سنڌ جي ڊيلٽا ۾ تباهي جا منظر، 12 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور!

کارو ڇاڻ (عوامي آواز نيوز) سنڌو ڊيلٽا هاڻي هڪ خطرناڪ ماحولياتي تباهي جي منظر جو روپ اختيار ڪري چڪو آهي، جتي زندگيءَ جا بنيادي ذريعا خطري ۾ پئجي ويا آهن، اي ايف پي جي رپورٽ موجب ڊيلٽا شديد ماحولياتي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي، جتي سمنڊ جو کارو پاڻي علائقن تائين داخل ٿي چڪو آهي، لوڻياٺو پاڻي ڊيلٽا جي وڏي حصي کي ڳڙڪائي ويو آهي ۽ اٽڪل 80 سيڪڙو علائقو خشڪ ٿي چڪو آهي، کاروڇاڻ جا ڪيترائي ڳوٺ صفا هستي تان مٽجي ويا آهن، زراعت ۽ ماهي گيري تي ڀاڙيندڙ هزارين خاندان بي گهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 12 لک ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن، ڊيلٽا ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ گهٽتائي جا مکيه سبب نهري نظام، پن بجلي منصوبا ۽ موسمي تبديليون آهن، علائقي ۾ لوڻياٺ 70 سيڪڙو تائين وڌي ويون آهن، جنهن سبب فصلن سان گڏ مڇي، جھينگا جو نسل تباهه ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.