ڪو به نيلسن منڊيلا نه آهي

تحرير: پروفيسر توصيف احمد

1940ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن ڪانگريس ”هندستان خالي ڪريو“ تحريڪ شروع ڪئي ته انگريز حڪومت ڪانگريس جي سڄي قيادت کي گرفتار ڪري ورتو. سڀ اڳواڻ ڪيترن سالن تائين قيد ۾ رهيا. مولانا ابوالڪلام آزاد، جواهر لال نهرو، مهاتما گانڌي ۽ ٻيا اڳواڻ احمد نگر قلعي ۾ 4 سال تائين نظر بند رهيا. ان دوران جڏهن ابو الڪلام آزاد جيل مان آزاد ٿيو ته کيس خطن جي ڪپڙي ۾ ٻڌل هڪ هڙ ڏني وئي، جنهن ۾ ڪيترائي خط سندس زال جي شديد بيماري ۽ هڪ خط سندس وفات بابت هو .هندستان ورهايو ويو ۽ پاڪستان جو قيام هن اعلان سان ٿيو ته جيڪي ڪارا قانون برطانوي هند حڪومت ۾ لاڳو هئا، اهي آزاديءَ کان پوءِ به لاڳو رهندا. مسلم ليگ جي پهرين حڪومت ۾ حڪومت جي مخالفت ڪندڙ اڳواڻن کي رياست مخالف ۽ غدار قرار ڏنو ويو. ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سجاد ظهير، نامور دانشور سيد سبط حسن ۽ ٻين ماڻهن جي پاڪستان اچڻ کان اڳ ئي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا.

ساڳئي وقت اوڀر پاڪستان، بلوچستان ۽ پختونخواه (ان وقت صوبو سرحد) جا قومپرست، جن سڄي زندگي انگريز حڪومت جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي، انهن کي سيڪيورٽي ۽ سيفٽي ايڪٽ تحت گرفتار ڪيو ويو. نام نهاد راولپنڊي سازش ڪيس ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل سجاد ظهير، نامور شاعر فيض احمد فيض ۽ ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪري ڪيس هلائيو ويو. پر معاملو رڳو ڪميونسٽ پارٽي تائين محدود نه رهيو. جماعت اسلامي جي اڳواڻ مولانا مودودي ۽ سندن سمورن ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو. پوءِ جنرل ايوب خان ملڪ جا مالڪ بڻجي ويا.

ايوب خان جي حڪومت مخالفن سان اهو ئي رويو اختيار ڪيو، جيڪو انگريز حڪومت ڪيو هو. ايوب خان جي ڏهن سالن واري دور ۾ نيشنل عوامي پارٽي، عوامي ليگ، نيشنلسٽ پارٽي، ڪميونسٽ پارٽي، جماعت اسلامي ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن کي ڊگهي عرصي تائين نظر بند رکيو ويو. ڪميونسٽ پارٽي جا اڳواڻ حسن ناصر اهي پهريان سياسي ڪارڪن هئا، جن کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لاهور جي شاھي قلعي ۾ شهيد ڪيو ويو. نيشنل پارٽي بلوچستان جي اڳواڻن غوث بخش بزنجو ۽ عطا الله مينگل وغيره کي خاص عدالتن کان ڊگهي مُدت جون سزائون ڏنيون ويون ۽ جيلن ۾ سياسي قيدين کي ڪوڙا به هنيا ويا. جنرل يحييٰ خان جي دور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي غير سول عدالتن سزائون ڏنيون. ان دور ۾ کاٻي ڌر جي شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن، ۽ مزدور اڳواڻ به پابند سلاسل ٿيا.

جڏهن 1970ع جي عام چونڊن کان پوءِ جنرل يحييٰ خان اڪثريتي جماعت عوامي ليگ کي اقتدار منتقل نه ڪيو ۽ عوامي ليگ خلاف فوجي آپريشن ٿيو، تڏهن فوجي عدالتن روزانو سوين سياسي ڪارڪنن کي سزائون ٻڌايون. عوامي ليگ جو اڳواڻ شيخ مجيب الرحمٰن ميانوالي جيل ۾ نظر بند رهيو.پيپلز پارٽي جي پهرين حڪومت ۾ سياسي مخالفن سان ناروا سلوڪ جاري رهيو. حڪومت نيشنل عوامي پارٽي کي غدار قرار ڏئي پابندي لڳائي. ڪالعدم نيشنل عوامي پارٽي ۽ پيپلز پارٽي جي ڪجهه باغي اڳواڻن خلاف حيدرآباد سازش ڪيس تحت مقدمو هلائيو ويو. اهو مقدمو اڃا اڌ ۾ هو، جو جنرل ضياءَ الحق اهو واپس وٺي ڇڏيو.جنرل ضياءَ الحق جو دور سياسي مخالفن لاءِ عبرتناڪ زمانو هو. حڪومت خلاف مزاحمت ڪرڻ تي پيپلز پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي جماعتن جي هزارين ڪارڪنن کي غير سول عدالتن سزائون ڏنيون. انهن سزائن ۾ ڪوڙا هڻڻ به شامل هئا ۽ ڪن کي ڦاسيون به ڏنيون ويون.

پيپلز پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کان سواءِ صحافين، اديبن ۽ عورتن کي لاهور جي شاھي قلعي ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. پيپلز پارٽي جي سربراهه ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ جڙتو ڪيس ۾ موت جي سزا ڏني وئي. محمد خان جوڻيجو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين دور ۾ سياسي مخالفن کي نشانو نه بڻايو ويو. پر ميان نواز شريف جي ٻنهي دورن ۾ صدر آصف زرداري سميت پيپلز پارٽي جا ڪيترائي اڳواڻ جيلن ۾ رهيا. بينظير ڀٽو جي ٻئي دور ۾ ميان نواز شريف جي والد ميان محمد شريف کي گرفتار ڪيو ويو ۽ مسلم ليگ جا ڪيترائي اڳواڻ حراست ۾ رکيا ويا.

جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ميان نواز شريف ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن کي لڳاتار جيلن ۾ رکيو ويو. بلوچستان جي اڳوڻي گورنر اڪبر بگٽي جي قتل ۽ لاپتا ماڻهن جو مسئلو شروع ٿيو. بلوچ ۽ پختون ڪارڪنن کان سواءِ سنڌي قومپرست مذهبي گروپن جا ڪيترائي ماڻهو لاپتا ٿيا. پيپلز پارٽي جي چوٿين حڪومت ۾ به بلوچ ۽ پختون ڪارڪنن جي گمشدگي جو سلسلو جاري رهيو. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي مسلسل جيلن ۾ رکيو ويو.

ميان نواز شريف ۽ سندن نياڻي کي اڊيالا جيل ۾ قيد ڪيو ويو، جڏهن ته ميان صاحب جي گهرواري ڪلثوم نواز لنڊن ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي هئي. ميان صاحب انهن جي عيادت ڪرڻ چاهي، پر جيل سپرنٽينڊنٽ اجازت نه ڏني، البته ڪجهه ڪلاڪن بعد کيس سندس وفات جي خبر ڏني وئي. حڪومت جي بيانيي کان هٽي سوچ رکندڙ صحافين لاءِ مسئلا پيدا ڪيا پيا وڃن، موجوده چونڊيل ميمبرن کي ڏهه، ڏهه سال جون سزائون ڏنيون پيون وڃن، سزا حاصل ڪندڙن ۾ هڪ ڪينسر ۾ مبتلا خاتون ڊاڪٽر به شامل آهي.ميان نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو جي وچ ۾ ميثاقِ جمهوريت تحت ”سچائي ۽ مفاهمت ڪميشن“ قائم ڪرڻ جو وعدو ٿيو هو. تازو ڏينهن ۾ حزبِ اختلاف جي جماعتن جي ڪانفرنس ۾ وري انهيءَ ڪميشن جو ذڪر آيو، پر ملڪ ۾ اڃا تائين ڪو نيلسن منڊيلا پيدا نه ٿيو، جيڪو اهڙو ڪميشن ٺاهي سگهي. لڳي ٿو ته هر حڪومت جي دور ۾ مخالفن خلاف جبر ۽ تشدد جي روايت برقرار رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.