ٽرمپ ڀارت تي وڌيڪ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن/ نئين دهلي(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت مان درآمد ٿيندڙ شين تي وڌيڪ 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري ڇڏيو، جنهن کان پوءِ ڀارت تي مجموعي ٽيرف 50 سيڪڙو ٿي ويو، غير ملڪي خابرو اداري رائٽرز موجب، وائٽ هائوس ٻڌايو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران جاري ڪيل ايگزيڪيوٽو آرڊر تحت ڀارت تي اضافي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته ڀارت مان درآمد ٿيندڙ شين تي لاڳو موجوده 25 سيڪڙو ٽيرف کي ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر ’نمايان طور تي‘ وڌايو ويندو، ڇو ته نئين دهلي روس کان تيل جي خريد جاري رکيو آهي، ٽرمپ سي اين بي سي کي ٽيليويزن انٽرويو دوران چيو ته ڀارت سٺو واپاري ڀائيوار نه رهيو آهي، ڇو ته اهي اسان سان تمام گهڻو واپار ڪن ٿا، پر اسان انهن سان واپار نٿا ڪريون، ٻي پاسي ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال چيو آهي ته آمريڪا، ڀارت کي روس کان تيل وٺڻ تي نشانو بڻايو آهي، اسين هن ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته هي قدم غير منصفاڻو ۽ غير معقول آهي، ڀارت پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ هر قسم جا قدم کڻندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.