تازو اسرائيل جي غزا تي مڪمل قبضو ڪرڻ واري اعلان نه رڳو فلسطيني عوام لاءِ هڪ نئون مسئلو پيدا ٿي رھيو آهي، پر هن خطي جي امن جي دعوائن تي به وڏو سوال اٿاري ڇڏيو آهي. اهو اعلان پوري اسلامي دنيا ۽ عالمي قوتن جي اڳيان اسرائيلي نيتن جي حقيقت بي نقاب ڪري ٿو. عرب دنيا ان تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي، سعودي عرب جي ميزباني هيٺ ٿيل عرب اسلامي ڪائونسل ۾ ان اعلان تي شديد احتجاج ٿيو، جڏهن ته اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ملڪن مصر، قطر ۽ آمريڪا جي ٺاھ واري ڪوششن جي تعريف به ڪئي وئي پر هي رڳو هڪ رخ آهي، ٻئي پاسي حقيقت بلڪل مختلف ۽ سنگين آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلسطين کي آزاد رياست طور تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا جا ارادا ۽ خواهشون هڪ ڀيرو ٻيھر سامهون اچي ويون آهن. ٽرمپ پنهنجي ٻي صدارتي مدي ۾ تيزيءَ سان پنهنجي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو ۽ وچ اوڀر جي سڀني ملڪن تي زور ڏئي ٿو ته اهي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻين ۽ "معاهدي ابراھيمي” ۾ شامل ٿين، جيئن سندس دعويٰ موجب، خطي ۾ امن قائم ٿي ويندو.
ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ايران جا جوهري هٿيار ختم ٿيڻ بعد هاڻي ضروري آهي ته سڀ عرب ملڪ "معاهدات ابراهيم” جو حصو بڻجن، پر سوال اهو آهي ته ڇا هي امن جي راهه آهي يا اسرائيلي جارحيت کي نئين جواز ڏيڻ جو حربو؟ حقيقت اها آهي ته آمريڪا، يھودي رياست جي سرپرستي ۾، اهڙي پاليسي اختيار ڪري ٿو جيڪا انصاف، قانون ۽ انساني حقن جي مڪمل خلاف ورزي آهي. آمريڪي صدر جو رويو هتي انتهائي جارحاڻو ۽ شرمناڪ آهي هڪ پاسي ھو روس خلاف جنگ ۾ ڀارت ۽ چين تي معاشي دٻاءُ وڌائي ٿو، ٻئي پاسي اندر ئي اندر چين سان واپار ڪرڻ روس سان لاڳاپا وڌائڻ چاھي ٿو اھو ئي سبب آھي روس يوڪرائن جنگ بند ناھي ٿي ساڳي طرح ھو فلسطين اسرائيل جنگ بندي جي ڳالھه ڪري ٿو پر ٻي پاسي اسرائيل کي جديد هٿيارن، اربين ڊالرن جي مالي مدد ۽ مڪمل سياسي حمايت مهيا ڪئي وڃي ٿي ۽ فلسطين کي آزاد ملڪ مڃڻ تي ڪن لاٽار ڪري ٿو ان ڳالهھ جي امريڪي صدر کي ڪا پروهه ناھي اسرائيل فلسطين جي مسجد اقصىٰ ۽ عرب ملڪن جي زمينن تي ناجائز قبضو ڪري ويٺو آھي، اھو شايد سندس نظر ۾ معمولي ڳالھه آھي. باقي دنيا اڳيان پنھنجي پراڻي پوليس مين واري ڪم کي امريڪا ڇڏڻ لاءِ تيار به ناھي.
گذريل ٻن سالن ۾ غزا جي بي وس عوام تي اسرائيل اهڙو ظلم ڪيو آهي، جنهن ۾ سٺ هزار کان وڌيڪ فلسطيني مسلمان شهيد ٿيا، لکين زخمي ٿيا، 800 کان وڌيڪ مسجدون ۽ ڪيترائي چرچ تباهه ٿيا، تعليمي ادارا برباد ڪيا ويا، اسپتالون بمباري سان ختم ڪيون ويون .
عالمي عدالتِ اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري جا وارنٽ به جاري ڪري چڪي آهي، پر آمريڪا عالمي احتجاج کي مسلسل نظرانداز ڪري رهيو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف ٺهرائن کي هر هر نظرانداز ڪري رهيو آهي. هاڻي ته عرب ۽ خليجي ملڪن تي دٻاءُ وڌايو پيو وڃي ته هو نه رڳو اسرائيلي ڪارروائين جي مذمت نه ڪن، پر اسرائيل سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪن، جيئن معاهدي ابراهيم تحت ڏيکاريل "امن” جو خواب پورو ٿي سگهي. ياد رهي ته 2020ع ۾ آمريڪي دٻاءُ هيٺ متحده عرب امارات، بحرين، سوڊان ۽ مراڪش اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪيا، پر ڇا نتيجو نڪتو؟ ڇا امن قائم ٿيو؟ بلڪه اسرائيلي جارحيت کي وڌيڪ هٿي ملي. ان کان اڳ مصر (1979ع) ۽ اردن (1994ع) به اهڙا معاهدا ڪري چڪا هئا، پر فلسطيني مسئلو حل نه ٿيو آھي،
"معاهدو ابراھيمي” کي حضرت ابراهيم جي نالي سان منسوب ڪري مسلمانن کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته هي هڪ مقدس، بين المذاهب امن جو معاهدو آهي. پر حقيقت ۾ اهو رڳو سياسي ڍونگ آهي، جنهن جو مقصد عرب دنيا کان اسرائيل جي مڃتا حاصل ڪرڻ ۽ مزاحمتي تحريڪن کي ڪمزور ڪرڻ آهي.پاڪستان ۽ ٻين مسلمان ملڪن کي گهرجي ته اهڙا معاهدا مسئلو حل نه ڪندا، پر جارحيت کي وڌائيندا. جيستائين اسرائيل بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي بند نٿو ڪري، فلسطيني عوام کي حقِ خوداراديت نٿي ملي ۽ غزا مان محاصرو ختم نٿو ٿئي، تيستائين خطي ۾ حقيقي امن جو امڪان ممڪن نٿو لڳي.