لاڙڪاڻو( رپورٽ: ساجد علي تنيو ) لاڙڪاڻو يونيورسٽي ۾ داخلا سيٽن جو وڪرو، رشوت عيوض انٽرويو وٺڻ جا الزام، وڊيو وائرل، لاڙڪاڻو يونيورسٽي ۾ داخلا سيٽن جي مبينا وڪري بابت سنگينانڪشاف ٿيو آهي، شهر جي ايئرپورٽ روڊ تي قائم يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو ۾ داخلا واري عمل تي رشوت خوري جا الزام لڳايا ويا آهن، جيڪي تعليمي شعبي لاءِ ڳڻتي جوڳا قرار ڏنا ويا، 2025 واري بيچ لاءِ ٿيندڙ داخلا ٽيسٽ ۾ ميرٽ تي پاس ٿيندڙ ڪيترن ئي شاگردن جا انٽرويوز يونيورسٽي جي اڱڻ ۾ ڪرايا ويا، جتي مبينا طور ڪجهه شاگردن کان پئسا وٺي انهن کي انٽرويو لاءِ اندر داخل ڪيو ويو اهڙي عمل خلاف ڪيترن ئي شاگردن جي وارثن احتجاج ڪيو، ڪجهه وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، جن ۾ وائيس چانسلر جو ذاتي اسسٽنٽ (پي اي) رشوت وٺندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وائرل ٿيل وڊيوز ۾ صاف طور ڏيکاريو ويو ته وائيس چانسلر جو پي اي مبينا طور تي هڪ شاگرد کان پئسا وٺي ان کي انٽرويو لاءِ وٺي وڃي ٿو، جڏهن ته ٻيا شاگرد ۽ انهن جا والدين انتظار ڪندي سخت احتجاج ڪندا رهن. وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ الزام هيٺ آيل پي اي فرار ٿي ويو. احتجاج ڪندڙ والدين جو چوڻ آهي ته سندن ٻار ميرٽ تي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر پئسا نه هجڻ ڪري انهن کي انٽرويو کان محروم رکيو ويو، جيڪو واضح ناانصافي آهي. انهن اعليٰ عدالتن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ۽ سنڌ جي تعليم واري وزارت کان معاملي جي جاچ ۽ ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.