بخشاپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان 2 عورتون قتل، هڪ نوجوان زخمي

بخشاپور (رپورٽ :زاهد بڊاڻي) بخشاپور ڀرسان پراڻي تڪرار تان ٻه عورتون قتل ٿي ويون، هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو، بخشاپور ويجهو ڳوٺ ٻڍو بنگوار ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙي دوران ڌرين جي هٿياربندن طرفان هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، 2 عورتون قتلٿي ويون، گوليون لڳڻ سبب نوجوان ممتاز بنگوار زخمي ٿي پيو، پوليس موجب گوليون لڳڻ سبب ٻه عورتون  مسمات رحيمان بنگوار ۽ ريشمان بنگوار قتل ٿي ويون،  پراڻي تڪرار تان جهيڙو هلندڙ هو، جوابدار ٻن عورتن کي قتل ۽ هڪ نوجوان کي زخمي ڪيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿيو  وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، ذريعن موجب، ٻنهي ڌرين ۾ ذاتي دشمني هلندڙ هئي، جيڪا اڄ خوني رنگ اختيار ڪري وئي، هٿياربندن هڪٻئي تي شديد فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 عورتون قتل ٿي ويون، جڏهن ته ٻن عورتن جي قتل بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال پکڙجي وئي، ذريعن موجب ڳوٺ بڊو خان ڀنگوار ۾ هڪ شخص غيرت جي نالي تي پنهنجي ٻن ڀينرن کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس کي واقعي جي اطلاع ملي ته اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ تفصيل معلوم ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ بخشاپور اسپتال منتقل ڪيا، پر اتي سهولتن جي کوٽ سبب لاش ڪشمور اسپتال منتقل ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.