پشاور هاءِ ڪورٽ شبلي فراز ۽ عمر ايوب خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

پشاور( م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ، پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن عمر ايوب ۽ شبلي فراز خلاف اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ شبلي فراز ۽ عمر ايوب جي نااهلي جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو ته 5 آگسٽ جي نوٽيفڪيشن تحت درخواست ڏيندڙن خلاف وڌيڪ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته درخواست ڏيندڙ فيصل آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مان سزايافته آهن. وڪيل چيو ته سزا واري فيصلي جي وقت درخواست ڏيندڙ عدالت ۾ موجود نه هئا، ۽ هاڻ هو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سزا خلاف اپيل ڪرڻ چاهين ٿا. اليڪشن ڪميشن درخواست ڏيندڙن کي بنا ٻڌڻ جي نااهل قرار ڏنو. عدالت، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.