ڪراچي اوڀر (رپورٽ: آزاد نوناري ) ڪراچي ملير جي علائقي گلشن قادري مان ڪار سوار ھٿياربندن عابد نالي شھري اغوا ڪرڻ بعد ھٿ پير ٻڌي گولي ھڻي زخمي ڪرڻ بعد سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ ڦٽو ڪري فرار زخمي اسپتال داخل، ڪراچي ملير جي علائقي گلشن قادريڀرسان ڪار ۾ سوار اڻڄاتل ھٿياربندن شھري عابد علي کي اغوا ڪرڻ بعد سخت تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ ھٿياربندن شھري عابد جا ھٿ پير ٻڌي گولي ھڻي سائيٽ سپر ھاءِ وي ٿاڻي جي حد جمالي پل وٽ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو اتان گذرندڙ شھرين طرفان پوليس کي اطلاع ڏنو ويو زخمي شھري عابد علي علاج لاءِ اسپتال ڏانھن نيو ويو آھي، جڏھن ته گلشن واقعي جو وڌيڪ ڪارڻ معلوم نـ ٿي سگھيو.