ڪراچي (رپورٽر ) صحافين ۽ ٻين ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ لاءِ قائم سنڌ ڪميشن فار دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس جو اجلاس ڪالھ شام چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ آرڪائيوز ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ھيومن رائٽس خالد چاچڙ، سيڪريٽري اطلاعات جي نمائندگي ڪندي ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز ڊاڪٽر معيزالدين پيرزادو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ (ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز)، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس مان مظھر عباس، سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن جي نمائندگي ۾ ڊاڪٽر توصيف احمد خان، آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي پاران قاضي اسد عابد، ۽ ڪميشن جي سيڪريٽري سعيد ميمڻ شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سنڌ ۾ صحافين کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حلن بابت غور ڪيو ويو، خاص طور تي سکر ڊويزن سان لاڳاپيل صحافين نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر ۽ حيدر مستوئي جي ڪيسن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ڪميشن پاران سکر پوليس جي نمائندي ايس پي ليگل فدا حسين سولنگي کي اجلاس ۾ طلب ڪيو ويو ھو، جنهن نصرالله گڏاڻي ڪيس بابت ٻڌايو ته ٽي جوابدار اصغر لُنڊ، عبدالله لُنڊ ۽ برڪت لُنڊ نامزد ٿيل آهن، جن مان پهريون گرفتار، ٻيو ضمانت تي ۽ ٽيون روپوش آهي. وڌيڪ ٽي ڄڻا خالد لُنڊ، شهباز لُنڊ ۽ نور محمد لُنڊ جا نالا شروعاتي طور ڪيس ۾ اُڪسائيندڙ طور ڄاڻايا ويا هئا پر 9 مئي 2024 تي سکر هاءِ ڪورٽ بئنچ جي هدايتن تحت ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير حسين تنيو جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم کين بيگناھ قرار ڏنو. پوليس طرفان اصغر لُنڊ، عبدالله لُنڊ ۽ برڪت لُنڊ خلاف چالان دهشتگردي جي عدالت ميرپور ماٿيلو ۾ داخل ڪيو ويو آھي، جنهن جي ٻڌڻي 5 آگسٽ 2025 تي مقرر هئي.ڪميشن جي ميمبرن ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڊاڪٽر توصيف احمد خان پوليس رپورٽ کي ناقابل قبول ۽ مايوس ڪندڙ قرار ڏنو. انهن چيو ته متاثر خاندان کي خطرا درپيش آهن، ڇو ته جوابدار بااثر آهن ۽ برڪت لُنڊ اڃا تائين گرفتار نه ٿيو آهي. انهن پوليس جي غيرجانبداري تي سوال اٿاريا ۽ چيو ته اهڙي ماحول ۾ انصاف ملڻ مشڪل آهي. انهن مطالبو ڪيو ته ڪيس کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي منتقل ڪيو وڃي ته جيئن آزاديءَ سان انصاف ممڪن بڻجي. ڊاڪٽر توصيف چيو ته جيڪڏهن متاثر خاندان درخواست واپس به وٺي ته به ڪميشن جو اختيار ختم نه ٿيندو. ڪميشن پوليس جي جانبداري تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي پوليس کي هدايت ڏني ته برڪت لُنڊ کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايتن تحت چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ قانون ۾ تجويز ڪيل ترميمن جو مسودو ڪميشن آڏو پيش ڪيو، جن ۾ ڪميشن جي حڪمن جي تعميل نہ ڪندڙ آفيسرن کي سزا جو اختيار، ٻن عورت صحافين جي ميمبرشپ، AEMEND (ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا نيوز ايڊيٽرز ۽ ڊائريڪٽرز) مان هڪ نمائندي جي شموليت، ۽ غير سرڪاري ميمبرن جي مدي کي هڪ سال کان وڌائي ٽي سال ڪرڻ جون تجويزون شامل هيون. ڪميشن انهن سڀني ترميمن کي متفقه طور منظور ڪري ورتو. ڪميشن مالي سال 2024-25 جي بجيٽ خرچن جي به منظوري ڏني.چيئرمين اعجاز احمد ميمڻ ڪميشن کي آگاهي ڏني ته سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ سڀني ميڊيا هائوسز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته صحافين لاءِ لازمي حفاظتي تربيت ۽ لائف انشورنس ڪرائي وڃي. گڏوگڏ انهن کان چيو ويو آهي ته پنهنجن ادارن ۾ ڪم ڪندڙ صحافين جي ڊيٽا ڪميشن سان شيئر ڪئي وڃي ته جيئن اثرائتيون پاليسيون ٺاھي سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تحت ميڊيا مالڪن کي صوبائي حڪومت جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري پاليسي تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ پڻ خط لکيو ويو آهي.آخر ۾ پي ايف يو جي اسلام آباد جي اڳواڻن افضل بٽ ۽ آصف بشير چوڌري ڪميشن سيڪريٽريٽ جو دورو ڪيو ۽ ميمبرن سان ملاقات ڪئي. هنن چيو ته اهڙا ادارا ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به قائم ٿيڻ گهرجن.