راولپنڊي(م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته جيڪي ماڻهو نااهل ٿيا آهن، انهن جي سيٽن تي ڪنهن کي بيهاريو نه ويندو، اسان جي ماڻهن کي ناجائز طريقي سان نااهل ڪيو ويو آهي، اها ڳالهه اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات کان پوءِ سندس ڀينرن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، عليما خان چيو ته باني احتجاج لاءِ 14 آگسٽ جي نئين تاريخ ڏني ۽ چيو آهي ته عوام کي حقيقي آزادي لاءِ بيهڻو پوندو، ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ختم ٿي چڪي آهي، 14 آگسٽ تي سڀ ماڻهو ٻاهر نڪرن، باني پنهنجي قيادت کي به پيغام ڏنو آهي ته جيلن ۽ گرفتاريءَ کان نه ڊڄن، عليما چيو ته الله جو شڪر آهي، هڪ ڀيڻ عظميٰ خان جي باني ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقات ٿي، اسان ٽيئي ڀينرون اڊيالا جيل ٻاهران موجود هئاسين، باني ٻارن جي پاڪستان اچڻ بابت پڇاڻو ڪيو آهي، هو ڪالهوڪي احتجاج تي تمام خوش ٿيو، باني ظلم، زيادتي ۽ دٻاءُ جي باوجود ماڻهن جي احتجاج تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي.