واپاري خساري ۾ 44 سيڪڙو جي وڏي واڌ

 اسلام آباد(بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال 26_2025 جي پهرين مهيني جولاءِ ۾ سالياني بنيادن تي واپاري خسارو 44.16 سيڪڙو جي وڏي واڌ سان 2 ارب 75 ڪروڙ 20 لک ڊالر تائين پهچي ويو آهي. پاڪستان جي ڳڻپ کاتي پاران جولاءِ 2025 جا جاري ڪيل واپاري انگ اکر ٻڌائين ٿا ته گذريل مهيني برآمد ۾ سالياني بنيادن تي 16.91 سيڪڙو ۽ ماهوار بنيادن تي 8.88 سيڪڙو واڌ آئي، جنهن سان برآمد جو حجم 2 ارب 69 ڪروڙ 70 لک ڊالر رڪارڊ ٿيو. ڳڻپ اداري مطابق جولاءِ 2025 ۾ درآمد ۾ به سالياني بنيادن تي 29.25 سيڪڙو ۽ ماهوار بنيادن تي 12.37 سيڪڙو واڌ آئي، جڏهن ته درآمدات جو مجموعي حجم 5 ارب 44 ڪروڙ 90 لک ڊالر رهيو. انگ اکرن مان اهو به ظاهر ٿيو آهي ته جولاءِ ۾ واپاري خسارو سالياني بنيادن تي 44.16 سيڪڙو ۽ ماهوار بنيادن تي 16.02 سيڪڙو واڌ سان 2 ارب 75 ڪروڙ 20 لک ڊالر تائين پهتو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.