽ کيس سڀني رمزن سان سرشار ڪيوـ ھاڻي شاھ عنايت الله علمي لحاظ کان ڀڙ ٿي چڪو ھوـ ھن سيد عبدالملڪ جي مڪتب مان ھندستاني فلسفين سان گڏوگڏ چين جي فلسفين "لايئوزي” ۽ "ڪنفيوشس”، يوناني فلسفين "سقراط، افلاطون ۽ ارسطو سميت ايراني فلسفين "ماني ۽ مزدڪ” جي تعليمات کان به آگاھي حاصل ڪئي ۽ مٿس مزدڪ جي برابري واري فڪر جو تمام گھڻو اثر ٿيوـ شاھ عنايت الله سيد عبدالملڪ جي مڪتب ۾ لازمي طور تي ادي شنڪر، چانڪيه، شري رامانوجا ۽ مھدي جونپوري کي به لازمي پڙھيو ھوندوـ انھن سڀني فلاسافرن جو ھن اثر به قبول ڪيو ھوندوـ سنڌ جي ھن عظيم مفڪر کي اڃان به وڌيڪ پڙھڻ جو جنون ھو ۽ ھن اھڙو اظھار سيد عبدالملڪ سان ڪيو جنھن کيس شاھجھان آباد ۾ شاھ غلام محمد جي مڪتب جو ڏس پتو ڏنوـ شاھجھان آباد ۾ شاھ غلام محمد وٽان علم حاصل ڪرڻ دوران جڏھن ھن ساڻس سان سندس ارادن ۽ فڪر جو تذڪرو ڪيو ته شاھ غلام محمد مٿس موھت ٿي پيو ۽ مورڳو پنھنجي ھن شاگرد جو مريد بڻجي پيوـ

ھو پنھنجي ملڪ سنڌ ڏانھن واپس موٽڻ کان اڳ پنھنجي استاد شاھ عبدالملڪ وٽ برھانپور موٽي آيو ۽ کانئس واپسي جي اجازت گھري ۽ ساڻس سان پنھنجي فڪر ۽ سياسي سوچ ۽ پنھنجي ارادن جو به ذڪر ڪيوـ شاھ عبدالملڪ سندس خيالن کان گھڻو متاثر ٿيو پر کيس محتاط رھڻ جي ھدايت ڪندي سندس آڏو ٽي تحفا رکيا جن مان کيس سندس مرضي جو تحفو قبول ڪرڻ لاءِ چيوـ  شاھ عنايت تلوار جو تحفو چونڊيو جنھن تي سندس استاد شاھ عبدالملڪ چيو ته ان جي قيمت تمام ڳري آھي ـ جنھن تي شاھ عنايت چيو ته "سر حاضر آھي”ـ

شاھ عنايت پنھنجي مرشد سيد عبدالملڪ کان موڪلائي جڏھن سنڌ ڏانھن روانو ٿيو ته سندس مرشد مان ڦري مريد ٿيندڙ شاھ غلام محمد ۽ سليمان ھندوي سميت پنج سو مريد به ھن سان گڏ ٺٽي آيا جيڪي پوءِ واپس نه ويا ۽ انھن مان گھڻا جھوڪ جي جنگ ۾ وڙھندي شھيد ٿي وياـ شاھ عنايت الله جڏھن واپس ٺٽي پھتو ته شھر جي اولھندي طرف سيد عبداللطيف ٺٽوي جي جاگير ۽ پنھنجي اباڻي زمين ھارين ۾ ورھائي ڇڏي ۽ اتي ھڪ وڏو ڪميون قائم ڪيو جتي گڏيل کيتي جو سرشتو قائم ڪيو ۽ اھو نظام ايڏو ته ڪامياب ٿيو جو سڄي ھند ۽ سنڌ ۾ سندس ھاڪ ٿي وئي ـ تر جا وڏيرا ۽ جاگيردار تمام گھڻو خوف ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ انھن شاھ عنايت خلاف ناحق ڪوڙي پروپيگنڊه شروع ڪيئي جن جو سرواڻ بلڙي شاھ ڪريم جو گادي نشين ۽ طاقتور پير سيد عبدالواسع ھوـ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي لکي ٿو ته "سيد عبدالواسع جيڪو شاھ لطيف جو سڳو سوٽ ۽ سنڍو ھو اھو شاھ عنايت جو اولين دشمن بڻيو ڇو ته ھن جي پيري مريدي جام ھئي ۽ ان جا گھڻا مريد جھوڪ وڃي شاھ عنايت جي حلقي ۾ شامل ٿيا ھياـ ان دور ۾ سنڌ ۾ تمام وڏي غربت ھيئي ۽ شاھ عنايت جو گڏيل کيتي ٻاڙي وارو نظام تيزي سان مقبوليت ماڻڻ لڳوـ انڪري تر جا وڏيرا ۽ جاگيردار ۽ ٺٽي جو نواب مٿس ڪاوڙجي پياـ جنھن جي ڪري شاھ عنايت الله ٺٽي شھر کي خيرباد چيو ۽ جھوڪ ميران پور (جنھن کي ھاڻي جھوڪ شريف) چون ٿا اتي منتقل ٿيو ۽ جھوڪ ۾ پنھنجي جاگيرن کي غريب ھارين ۾ ورھائي اتي ٺٽي نگر کان به وڏو ڪميون قائم ڪيو جنھن جي ڪري بااثر زميندار ۽ جاگيردار وڏيرو نور محمد پليجو ۽ پير ۽ مير مٿس ڏمرجي پياـ جن سندس جي خلاف محاذ کڙو ڪيو ۽ فتوي فروش ملن سان ملي ڪفر جون فتوائون ڏياريون جنھن جي ڪري پاڻ پنھنجي استاد مان ڦري شاگردي قبول ڪندڙ شاھ غلام محمد کي واپس شاھجھان  آباد روانو ڪيوـ

نامياري سياستدان ۽ ڏاھي سائين جي پنھنجي ڪتاب "پيغام لطيف” ۾ شاھ عنايت شھيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي لکيو آھي ته "ھر انتھا پسند (وحدت الوجودي) صوفي انارڪسٽ ھوندو آھي ۽ اھو رياست ۽ حڪومت کي نه مڃيندو آھي ـ اھڙي طرح اسان جو ھي انقلابي صوفي انارڪسٽ فڪر جو امام آھي ـ شاھ شھيد جي وڏن مخالفن ۾ حمل جت به شامل ھو جنھن جي مغلن جي درٻار ۾ وڏي پھچ ھئي ـ ھن ۽ وڏيري نور محمد پليجي ٺٽي جي نواب جي اجازت سان جھوڪ تي اوچتو حملو ڪري ڪميون جي 35 ماڻھن کي شھيد ڪري ڇڏيو جيڪي مغل درٻار دھلي ۾ دانھين ٿيا ته بادشاھ جي حڪم تي قاتلن جون زمينون ضبط ڪري مقتولن جي وارثن کي ڏنيون ويون ـ شاھ شھيد انھن خون بھا ۾ مليل زمينن تي به گڏيل کيتي ٻاڙي شروع ڪيئي ته سڄي علائقي ۾ ھن جي ھاڪ ٿي ويئي ـ شاھ شھيد ھڪ دائرو به جوڙيو جتان ضرورتمند مسڪين ماڻھن جي مدد ٿيندي ھئي ـ ھاڻي "جيڪو کيڙي سو کائي” جا نعرا ھرھنڌ گونجڻ لڳا ۽ ھارين جو زور وڌي ويو جن پنھنجي زميندارن کان مطالبو ڪيو ته کين به شاھ عنايت جيان سھولتون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ ھو شاھ عنايت الله جي جھوڪ ڪميون ۾ شامل ٿي ويندا ـ ان سموري صورتحال سبب علائقي جا جاگيردار، پير ۽ مير وائڙا ٿي ويا ۽ اھي بلڙي جي پير ۽ جاگيردار سيد عبدالواسع ۽ وڏيري نورمحمد پليجي کي گڏ وٺي ٺٽي جي نواب اعظم خان وٽ شاھ عنايت جي خلاف دانھن کڻي پھتاـ جنھن مغل بادشاھ فرخ سير کي خط لکي ٻڌايو ته شاھ عنايت مغل حڪومت لاءِ خطرو آھي انڪري کيس اجازت ڏني وڃي ته ان خلاف ڪارروايئي ڪري ـ جنھن جي اجازت کيس ملي وئي ـ ان معاملي ۾ حمل جت به پنھنجو ڪردار ادا ڪيو جنھن جو مغل درٻار ۾ وڏو اثر رسوخ ھوـ ھڪ طرف سرڪار جنگ جون تياريون ڪري رھي ھئي ته  ٻئي طرف شاھ عنايت جا فقير به تياري ۾ مصروف ٿي وياـ ٺٽي جو مخدوم معين الدين شاھ عنايت جو وڏو حامي ھو جنھن آخر تائين شاھ شھيد جو ساٿ ڏنو جڏھن ته مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي جي اڳواڻي ۾ درٻاري عالمن شاھ شھيد جي خلاف فتوا جاري ڪندي ان کي واجب القتل قرار ڏنوـ جنھن کان پوءِ ميان يار محمد ڪلھوڙو، ملتان ۽ بکر جا نواب پنھنجون فوجون ساڻ ڪري ٺٽي پھچي وياـ

ممتاز مورخ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي ۽ صوفي حضور بخش لکن ٿا ته شاھ عنايت جي خلاف جنگ لاءِ ايڏي وڏي تعداد ۾ فوج جمع ڪئي وئي جو ٺٽي جي سموري سامونڊي ڪناري تي رڳو فوج ئي فوج نظر اچي رھي ھئي ـ پورا چار مھينا اھا جنگ ھلندي رھي ۽ مغلن جي فوج کي وڏو نقصان ٿيو پر ان جنگ جو ڪو نتيجو نه نڪتوـ ان صورتحال ۾ يار محمد ڪلھوڙي دوکي بازي کان ڪم وٺندي مير شھداد ٽالپر کي قرآن پاڪ مٿي تي کڻائي صلح لاءِ جھوڪ شريف موڪليو جيڪي جھوڪ ۾ ابتدائي ڳالھين بعد وڌيڪ ڳالھين جي بھاني شاھ عنايت کي نواب اعظم خان وٽ وٺي آيا ۽ اتي شاھ شھيد ۽ سندس مذاڪراتي ٽيم ۾ شامل سندس ڀاءُ رحمت الله شاھ ۽ ٻين کي شھيد ڪري ڇڏيائون ـ اھو ٧-جنوري ١٧١٨ع تي پيش آيوـ ان بعد انعام ۽ اڪرام حاصل ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت جو سر مبارڪ مغل بادشاھ فرخ سير کي دھلي موڪليو ويو جيڪو بعد ۾ ڪجھه اھم ماڻھن جي مداخلت سبب واپس آڻي جھوڪ شريف ۾ دفنايو ويوـ دنيا جي عظيم دانشور پروفيسر نوم چومسڪي شاھ عنايت کي خراج پيش ڪندي آءِ ڊبليو ڊبليو جي ويب سايئيٽ تي ميار ڏيندي ھڪ ڀيري لکيو ته يورپ وارن ساڳي ئي نوعيت جي عظيم انقلاب "پيرس ڪميون” تي ھڪ لک کان وڌيڪ ڪتاب لکيا ۽ ھڪ سو فلمون ٺاھيون آھن ۽ اڄ به ان جي نون رخن تي لکڻ جو سلسلو جاري آھي پر افسوس جو وادي سنڌ جي ليکڪن ۽ تاريخ دانن شاھ عنايت تي تمام معمولي ڪم ڪيو آھي توڙي جو جھوڪ جي انقلاب کي اھا فضيلت حاصل آھي ته ان ۾ پيرس ڪميون جي برابر ٢۵ ھزار شھادتون ٿيون پر جھوڪ جي انقلاب ۾ معصوم ٻار به ماريا ويا ھياـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.